سُوره بَلَد مڪي آھي ۽ ھي ويهه آيتون آھي

الله ٻاجھاري مھربان جي نالي سان (شروع)

1. ھن شھر (مڪي) جو قسم کڻان ٿو.

2. ۽ تون ھن شھر ۾ (ته) رھندڙ آھين.

3. ۽ ڄڻيندڙ جو (قسم کڻان ٿو) ۽ ان جو جيڪو ڄايو.

4. ته بيشڪ ماڻھو کي ڏک ۾ (پوڻ لاءِ) خلقيوسون.

5. (ماڻھو) ڀانئيندو آھي ڇا ته مٿس ڪوبه غالب نه ٿيندو؟

6. چوي ٿو ته مون تمام گھڻو مال کپايو.

7. ڀانئيندو آھي ڇا ته ڪنھن ڪونه ڏٺو اٿس؟

8. کيس ٻه اکيون نه ڏنيون اٿون ڇا؟

9. ۽ ڄڀ ۽ ٻه چَپ به؟

10. ۽ ٻه رستا ڏيکارياسونس.

11. پوءِ ڪوبه سخت لَڪ نه لنگھيو.

12. ۽ ڪنھن سمجھايئي ته سخت لَڪّ ڇا آھي؟

13. ٻانھو آجو ڪرڻ آھي.

14. يا بُک جي ڏينھن ۾ کاڄ کارائڻ.

15. مائٽي واري ڇوري ٻار کي.

16. يا مٽيءَ ۾ رُلندڙ محتاج کي.

17. ان کانپوءِ (اُھو) مؤمنن مان ھجي ۽ ھڪ ٻئي کي صبر جي وصيت ڪيائون ۽ (پڻ) ھڪ ٻئي کي (خلق تي) ٻاجھ ڪرڻ جي وصيت ڪيائون.

18. اُھي نيڪ بخت سڄي پاسي وارا آھن.

19. ۽ جن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو سي بدبخت کٻي وارا آھن.

20. مٿن دميل باھ چوڌاري ويڙھيل (موڪلبي) آھي.