سُوره اعليٰ مڪي آھي ۽ ھي اڻويهه آيتون آھي

الله ٻاجھاري مھربان جي نالي سان (شروع)

1. (اي پيغمبر) اُنھي پنھنجي تمام مٿاھين پالڻھار جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر.

2. جنھن (ساري مخلوق کي) خلقيو پوءِ سنئين لڱين ڪيائين.

3. ۽ جنھن اندازو ڪيو پوءِ رستو ڏيکاريائين.

4. ۽ جنھن تازو گاھ ڄمايو.

5. پوءِ اُن کي سُڪو سڙيو ڪيائين.

6. اسين توکي (قرآن) پاڙھينداسون پوءِ نه وساريندين.

7. مگر جيڪي الله گھريو آھي، بيشڪ اُھو ظاھر کي ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي ڳُجھو آھي تنھن کي (به).

8. ۽ آسان رستو توکي سنھنجو ڪري ڏينداسين.

9. پوءِ جيڪڏھن نصيحت ڏئڻ فائدو ڪري ته نصيحت ڪر.

10. جيڪو ڊڄندو سو سُتت سمجھ وٺندو.

11. ۽ اُن (نصيحت وٺڻ) کان (اُھو) تمام نڀاڳو پاسو ڪندو.

12. جو وڏيءَ باھ ۾ پوندو.

13. وري نڪي اُتي مرندو ۽ نڪي جيئرو رھندو.

14. بيشڪ اُھو ڇٽو جيڪو سڌريو.

15. ۽ پڻ پنھنجي پالڻھار جو نالو ياد ڪري نماز پڙھندو رھيو.

16. بلڪ دُنيا جي حياتيءَ کي (آخرت کان) پسند ڪندا آھيو.

17. ۽ (حقيقت ڪري) آخرت ڀَلي آھي ۽ ھميشه رھڻ واري آھي.

18. بيشڪ ھيءَ (بيان) پھرين صحيفن ۾ (به لکيل) آھي.

19. جي صحيفا ابراھيم ۽ مُوسىٰ جا آھن.