سُوره شمس مڪي آھي ۽ ھي پندرھن آيتون آھي

الله ٻاجھاري مھربان جي نالي سان (شروع)

1. سج ۽ اُن جي سوجھري جو قسم آھي.

2. ۽ چنڊ جوقسم آھي جڏھن ان جي پوئتان اچي.

3. ۽ ڏينھن جو (قسم آھي) جڏھن سج کي روشن ڪري.

4. ۽ رات جو (قسم آھي) جڏھن سج کي ڍڪي.

5. ۽ آسمان جو ۽ اُن جو (قسم آھي) جنھن اُن کي بڻايو.

6. ۽ زمين جو ۽ اُنجو (قسم آھي) جنھن اُن کي پکيڙيو.

7. ۽ (ماڻھوءَ جي) جيءُ جو ۽ اُنجو (قسم آھي) جنھن اُن کي جوڙي برابر ڪيو.

8. پوءِ سندس بدڪاري ۽ سندس پرھيزگاريءَ (جي سڃاڻ) اندر ۾ وڌائينس.

9. جنھن اُن (نفس) کي (بدڪاريءَ کان) پاڪ ڪيو سو بيشڪ ڇٽو.

10. ۽ جنھن اُن کي (گناھن ۾) پوري ڇڏيو سو بيشڪ ٽوٽي وارو ٿيو.

11. (قوم) ثمود پنھنجي سرڪشيءَ سببان (پيغمبر کي) ڪوڙو ڀانيو.

12. جڏھن منجھانئن بلڪل نڀاڳو اُٿيو.

13. پوءِ الله جي پيغمبر کين چيو ته الله جي ڏاچي ۽ اُن جي پاڻي پيڻ کي آڏو نه ٿيو.

14. پوءِ پيغمبر کي ڪوڙو ڀانيائون پوءِ ڏاچيءَ جو کُچون ڪپيائون، پوءِ سندن گناھن سببان سندن پالڻھار مٿن عذاب پلٽيو پوءِ اُن (سزا) کي (سڀني) تي ھڪ جھڙو ڪري ڇڏيائين.

15. ۽ (الله) اُن (سزا) جي پڇاڙيءَ کان نه ٿو ڊڄي.