پراڻيءَ سائيٽ تي شاه سائين جي رسالي ۽ سچل سائين جي سنڌي ڪلام جي انٽرنيٽ تي اشاعت کان پوءِ، ڌڻي پاڪ جي مهرباني سان قرآن پاڪ جي سنڌي ترجمي جي اشاعت به نصيب ۾ آئي هئي ۽ اهو ترجمو هاڻي هتي نئين سائيٽ تي به حاضر خدمت آهي.

بهترين کان بهترين ترجمو به ترجمي ڪندڙ جي قرآن ڪريم جي هڪ سمجھاڻي کان وڌيڪ حيثيت ڪونه ٿو رکي. قرآن پاڪ، جيڪو علم ۽ دانش جو اڻ کٽ سمنڊ آهي، تنهنجي گهرائي ۽ وسعت جو احاطو ڪو به ترجمون ڪري نه ٿو سگھي. ترجمي جي مطالعي دوران انهي حقيقت کان ڪنهن به لحظي غافل نه ٿئجي ۽ ترجمي کي قرآن پاڪ جي مطالعي يا پڙهڻ جو نعم البدل ڪڏهن به نه ڪري ڄاڻجي.

اسان سنڌي سمجھاڻي لاءِ حضرت تاج محمود امروٽي صاحب جو ڪيل سنڌي ترجمون چونڊيو آهي جنهن جو شمار سنڌي ٻوليءَ جي مستند ترجمن ۾ ڪيو ويندو آهي. هتي نئين سائيٽ تي اها به ڀلي ڳالهه پڙهندڙن کي ٻڌائجي ٿي ته هاڻي هتي اوهان قرآن پاڪ جي تلاوت قرآت جي صورت ۾ پڻ ٻڌي سگھندا ۽ ان سان گڏ هي ترجمو پڻ سوليءَ سنڌي ۾ ٻڌڻ جو شرف حاصل ڪري سگھو ٿا. هتي اهو به اضافي طور ت عرض رکجي ته آڊيو فائيل اسان الفجر ٽرسٽ جي ٿورن سان کنيا آهن. جنهن ۾ قرآت جو شرف قاري خوشي محمد الاظهري جن کي نصيب ٿيو آهي ته ترجمي وارو سنڌي آواز مولانا گل حسن نعيمي صاحب جن کي مليو آهي.

هن نيڪ ڪم ۾ منهنجو ٻانهن ٻيلي سڄڻ شاه نواز سومرو رهيو جنهن سموري ٽيڪسٽ اينٽري پاڻ اڪيلي سر ڪئي. ڌڻي پاڪ کيس ان ڪار خير جو اجر عظيم ڏيندو. آمين.
دعائن جو طالب
عبدالماجد ڀرڳڙي
جنوري 2013