سُوره عصر مڪي آھي ۽ ھي ٽي آيتون آھي

الله ٻاجھاري مھربان جي نالي سان (شروع)

1. پوياڙيءَ جو قسم آھي.
2. ته بيشڪ ماڻھو گھاٽي ۾ آھي.
3. سواءِ انھن جي جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ ھڪ ٻئي کي سچ جي وصيّت ڪيائون، ۽ ھڪ ٻئي کي صبر جي وصّيت ڪيائون.