سُوره فلق مَدني آھي ۽ ھي پنج آيتون آھي

الله ٻاجھاري مھربان جي نالي سان (شروع)

1. (اي پيغمبر) چؤ ته صبح جي پالڻھار جي پناھ گھران ٿو.
2. جيڪي پيدا ڪيو اٿس تنھنجي بڇڙائي کان.
3. ۽ اونداھي ڪندڙ (رات) جي بڇڙائي کان جڏھن اُھا پکڙجي.
4. ۽ ڳنڍين ۾ ڦوڪيندڙين (عورتن) جي بڇڙائي کان.
5. ۽ مَسَھُوء جي بڇڙائيءَ کان جڏھن (اُھو) مَسَھائي ڪري.