سورہ فاتحہ مڪي ۾ لٿي ۽ هن ۾ ست آيتون آهن

الله ٻاجهاري مھربان جي نالي سان ( شروع )

1. سڀ ساراھ (خاص) جھانن جي پالڻھار الله کي جڳائي.
2. (جو) ٻاجهارو مھربان.
3. قيامت جي ڏينھن جو مالڪ (آھي).
4. تنھنجي ئي عبادت ڪيون ٿا ۽ تو کان ئي مدد گهرون ٿا.
5. اسان کي سڌي واٽ ڏيکار.
6. جا انھن جي واٽ آھي جن تي فضل ڪيو اٿئي.
7. نہ انھن جي (واٽ) جن تي ( تنھنجو) ڏمر ٿيل آھي ۽ نہ گمراھن جي (واٽ).