سچ جا رسالا

رب پاڪ هن ڌرتيءَ تي هر انسان جي ڀلائيءَ ۽ رهنمائيءَ لاءِ لکين پيغمبر ۽ ولي موڪليا آهن، جن پنھنجي خطي ۽ وقت آڌار، سولي ٻوليءَ ۾ ماڻهن کي زندگيءَ جو مُول مقصد سمجهايو آهي. اسان جي پاڪ پيغمبر سرور ڪونين حضرت محمد صلي الله عليه وآله والسلم جي هن ڌرتيءَ تي آمد کان پوءِ نبوت جو سلسلو آخر ٿيو ۽ ائين تا قيامت اسان وٽ نگھباني ۽ رهنمائيءَ لاءِ پاڪ ڪتاب قرآن مجيد آندو ويو جيڪو ابد تائين انسانن جي ڀلائيءَ لاءِ قائم ۽ دائم آهي. وري ولايت جي سلسلي ۾ هن دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ انسانن جي ڀلائيءَ ۽ جسماني اوسر سان گڏوگڏ روحاني رمزن ۽ اتم مقامن تائين پھچڻ لاءِ انتھائي سولي ٻوليءَ ۾ مقامي ماڻهن کي عدم تشدد ۽ رواداريءَ جو پيغام پنهنجي ڪلام ذريعي ولي الله جن ڏنو آهي.

اسان جي سونھاري سنڌ قدرت جي اڪيچار نعمتن سان مالامال جيڪا صدين کان هن پوري دنيا جي گولي تي قديم تھذيب جي روپ ۾ نروار ئي رهي آهي اتي ويدن کان وٺي سرڪار شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ ۽ سچل سرمست تائين حق ۽ سچ جو پيغام پوري دنيا جي ماڻهن کي ڏنو آهي، جن جي ڪلام جو هر هڪ بيت پنهنجي اندر علم جا بي بھا سمنڊ کنيون اسان سڀني کي فطرت جو اهو ازلي پيغام ڏئي ٿو تہ پاڻ بہ جيئو ۽ ٻين کي بہ سُھڻي زندگي جيئڻ ڏيو. ذاتي هٻڇن ۽ لالچن کي وٿيرڪو ڪري اجتماعي طور تي انسانذات، پکي پُکڻ، وڻ ٽڻ لاءِ بھتر سوچيو ۽ بھتريءَ لاءِ ننڊ ۽ سُستيءَ کي ڇڏي ڪجهہ ڪريو. جنھن سان هيءَ ڌرتي امن ۽ خوشحاليءَ جو نمونو بنجي وڃي. ان ئي سُھڻي امن ۽ آشتيءَ واري پيغام جي سلسلي ۾ اسان جي سنڌ ڌرتيءَ جا ٻہ املهہ ماڻڪ آهن شاه جو رسالو ۽ سچل سرمست جو ڪلام. اسان کي بي پناھ خوشي آهي تہ هن سائيٽ تي اسان اهي ٻئي ازلي ڪلام مختلف برقي نمونن سان رکيا ويا آهن تہ جيئن سڀ دوست هن ڪلام جي مفھوم کي بھتر نموني سان پڙهي سگهن ۽ برقي ڪتابن جي صورت ۾ اهي پنھنجي ڪمپيوٽرن تي ڊائون لوڊ بہ ڪري پاڻ وٽ محفوظ ڪن.