سُوره ليل مڪي آھي ۽ ھي ايڪيهه آيتون آھي

الله ٻاجھاري مھربان جي نالي سان (شروع)

1. رات جو قسم آھي جڏھن ڍَڪي ٿي.
2. ۽ ڏينھن جو (قسم آھي) جڏھن روشن ٿئي ٿو.
3. ۽ اُن جو (قسم آھي) جنھن نر ۽ مادي خلقي.
4. ته بيشڪ اوھان جي ڪوشش قسمين قسمين آھي.
5. پوءِ جنھن (الله لڳ) ڏنو ۽ پرھيزگاري ڪئي.
6. ۽ چڱائي کي سچ ڄاتائين.
7. تنھنکي (نجات جو) آسان رستو سھنجو ڪري ڏينداسين.
8. ۽ جنھن بخل ڪيو ۽ (پاڻ کي) بي پرواھ ڄاتائين.
9. ۽ چڱائي کي ڪوڙ ڀانيائين.
10. تنھن کي اوکائيءَ (۾ پوڻ) لاءِ (رستو) آسان ڪري ڏينداسين.
11. ۽ جڏھن اونڌو ڪرندو ته سندس مال کانئس (ڪجھ) نه ٽاريندو.
12. بيشڪ سڌو رستو ڏيکارڻ اسان تي (لازم) آھي.
13. ۽ بيشڪ آخرت ۽ دُنيا (ٻئي) اسان جي وس ۾ آھن.
14. پوءِ اوھان کي باھ کان ڊيڄاريم جا ڄڀي ڪري ٿي.
15. (اھڙي) وڏي نڀاڳي کانسواءِ (ٻيو) ڪو اُن ۾ ڪونه گھڙندو.
16. جنھن (اسلام کي) ڪوڙ ڄاتو ۽ پٺيرو ٿيو.
17. ۽ اُن (باھ) کان انھي وڏي پرھيزگار کي پاسي ڪبو.
18. جيڪو پنھنجو مال (الله جي واٽ ۾) ڏئي ٿو ته پاڪ ٿئي.
19. ۽ مٿس اھڙي ڪنھن جو ڪو احسان ٿيل نه آھي جو بدلو ڏجي.
20. پر پنھنجي تمام مٿاھين پالڻھار جي رضامندي طلبڻ لاءِ (ڏئي ٿو).
21. ۽ ضرور جلد خوش ٿيندو.