سُوره تين مَڪي آھي ۽ ھي اَٺ آيتون آھي

الله ٻاجھاري مھربان جي نالي سان (شروع)

1. انجير ۽ زيتون جو قسم آھي.
2. ۽ طُور سينا جو.
3. ۽ ھِن اَمن واري شھر (مڪي) جو.
4. ته بيشڪ ماڻھوءَ کي تمام سھڻي نموني پيدا ڪيوسون.
5. وري سڀني ھيٺاھين کان ھيٺ موٽايوسونس.
6. پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اَڻ کُٽ اجر آھي.
7. پوءِ (اي ماڻھو) ھن (نصيحت) پڄاڻا ڪھڙي شيءِ توکي عملن جي بدلي ملڻ بابت منڪر بڻائي ٿي؟
8. حاڪمن جو وڏو حاڪم الله نه آھي ڇا؟