سنڌي لکت لاءِ ”ھ“ جون گهربل شڪليون

شبير ڪنڀار

عربي رسم الخط ۾ ”ھ“ جون ڪيتريون ئي شڪليون آهن ۽ انهن ۾ لکت جي ڦير جي ڪري مڙني جي ڪوڊنگ پڻ ڌار ڌار آھي. قرآن پاڪ جا نسخا ڏسبا تہ انهن مان ”ھ“ جي لکتن جي اھڙن ڦيرن جي پروڙ پوندي، ڌيان ۾ رھي تہ اھي نسخا گهڻو ڪري خطاطن پاران وڏي مھارت سان ڪيل ھٿ لکتون آھن. ٽائپسيٽنگ، ڪمپيوٽر وسيلي يا ان کان اڳ جيئن ٿيندي هئي، سا هٿ سان لکيل خطاطيءَ کي آٽوميٽ ڪرڻ جي ھڪ ڪوشش آهي، جيڪا سدائين ڪمال تائين پھچڻ جو جھد تہ ڪري ٿي پر پھچي نہ ٿي سگهي ۽ ان ۾ سٺائي آڻڻ توڙي اوڻاين کي ختم ڪرڻ يا وڌ ۾ وڌ حد تائين گهٽائڻ جون ڪوششون اڄ بہ جاري آهن.

عربي اسڪرپٽ جي بنياد تي سنڌي ٻوليءَ لاءِ سائين عبدالماجد ڀرڳڙيءَ جا ٺاھيل فونٽ پڻ اھڙي ھٿ لکت کي مشيني روپ ڏيڻ جو وڏو مثال آهن. جيتوڻيڪ اھي پراڻي ٽائپ کان گهڻو وڌيڪ مؤثر ۽ فنڪشنل آهن، تڏھن بہ ھٿ لکت جي معيار تي سورھن آنا پورا ٿي نٿا سگهن، ڇاڪاڻ تہ ٽيڪنالاجيءَ ۾ اکري بيھڪ جو حتمي فيصلو مشين ڪري ٿي تنھنڪري اوڻهيائي ويھائيءَ جو امڪان سدائين رھي رھي ٿو. پر ان ھوندي بہ ان ۾ لڳاتار سڌار ۽ واڌارا ايندا رھن ٿا. مثال: اڳي اکرن کي درست نموني اعرابون ڏيڻ وڏو مسئلو هوندو هو، جيڪو هاڻي لڳ ڀڳ حل ٿي چڪو آهي.

فانٽ جي ڊيزائننگ هڪڙو هلندڙ ڪم آهي ۽ ان ۾ سڌاري جي گنجائش سدائين آهي ۽ رهندي. تنھنڪري معياري گهرجن پٽاندر جوڙيل مڪمل ترين فونٽ جي انتظار ۾ تہ ويھي رھڻ ھرگز ڪين جڳائي، پر ان جي بدران لڳاتار ڪم ڪرڻ جي گهرج ضرور آھي. سنڌيءَ ۾ ڪتب ايندڙ فانٽس ۾ پڻ بھتريءَ جي گنجائش يقيني آهي ۽ انهي تي ڪم ھلندڙ آهي ۽ اميد آهي تہ ان جو پورائو ڊزائنر ۽ ڊيولپر وقت ۽ گهرج آهر ڪندا رهندا. پر تڏھن بہ زمانو جيئن جيئن مٽجندو رھندو تيئن تيئن گهرجون پڻ مٽجنديون رھنديون ۽ اھو سلسلو ساندھ پيو ھلندو.

”يونيڪوڊ“ پاران جاري ڪيل، اکري ۽ علامتي ڪوڊنگ چارٽ ۾ دنيا جي ٻين ٻولين سان گڏ عربي اسڪرپٽ جا سڀئي اکر ۽ علامتون وغيرہ اچي وڃن ٿيون. ھي چارٽ دنيا جي ٻولين جي ماهرن پاران ڏنل ماھراڻين صلاحن آڌار ترتيب ڏنل آھي. ان چارٽ ۾ جنھن ٻوليءَ جي اکري يا علامتي گهرجن پٽاندر ڪي اوڻايون رهجي وڃن ٿيون، تنھن ٻوليءَ جا ماهرن ۽ ادارا، يونيڪوڊ ڪنسورشيم سان لھ وچڙ ۾ اچي، اداري جو ڌيان انهن اوڻاين ڏاھن ڇڪائي  اھڙيون درستگيون ڪرائين ٿا.

يونيڪوڊ چارٽ ۾ هن وقت تائين، عربي اسڪرپٽ آڌار ”ھ“ جا بنيادي طرح ٽي روپ آھن ۽ ھرھڪ روپ جون وري چار چار شڪيلون (بنيادي، مھڙ واري، وچين ۽ پوياڙيءَ واري) ھيٺين ريت ٿين ٿيون:

ياد رھي تہ ”ھ“ جون مٿيون مڙئي شڪليون پنھنجي ڌار ڌار ڪوڊنگ سان اڳ ۾ اھڙيءَ ريت ميسر نہ ھيون. ان سلسلي ۾ سائين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جن جو چوڻ آهي تہ سال 2001ع ۾ مائڪروسافٽ جي ٻولين جي پروگرامنگ جي بين الاقوامي شھرت جي حامل ماهر مسٽر پال نيلسن جي رهنمائي ۾ پاڻ (محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب) ڪافي ڪوششون ورتيون ۽ ڪيترن ئي رخن توڙي طريقن سان جاچيو ۽ ان جا مختلف حل سوچيا جن جي روشنيءَ ۾ مسٽر پال نيلس بين الاقوامي اداري يونيڪوڊ ڪنسورشم سان بہ رابطو ڪيو پر انهن چيو تہ اسان هر ٻولي لاءِ ايئن نوان روپ شامل ڪري نٿا سگهون ۽ اهو معاملو فونٽ ٽيڪنالاجي سطح تي ئي حل ڪيو وڃي. تنھنڪري سنڌي فونٽس ۾ ”ھ“ جي گهربل شڪلين واري مسئلي کي سنڌيءَ جي حساب سان لوڪل سطح تي ئي ھم آھنگ ڪري حل ڪيو ويو. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي لکت لاءِ ڪتب ايندڙ ”ھ“ جون موزون شڪليون رڳو سنڌيءَ لاءِ ٺاهيل فانٽن ۾ ميسر ٿيون ۽ اهو ساڳيو متن جڏھن ڪنھن عربي يا فارسي لاءِ ڪتب ايندڙ فانٽ ۾ ڏسبو تہ منجهن ”ھ“ جي شڪل دُرست ڏسڻ ۾ نہ ايندي (جيئن انٽرنيٽ تي سنڌي لکت جو ڏيک). هُجڻ تہ ايئن گهربو ھو تہ يونيڪوڊ جي آڌار ٺھيل ڪنھن بہ فانٽ ۾ ڏيکاريل ڪو بہ اکر جتي ڪٿي (سڄي دنيا) ۾ ساڳيو ڏسڻ ۾ اچي. پر ڇاڪاڻ تہ ڪوڊنگ جي اڻھوند جي ڪري اصولن کي اورانگهي اھڙيون تبديلون لوڪل سطح تي ڪري تنھن وقت مڙئي گاڏو ڌڪيو ويو.

زماني سان گڏ ٽيڪنالاجي پڻ مٽجندي رھي ٿي، سو ھڪ وقت آيو جڏھن ”يونيڪوڊ ڪنسورشيم“ پاران اکري ڪوڊنگ جي چارٽ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لاءِ ڪتب ايندڙ ”ھ“ جي مڙني شڪلين کي ڪوڊنگ جاري ڪئي وئي. ترت پوءِ اسان اھڙي انائونسمينٽ ”سنڌي ڪمپيوٽنگ“ گروپ تان مڙني مانائتن سنڌي فانٽ ڊولپرس لاءِ رکي ۽ ان ۾ ”ھ“ جي شڪلين جي آڌار جوڙيل ڪوڊنگ جو چارٽ پڻ جاري ڪيو تہ جيئن ھو ان کي ڏسي پنھنجي فانٽن کي اپڊيٽ ڪري ٻوليءَ کي درپيش ھھڙو ڳنڀير مونجهارو ختم ڪرڻ ۾ پاڻ ملهائين. ڇاڪاڻ تہ ”ھ“ جي شڪلين جي ڦير جي بنياد تي ئي سنڌي ٻوليءَ ۾ اکرن وارو وسرڳي مونجهارو پڻ ختم ٿيندو.

ھيٺ چند مثال ڏسو:

ايئن اپريل 2018ع ۾ ايم بي سنڌيءَ جي ايس ڪي 2.0 جي نالي سان اپڊيٽ جاري ڪئي ويئي، جنھن ۾ ڪيبورڊ جي ڪوڊنگ سان گڏوگڏ سنڌي لکت لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪتب ايندڙ چونڊ 24 عدد معياري فانٽس جي پڻ اپڊيٽ جاري ڪئي وئي جنھن ۾ ”ھ“ جي مڙني شڪلين کي درست ڪري رکيو ويو. اپڊيٽ ڪيل فانٽن ۾، سنڌي لکت لاءِ ”ھ“ جي گهربل مڙني شڪلين جو واھپو ڏسو:

”ھ“ جي شڪلين جي درست لکت لاءِ سڀ کان پھرين ”ايم بي سنڌي ايس ڪي 2.0“ ڪيبورڊ ۽ فانٽن جي اپڊيٽ ايس ڪي 2.0 انسٽال ڪريو ۽ پوءِ ڪيبورڊ ۾ موجود بٽڻ کي ھيٺينءَ ريت ڪتب آڻيو:

عام لکت ۾ جتي ڪٿي ڪتب ايندڙ ”ھ“ کي ٽائيپ ڪبو: h سان نمونو: ھ، ھھڙو، جھڙو، گھرو وغيرہ.

وسرڳي اکرن لاءِ ڪتب ايندڙ ”ھ“ کي ٽائيپ ڪبو ساڄي ھٿ واري  alt+h سان نمونو: ه، جهنگ، جهڪ، ملهہ وغيرہ.

اکرن جي پڇڙ ٺاھڻ لاءِ ڪتب ايندڙ ”ـہ“ کي ٽائيپ ڪبو: shift+i نمونو: ہ، رشيدہ، حميدہ، علاوہ وغيرہ.