سُوره قريش مَڪي آھي ۽ ھي چار آيتون آھي

الله ٻاجھاري مھربان جي نالي سان (شروع)

1. قريشين کي اُلفت ڏيارڻ لاءِ.
2. جو سياري ۽ اونھاري جي سفر سببان کين اُلفت ڏيارڻ آھي.
3. تنھنڪري گُھرجين ته ھِن گھر جي (انھيءَ) پالڻھار جي عبادت ڪن.
4. جنھن کين بُک ۾ کاڄ کاريايو، ۽ کين ڀؤ کان امن ڏنو.