سُوره ضحيٰ مَڪي آھي ۽ ھي يارھن آيتون آھي

الله ٻاجھاري مھربان جي نالي سان (شروع)

1. مٿي آيل ڏينھن جو قسم آھي.
2. ۽ رات جو (قسم) آھي، جڏھن ڍَڪي ٿي.
3. ته (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار توکي نه ڇڏيو ۽ نڪي ناراض ٿيو.
4. ۽ بيشڪ آخرت تولاءِ دنيا کان گھڻو چڱي آھي.
5. ۽ تنھنجو پالڻھار سگھوئي توکي (ايترو) ڏيندو جو (تون) خوش ٿيندين.
6. توکي يتيم نه ڏٺائين ڇا پوءِ (توکي) جاءِ ڏنائين.
7. ۽ توکي ناواقف ڏٺائين پوءِ (شريعت جي) رستي لاتائين.
8. ۽ توکي مسڪين ڏٺائين پوءِ آسودو ڪيائين.
9. تنھنڪري يتيم تي تون ڏاڍ نه ڪر.
10. ۽ سُوالي کي نه جھڻڪ.
11. ۽ پنھنجي پالڻھار جي نعمت جو بيان ڪندو رھ.