ڪُجهہ ڀرڳڙي ڊاٽ ڪام ويب سائيٽ جي باري ۾

مون پھرين سنڌي ويب سائيٽ 2001 ۾ ٺاهي هئي، انھن ڏينھن ۾ اھا دنيا جي پھرين سنڌي ويب سائيٽ طور ظاھر ٿي ھئي. اڳتي هلي، ان کي بھتر روپ ڏيئي، ڀرڳڙي ڊاٽ ڪام جي روپ ۾ 2005 دنيا جي نظرن سامھون آندي هيم. ان مھل اها ويب سائيٽ ان وقت جي جديد پروگرامنگ يعني پي ايڇ پي تي جوڙي، جنھن ۾ فونٽ ايمبيڊنگ ٽيڪنالاجي، سي ايس ايس وغيرہ جي آڌار تي اهڙي نموني ٺاهي وئي ھئي جيڪا ان وقت جي رائج هر قسم جي برائوزرن ۽ ڪمپيوٽر سسسٽمز تي سنڌي لکڻيءَ کي هوبھو ائين پئي ڏيکاري جيئن اسان صورتخطيءَ ۾ لکندا آهيون. مان شروعاتي فونٽ ان سائيٽ تي رکي نموني خاطر سڀني برائوزرن تي پاڻ تپاسيا ۽ گهربل نتيجا پسي محسوس ڪيو تہ هاڻي سنڌي ٻولي دنيا جي سڀني شاهوڪار ٻولين جيان انٽرنيٽ تي دنيا جي هر هڪ ملڪ ۽ هر ڪمپيوٽر تان نہ صرف پڙهي سگهجي ٿي پر اها لکي بہ سگهجي ٿي. ان وقت مان وت ۽ وس آهر قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمو، ڀٽ ڌڻيءَ جو رسالو ۽ ان سان گڏ سچل سرمست جو سنڌي ڪلام بہ پنھنجي ويب سائيٽ تي شايع ڪري انٽرنيٽ جي دنيا ۾ انھن املهہ ماڻڪن کي محفوظ ڪيو. پر وقت سان گڏوگڏ ٽيڪنالاجي بہ ترقي ڪندي رھي ٿي. ائين اها ويب سائيٽ هڪ رول ماڊل بڻجي وئي جنھن کي ڏسندي ٻين دوستن ۽ پوءِ ادارن ۾ بہ اتساھ پيدا ٿيو ۽ ايئن سنڌي جو ويب سائيٽون انٽرنيٽ جي دنيا کي سينگارڻ لڳيون ۽ پھريون ڀيرو سائبر اسپيس ۾ اسان جي ٻوليءَ جي سڃاڻپ ٿيڻ لڳي ۽ اها پنھنجي هجڻ جو احساس ڏيارڻ لڳي.

2013 ۾ مان جڏهن 2004 تائين جي ڇڙو انٽرنيٽ جي پروگرامنگ تي ئي نظر گهمائي ھئي تہ تمام وڏيون تبديليون انقلابي طرح سان پرکيون ھئم. مثال ڪمپيوٽرن جو ئي مثال جيڪڏهن ورتو تہ ويھن سالن ۾ اڌ مڻ تور وارن ڊيسڪ ٽاپ ڪمپيوٽرن مان ان وقت وڃي اڌ ڪلي جيتري وزن وارن ليپ ٽاپن تي ٽيڪنالاجي پھچي اڃان ٻہ وکون اڳتي چڪي ھئي. تمام گهڻيءَ تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي سبب ڪجهہ ئي مھينن ۾ هٿ جي تريءَ جي اڌ ماپ جيترا پام ٽاپ سڄي دنيا جي ماڻهن جي دسترس ۾ اچڻ شروع ٿي ويا ھئا. موبائل ٽيڪنالاجي بہ ايتري تہ ترقي ڪري وئي ھئي جو اهو وقت ڏورانھون ڪونہ پيو لڳي جڏهن ماڻهو انھن موبائلن تان سڄي آفيس جو ڪم نبيريندا. انٽرنيٽ جي اوائلي پروگرامنگ، جيڪا بنيادي ٻوليءَ يعني ”ايڇ ٽي ايم ايل“ تي ٻڌل هوندي هئي، سا هاڻي جديد ترين ٻولي ”پي ايڇ پي“ ۽ ان کي بہ ٻہ وکون پوئتي ڪندي  نئين نئين ڪمپيوٽيشنل پروگرامن تي روان دوان لڳي ھئي. جديد سماجي ويب سائيٽون، جن ۾ فيس بڪ يا ٽويئٽر نمايان ٿي چڪا ھئا، اھي جديد پروگرامنگ تي اپڊيٽ ٿيندا رھن پيا جيڪي انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ کي ان ئي صفحي تي بغير ڪنھن ٻي بٽڻ دٻائڻ جي سڄي دنيا جي چرپر بابت آگاھ ڪن پيا.

انھن تبديلين کي سامھون رکندي، مون کي ڪجهہ وقت کان احساس ٿيو ھئو تہ ڀرڳڙي ڊاٽ ڪام واري ويب سائيٽ کي ٽيڪنالاجيءَ ۾ انقلابي تبديلين سان ھم آھنگ ڪرڻ جو وقت اچي ويو ھئو. ائين، جديد پروگرامنگ جا طريقا استعمال ڪندي، وري نئين ويب سائيٽ جو بنياد رکيو ويو. جيئن 2004 ۽ ان کان اڳ 2001 ۾ هن ويب سائيٽ کي دنيا جي پھرين سنڌي ويب سائيٽ هجڻ جو شرف ھئو، تيئن هن ويب سائيٽ کي بہ اهو اعزاز بہ مليو تہ هي دنيا جي پھرين سنڌي ويب سائيٽ آهي جيڪا سڀني برائوزرن ۽ موبائلن جي اسڪرينن تي ٺيڪ پنھنجي اصلي روپ ۾ نظر اچڻ لڳي. 2013 ۾ نئين ويب سائيٽ جنھن جي ڪور پروگرامنگ پنھنجي دل گهريي امر فياض ٻرڙي ڪرڻ شروع ڪئي ۽ گرافڪس تي ڪم سنڌي فونٽن ۽ انسٽالرن تي ڪم ڪندڙ پياري شبير ڪنڀار ڪيو ھئو. ان وقت ھن قسم جي ويب سائيٽ مان سمجهان پيو تہ پاڪستان جي بہ (بشمول انگريزي ۽ اردو) ٻولين ۾ پھرين ويب سائيٽ ھئي جيڪا ھر برائوزر ۽ استعمال ٿيندڙ ڊوائس جي اسڪرين جي ماپ کي پرکي پنھنجي نمايان ڏيک کي ان مؤجب پاڻمرادو مٽڻ جي اھليت رکي پئي. نتيجي طور تي پڙھندڙن کي آرام سان سائيٽ جي ھر پاسي ۽ هر لنڪ تي وڃڻ لاءِ ڪابہ ڏکيائي نہ پيش پئي آئي.

مان اهو بہ چاهيو پئي تہ ايم بي سنڌي بلاگ جو بنياد وجهي اهڙو پليٽ فارم بہ جوڙجي جتي نوان ايندڙ سنڌي پروگرامر سنڌي پروگرامنگ متعلق پنھنجا ويچار بہ ونڊي سگهن ۽ خيالن جي ڏي وٺ ذريعي نوان نوان تعميري خيال بہ دنيا سامهون آڻي سگهن. اھا نئين ويب سائيٽ سماجي نيٽ ورڪ سائيٽن سان سلھاڙيل بہ ھئي جنھن جي مدد سان دوستن جي تبصرن کي اتي ۽ فيس بڪ يا ٽويٽر تي بہ نمايان ڪيو ويو.

ھاڻي وري 2020 جڏھن پوري دنيا ۾ جديد ٽيڪنالاجين ۾ اڳ کان اڳڀرو ٿيندي سامهون آيو ان وقت يونيورسل پليٽ فارمن کي ھڪ ھنڌ ڪٺو ڪري ورلڊ وائيڊ ڪنسورشيئم (3WC) سڀني آپريٽنگ سسٽمز وارن کي حفاظتي اپائن تي تاڪيد ڪندي ھڪٻئي سان سلھاڙڻ لاءِ جتن ۾ آھي. پراڻن ونڊوز جا انسٽالر ھاڻي متروڪ ٿيندا پيا وڃن، ان وقت ھاڻي شديد ضرورت پئي تہ ويب سائيٽ کي حاضر دور جي حساب سان وري نئون بنو ڪجي. جنھن ۾ ايم بي سنڌي انسٽالر ۽ سڀ معياري فونٽ اپڊيٽ ڪيا وڃن، جو يونيڪوڊ بہ 2019 ۾ نئين اپڊيٽ ڏئي ڇڏي آھي جنھن اندر ھاڻي سنڌي ٻوليءَ جي اکرن ۽ نشانين لاءِ سڀ سھولتون رکي ڇڏيون آھن. ونڊوز ايڪس پي ھاڻي متروڪ ٿي جديد ونڊوز 10 سڀني جي سامھون آھي، تنھن ڪري وري نئين سري سان ويب سائيٽ کي جوڙي اوھان سامھون رکي وئي آھي. ساڳي طرح سان ويب سائيٽ جي ڪور پروگرامنگ امر فياض ٻرڙي ڪئي آھي، گرافڪس تي شبير ڪنڀار ۽ مواد کي منتقل ڪرڻ لاءِ نوجوان ساٿي عبيد ٿھيم ڪم ڪيو آھي. ھن ويب سائيٽ تي مکيہ مينو ۾ جديد انسٽالر رکيا ويا آھن، جڏھن تہ متروڪ ٿيل انسٽالر ۽ سکيا وڊيوز ھيٺ ”ايم بي سنڌي آرڪائيوز“ ۾ رکي رڪارڊ کي محفوظ ڪيو ويو آھي.

ھن ڀيري ڀرڳڙي ڊاٽ ڪام جي اپڊيٽنگ دؤران، رسالي ۽ ان سان گڏ ويبسائيٽ تي موجود ٻئي متن کي جديد ڪوڊنگ جي حساب سان ايڊٽ ڪري ٺيڪ ڪرڻ جو ڪم پڻ منھنجي پيارن دوستن امر فياض ٻرڙي ۽ شبير ڪنڀار ھٿ ۾ کنيو. جنھن ۾ ھي (ھ) جي مڙني شڪلين (ھ، ہ، ھـ، ـھـ، ـهـ، ـه، ـہ) کي سڄي متن ۾ ”جهہ ۽ جھ“ يا ”گهہ ۽ گھ“ سميت، ڪمپيوٽيشنل فونٽ جي گهرجن پٽاندر درست ڪيائون. ھاڻي ھن ويبسائيٽ تي موجود متن ۾ ”ھ“ جون سڀ شڪليون، لفظن جي درست صورتخطيءَ موجب نظر اچي رھيون آھن. ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي اھڙين گهرجن جي پورائي لاءِ ھنن دوستن (امر فياض ٻرڙي ۽ شبير ڪنڀار) ايم بي سنڌي ڪيبورڊ ۽ فانٽس جي اپڊيٽ ايس ڪي 2.0 پڻ جاري ڪئي آھي. جنھن کي ڪتب آڻي اوھان پڻ پنھنجو مواد ڪوڊنگ جي جديد تقاضائن موجب ٽائيپ ڪري سگهو ٿا. سندن اھڙين ھمتن لاءِ مان ٻنهي پيارن دوستن کي شابسون ڏيان ٿو ۽ ھنن لاءِ دم دم دعاڳو آھيان.

ھاڻي پنھنجي ڪوشش بہ اھا ئي آھي تہ سنڌي ٻوليءَ کي مستقبل ۾ ايندڙ نون برائوزرن ۽ ڊوائيسز جھڙوڪ ٽيبليٽز ۽ سمارٽ موبائل فونن سان تہ ملائجي ئي پر ايندڙ ٽہ پاسائين ڏيک (3D) ۾ بہ ھيءَ ويب سائيٽ پوري نماءَ سان ڪم ڪري سگهي تہ جيئن ھلندڙ صديءَ جي تيزترين رفتار سان سنڌي ٻولي بہ ھم قدم رھي. ھيءَ سائيٽ ان سفر جي ھاڻي ٻي وک آهي.

ساٿ سلامت

عبدالماجد ڀرڳڙي

05 اپريل 2020