سُوره قارعه مڪي آھي ۽ ھي يارھن آيتون آھي

الله ٻاجھاري مھربان جي نالي سان (شروع)

1. سخت ٺوڪيندڙ.
2. (اُھا) سخت ٺوڪيندڙ ڇا آھي؟
3. ۽ ڪنھن سمجھايئي ته (اُھا) سخت ٺوڪيندڙ ڇا آھي؟
4. جنھن ڏينھن ماڻھو پکيڙيلن پتنگن جان ھوندا.
5. ۽ جبل تنبيل رڱيل اُن جان ھوندا.
6. پوءِ جنھن (جي عملن) جا ترارا ڳرا ٿيا.
7. سو دلپسند گذران ۾ ھوندو.
8. ۽ جنھن (جي عملن) جا ترارا ھلڪا ٿيا.
9. تنھن (جي رھڻ) جي جاءِ ھاوِيَه آھي.
10. ۽ ڪنھن سمجھايئي ته ھاويه ڇا آھي؟
11. ھڪ ٻرندڙ باھ آھي.