سُوره عاديات مڪي آھي ۽ ھي يارھن آيتون آھي

الله ٻاجھاري مھربان جي نالي سان (شروع)

1. ھانبارو ھڻي ڊوڙندڙن گھوڙن جو قَسم آھي.
2. پوءِ پھڻن تي نعلن ھڻڻ سان چڻنگن ڪڍندڙن (گھوڙن) جوقسم آھي.
3. پوءِ صبح جي مھل لُٽ ڪندڙ (گھوڙن) جو قسم آھي
4. جو اُن مھل رئي اُٿارين.
5. پوءِ اُن گھڙي (دشمنن جي) ٽوليءَ جي وچ ۾ پون.
6. ته بيشڪ ماڻھو پنھنجي پالڻھار جو وڏو بي شُڪر آھي.
7. ۽ بيشڪ اُھو پاڻ انھن تي شاھد آھي.
8. ۽ بيشڪ اھو مال جي محبت ۾ ڏاڍو آھي.
9. (اُنھيءَ وقت کي) نه ڄاڻندو آھي ڇا جنھن وقت انھن کي اُٿاربو جيڪي قبرن ۾ نه آھن.
10. ۽ جيڪي سينن ۾ آھي سو پڌرو ڪبو.
11. بيشڪ اُن ڏينھن سندن پالڻھار سندن (حال جي) خبر رکندڙ آھي.