سُوره ھُمَزَه مڪي آھي ۽ ھي نوَ آيتون آھي

الله ٻاجھاري مھربان جي نالي سان (شروع)

1. (انھيءَ) سڀڪنھن گلا ڪندڙ عيب ڳوليندڙ لاءِ ويل آھي.
2. جنھن مال گڏ ڪيو ۽ اُھو ڳڻي ڳڻي رکيائين.
3. ڀانئيندو آھي ته سندس مال سدائين رھندو.
4. ھرگز ائين نه آھي ضرور حُطمه ۾ اُڇلائبس.
5. ۽ ڪنھن سمجھايئي ته حُطَمَه ڇا آھي؟
6. الله جي ٻاريل باھ آھي.
7. جا دلين تي پھچندي.
8. بيشڪ اُھا مٿن در بند ڪيل آھي.
9. (جنھن حالت ۾ اُھي) ڊگھن ٿنڀن ۾ (ٻڌل ھوندا).