سُور الم نشِرح مڪي آھي ۽ ھي اَٺ آيتون آھي

الله ٻاجھاري مھربان جي نالي سان (شروع)

1. (اي پيغمبر) تنھنجو سِينو تولاءِ ڪشادو نه ڪيو اٿون ڇا؟
2. ۽ تنھنجو (اُھو) بار توکان لاٿوسون.
3. جنھن تنھنجي پٺي کي ڳرو ڪيو ھو.
4. ۽ تنھنجي ساراھ تولاءِ مٿاھين ڪئي سون.
5. ڇوته بيشڪ اھنج سان گڏ سھنج آھي.
6. بيشڪ اھنج سان گڏ سھنج آھي.
7. تنھنڪري جڏھن واندو ٿئين ته (عبادت لاءِ) محنت ڪر.
8. ۽ خاص پنھنجي پالڻھار ڏانھن دل لڳاءِ.