سُوره النّجم مڪي آھي ۽ ھي ٻاھٺ آيتون ۽ ٽي رڪوع آھي
الله ٻاجھاري مھربان جي نالي سان (شروع)
1. ستاري جو قسم آھي جڏھن لھي.
2. ته اوھان جو (ھي) سنگتي (محمّد) نڪي ڀُلو ۽ نڪي بي راھو ھليو.
3. ۽ نڪي (نفس جي) سَڌ کان ڳالھائيندو آھي.
4. ھيُ قرآن رڳو وحي آھي جو موڪليو ويندو آھي.
5. اُن کي ڏاڍي سگھ واري سيکاريو آھي.
6. جو زور وارو آھي، پوءِ اُھو سِڌو بيٺو.
7. ۽ اُھو (آسمان جي) مٿاھين ڪناري تي ھو.
8. وري ويجھو ٿيو پوءِ ھيٺ لٿو.
9. پوءِ ٻن ڪمانن جيتري وِٿي ھئي يا (اُن کان به) تمام ويجھو ھو.
10. پوءِ الله جي ٻانھي ڏانھن پيغام پھچايائين جيڪي پھچايائين.
11. جيڪي (پيغمبر جي) دل ڏٺو سو اُن ڪوڙ نه ڄاتو.
12. جيڪي (پيغمبر) ڏسندو آھي تنھن ۾ اُن سان جھڳڙو ڇو ڪندا آھيو؟
13. ۽ بيشڪ اُنھيءَ (ملائڪ) کي (انھيءَ مھل) ٻيو ڀيرو (سندس اصلي صورت ۾) ڏٺو ھوائين.
14. سِدۡرَةُ الۡمُنۡتَھىٰ وٽ.
15. اُن وٽ رھڻ جو بھشت آھي.
16. جنھن مھل سِدرة کي انھيءَ ٿي ڍڪيو جنھن ڍڪيو ٿي.
17. (پيغمبر جي اک) نڪي لڙي ۽ نڪي حد کان لنگھي.
18. بيشڪ ڪي وڏيون نشانيون پنھنجي پالڻھار جون ڏٺائين.
19. لات ۽ عُزّىٰ کي ڏٺو اَٿوَ ڇا؟
20. ۽ پوئين ٽين منات کي به؟
21. ڇا اوھان لاءِ پٽ آھن ۽ الله لاءِ ڌيئرون.
22. اِھو ورھاڱو اُنھيءَ مھل بي انصافيءَ وارو آھي.
23. اھي (سڀ) رڳا نالا آھن جي اوھان پاڻ ۽ اوھان جي پِين ڏاڏن مُقرّر ڪيا آھن الله اُن (جي ثابتيءَ) جو ڪو دليل نازل نه ڪيو آھي، (ھيُ) رڳو گمان تي ھلندا آھن ۽ جيڪي (سندن) جيءَ سَڌ ڪندا آھن (تنھن تي به)، ۽ بيشڪ سندن پالڻھار کان وٽن ھدايت آئي آھي.
24. ماڻھو جيڪا سڌ ڪندو آھي سا کيس ملندي ڇا؟
25. پوءِ ھو جَڳ ۽ ھيُ جَڳ الله جو آھي.
26. ۽ آسمانن ۾ ڪيترائي ملائڪ آھن جن جي پارت ذري جيترو به نفعو نه ڪندي پر الله جي موڪل ڏيڻ کانپوءِ جنھن لاءِ گھري ۽ راضي ٿئي.
27. بيشڪ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن سي ملائڪن تي ڌيئرن جا نالا رکندا آھن.
28. ۽ کين ان (ڳالھ) جي ڪا خبر نه آھي، رُڳو گمان تي ھلندا آھن، ۽ بيشڪ گمان حقيقت جي سڃاڻڻ ۾ ڪجھ به نفعو نه ڏيندو آھي.
29. پوءِ (اي پيغمبر) انھيءَ کان منھن موڙ جنھن اسان جي ياد ڪرڻ کان مُنھن ڦيرايو ۽ دنيا جي حياتيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه گھريائين.
30. اھا سندن علم جي پڄاڻي آھي، بيشڪ تنھنجو پالڻھار اُنھيءَ کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو سندس واٽ کان ڀُلو ۽ جيڪو سڌي رستي ھليو تنھنکي (به) اُھو چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.
31. ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي ته جن بڇڙا ڪم ڪيا تن کي انھن ڪمن جي ڪري نيٺ سزا ڏئي ۽ جن چڱايون ڪيون تن کي ڀلائيءَ جو بدلو ڏئي.
32. جيڪي ننڍن گناھن کانسواءِ وڏن گناھن ۽ بي حيائيءَ کان پاڻ کي بچائيندا آھن، بيشڪ تنھنجو پالڻھار (اُنھن لاءِ) وڏي بخشش وارو آھي، اُھو اوھان کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي جڏھن اوھان کي زمين مان پيدا ڪيائين ۽ جڏھن اوھين پنھنجي مائن جي پيٽن ۾ ٻار ھئؤ، تنھنڪري اوھين پاڻ کي نه ساراھيو، الله انھيءَ کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو پرھيزگار ٿيو.
33. (اي پيغمبر) ڇا پوءِ ڏٺو اٿئي انھي کي جيڪو ڦريو.
34. ۽ ٿورو (مال) ڏنائين ۽ سخت دل ٿيو.
35. وٽس ڳجھ جي خبر آھي ڇا جو ڄڻڪ اُھو (سڀ ڪجھ) اکين سان ڏسندو آھي.
36. اُنھيءَ جي خبر کيس نه ڏني وئي ڇا جيڪي موسىٰ جي صحيفن ۾ (لکيل) آھي.
37. ۽ (جيڪي) ابراھيم (جي صحيفن ۾ آھي) جنھن (الله جي حَقن کي) پورو ڪيو.
38. (ھيُ حُڪم) ته ڪو بار کڻندڙ ڪنھن ٻئي (جي گناھ) جو بار نه کڻندو.
39. ۽ ته ماڻھوءَ کي رڳو اُھائي (ڪمائي) ملندي جيڪا ڪيائين.
40. ۽ ته سندس ڪمائي جلد ڏٺي ويندي.
41. وري کيس تمام پورو بدلو (انھي ڪمائي موجب) ڏنو ويندو.
42. ۽ ته تنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ آھي.
43. ۽ ته اُن کلايو ۽ رئاريو.
44. ۽ ته اُن ماريو ۽ جياريو.
45. ۽ ته اُن (الله) نر ۽ مادي جوڙو جوڙو بڻايو.
46. منيءَ جي ھڪ ڦڙي مان جڏھن (ڳڀيرڻ ۾) ھاريو وڃي.
47. ۽ ته اُن تي اُھو ٻيو (ڀيرو) پيدا ڪرڻ لازم آھي.
48. ۽ ته اُن آسودو ڪيو ۽ موڙي ڏنائين.
49. ۽ ته اُھو ئي شِعۡرىٰ تاري جو پالڻھار آھي.
50. ۽ ته اُن پھرين عاد کي ناس ڪيو.
51. ۽ ثمود کي (به) پوءِ انھن مان (ڪنھين کي) باقي نه ڇڏيائين.
52. ۽ اُن کان اڳ نُوح جي قوم کي به ھلاڪ ڪيائين، ڇوته اُھي ڏاڍا ظالم ۽ تمام حد کان لنگھيل ھوا.
53. ۽ (شھر) اونڌي ڪيل کي ھيٺ اُڇليائين.
54. پوءِ اُن کي ڍڪيو جنھن ڍڪيو.
55. پوءِ اي ماڻھو پنھنجي پالڻھار جي نعمتن مان ڪھڙيءَ ۾ شڪ ٿو ڪرين.
56. ھي (پيغمبر) اڳين ڊيڄاريندڙن (جي جنس) مان (ھڪ) ڊيڄاريندڙ آھي.
57. ويجھي اچڻ واري (قيامت) ويجھي آھي.
58. اُن کي الله کانسواءِ ڪو ظاھر ڪرڻ وارو ڪونھي.
59. ھن ڳالھ کان تعجب ڪندا آھيو ڇا؟
60. ۽ کلندا آھيو ۽ نه رئندا آھيو.
61. ۽ اوھين راند ڪندڙ آھيو.
62. پوءِ الله کي سجدو ڪريو ۽ عبادت ڪريو.