پراڻو سنڌي انسٽالر

هي اوائلي سنڌي انسٽالر ونڊوز  لاءِ ٺاهي رکيو ويو ھئو، جيڪو سڀني جي استعمال لاءِ مھيا ڪيو ويو ھئو، جنھن وسيلي شروعاتي ونڊوز جھڙوڪ 95، کان پوءِ ايڪس پيءَ ويندي ونڊوز 7 تائين پرسنل ڪمپيوٽرن ۾ مناسب سنڌي سپورٽ انسٽال ڪري، ان ۾ سنڌي ۾ ڪم ڪري سگهجي پيو. ھاڻي جديد ونڊوز اچي ويا آھن ۽ يونيڪوڊ ۾ پوري سنڌي اچڻ کان پوءِ نون ورزين وارا انسٽالر جوڙي رکيا ويا آھن. ھاڻي ھن انسٽالر جي ڪا ضرورت ناھي رھي، پر رڪارڊ لاءِ ھتي رکيو پيو وڃي.