سُوره قيامت مڪي آھي ۽ ھي چاليهه آيتون ٻه رڪوع آھي

الله ٻاجھاري مھربان جي نالي سان (شروع)

1. قيامت جي ڏينھن جو قسم کڻان ٿو.

2. ۽ ملامت ڪرڻ واري نفس جو قسم ٿو کڻان (ته قيامت ۾ سڀ اُٿندا).

3. ماڻھو ڀائيندو آھي ڇا ته سندس ھڏا ڪڏھن گڏ نه ڪنداسون.

4. ھائو! سنديس آڱرين جي ڏوڏين جي سڌي ڪرڻ تي وسوارا آھيون.

5. بلڪ ماڻھو ھي گھرندو آھي ته پنھنجي اڳ (جي وقت) لاءِ گناھ ڪري.

6. پڇي ٿو ته قيامت جو ڏينھن ڪڏھن ٿيندو؟

7. پوءِ جڏھن اکيون ڦاٽي وينديون.

8. ۽ چنڊ گرھبو.

9. ۽ سج ۽ چنڊ (ھڪ جاءِ) گڏ ڪبا.

10. (تڏھن) چوندو ماڻھو ته ڀڄڻ جي واھ ڪٿي آھي؟

11. نه نه! ڪا واھ ڪانھي.

12. تنھنجي پالڻھار وٽ اُن ڏينھن ٽڪاءُ جو ھنڌ آھي.

13. اُن ڏينھن ماڻھوءَ کي (انھيءَ بابت) خبردار ڪبو جيڪي اڳي موڪليو ھوائين ۽ پوئتي رھايائين.

14. بلڪ ماڻھو پنھنجي لاءِ (پاڻ) ھڪ حُجت آھي.

15. توڻيڪ پنھنجا بھانا پيش پيو ڪري.

16. (اي پيغمبر وحي جي) قرآن پڙھڻ مھل پنھنجي زبان کي (ھن لاءِ) نه چور ته اُھو جلدي (ياد ڪري) وٺين.

17. ڇوته (تنھنجي سيني ۾) قرآن جو گڏ ڪرڻ ۽ اُن جو پڙھڻ (آسان ڪرڻ) اسان جي ذمي آھي.

18. پوءِ جڏھن قرآن (ملائڪ کان) پڙھايون تڏھن (پنھنجي دل) اُنجي پڙھڻ جي پٺيان لڳاءِ.

19. وري بيشڪ اُنجو پڌرو ڪرڻ اسان جي ذمي آھي.

20. نه نه! بلڪ (اي ڪافرؤ) دنيا کي دوست رکندا آھيو.

21. ۽ آخرت کي ڇڏيندا آھيو.

22. ڪي مُنھن اُن ڏينھن سرھا ھوندا.

23. پنھنجي پالڻھار ڏانھن ڏسندڙ ھوندا.

24. ۽ ڪي مُنھن اُن ڏينھن ڪارا ٿيل ھوندا.

25. ڀانئيندا ته ساڻن پٺيءَ توڙ معاملو ڪيو ويندؤ.

26. نه نه! جڏھن (ساھ) نِڙ گھٽ تي پھچندو.

27. ۽ چيو ويندو ته ڪو، ڦيڻو رکڻ وارو آھي.

28. ۽ ڀانئيندو ته (ھاڻي روح جي) جُدا ٿيڻ (جو) وقت اچي ويو.

29. ۽ ھڪ پِني ٻئي پِنيءَ سان وچڙندي.

30. اُن ڏينھن تنھنجي پالڻھار وٽ ھلڻو آھي.

31. پوءِ نڪي (الله جي ڪلام کي) سچو ڪيائين ۽ نڪي نماز پڙھيائين.

32. پر ڪوڙ ڀانيائين ۽ منھن موڙيائين.

33. وري پنھنجي گھر وارن ڏانھن آڪڙجي ھليو.

34. توتي خرابي ھجي پوءِ توتي خرابي ھجي.

35. وري (ٻيھر چوان ٿو ته) توتي خرابي ھجي.

36. ماڻھو (ايئن) ڀانئي ٿو ڇا ته (کيس) بيڪار ڇڏي ڏبو.

37. (اھو) منيءَ جو ٽيپو نه ھو ڇا جو (ماءُ جي ڳڀيرڻ ۾) اڇليو ٿي ويو.

38. وري (رت ۾) دڳ ھو پوءِ الله (اُن کي) بڻايو ۽ اُن کي سئين لڱين ڪيائين.

39. پوءِ منيءَ مان ٻه جنسون نَر ۽ مادي بڻايائين.

40. اھو الله ھن (ڳالھ) تي وس وارو نه آھي ڇا جو مُئن کي جياري؟