سر پورب

داستان پھريون

1
ڪري، ڪانگَ! ڪُرنِشُون، پيرين پِرِينءَ پَئيجِ؛
آءٌ جو ڏِيَنئِي سَنِيھو، وِچ مَ وِساريجِ؛
الله لَڳِ، لَطِيفُ چئي، ڳُجهو ڳالهائيجِ؛
چُئان تِئَن چئيجِ، تہ کِنياتا! خوشِ ھئين.
2
آءُ اُڏامِي، ڪانگَڙا! پارانڀانِ پَچارِ؛
ويھِي ھتِ وِصالَ جو، تان ڪو تِرُ تَنوارِ؛
جي ڏِسَڻَ ۾ ڏيسارِ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.
3
پارانڀانِ پَچارِ، مٿي لامَ لَطِيفُ چئي؛
ڦيرِ مَ فَضِيلَتَ تُون، جا ڪُرَ اَوَان جِي ڪارِ؛
جي ڏِٺي ۾ ڏيٺارِ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.
4
وَھلو وَرُ، وَرِيا پِرِين، آءُ ڪانگا! لَنئُن لاتِ؛
وِيا جي قَلاتِ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.
5
ڪانگَلَ! سي ئِي ڪوٺِ، پِرِين جي پَرڏيھِ وِيا؛
جنِين رِءَ جَھانَ ۾، اَکَڙِيُنِ اَروٺِ؛
الله لَڳِ، لَطِيفُ چئي، ڪَجِ ڳاراچو ڳوٺِ؛
جي ڏَمِرِيا ڪَنھن ڏوٺِ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.
6
پِرِين جي پَرديسَ ۾، تِنِ جي ڪانگا! ڪَجِ خَبَرَ؛
تہ سَڀِ مَڙھايان سونَ سين، پکِي! تُنھنجا پَرَ؛
گُهمِي مَٿان گَهرَ، ڏِجِ پارانڀا پِرِينءَ کي.
7
ڪڍِي، ڪانگا! تو ڏِيان، ھنئون ساڻُ ھٿَنِ؛
وَڃي کاءُ وِلاتَ ۾، اڳيان عَجِيبَنِ؛
پِرين مانَ چَوَنِ، تہ ھئَن قُرِبانُ ڪيرُ ٿِئي!
8
ڪانگَلَ قَرِيبَنِ جا! اچِي وائِيءَ وَڻُ؛
تو ۾ بُوءِ بَھارَ جِي، مُشڪَ کَٿورِيءَ مَڻُ؛
اچِي عَجيبَنِ جو، اورانگِهجِ اَڱَڻُ؛
تو کي پَسِي تَڻُ، سُورَنِئان صافُ ٿِئي.
9
آندِيوُن ڪانگَ قَرِيبَ جُون، اَڄُ واڌايُون واھ؛
مَنَ مُرادُون پُنِيُون، ٿِيون سَرَھائِيُون ساھ؛
آندا پِرِين الله، سَڏَ مُنھنجا سابِ پِيا.
10
ڪانگَلَ! تُنھنجِي ڇانگَ، جَڏو جِيُ جِياريو؛
مٿان لامُنِ لَتَ ڏِيو، ٻولِئين سِرِ ٻيلانگَ؛
اُڏِرُ مٿان ڦانگَ، تہ گَهرِ آوَنِ سُپِرِين.
11
ڪانگَلَ! نيئِي ڪانگِ، مُنھنجِي ڏي مَحِبُوبَ کي؛
”لالَنَ! لايَئِي ڏِينھڙا، ڪَنھن سِٽاڻي سانگِ؛
اَوان رِءَ اَڙانگِ، ويٺِي وِرِھ وَسائِيان.“
12
رِءَ پِرِيان پَرديسَ ۾، وِرِھ وَڌِي ڪِي وَسَ؛
اَکِيُون پارِ پِرِيُنِ جي، ٿِيوُن گامَ نِھارينِ گَسَ؛
ڏِيندا پانڌِي ڏَسَ، کِينءَ جُون آڻي خَبَرُون.
13
زاغَ! تُنھنجِي ذاتِ جو، ٿورو مَٿي مُون؛
اُڏامِجِ، عَبۡدُاللَطِيفُ چئي، صُبحَ سيڻَنِ ڏُون؛
ڪَجِ وينَتِيُون وِتَرِيُون، ٻاجهائِجِ ٻَھُون؛
تہ ”لالَنَ! ڪونَ لَھون، جِھو تو جَھانَ ۾.“
14
قَرِيبَنِ جو ڪانگڙو، مٿي ٽارَ ٽِلي؛
کَڻِيو کِنياتو خَبَرُون، کِيرُون ڏِيو کِلي؛
لائِي جَنھن لالَنَ سان، مُنھنجي باتِ بِلي؛
سو وَرُ چَشِمَنِ سان چَلي، جو دَرِبارِي دوسَ جو.

داستان ٻيو

1
تَن اَکِيُنِ اُتان سُکَ، کِلندي کَڻَنِ جي؛
پِرِيُنِ پاٻوھڻَ سان، ڏُورِ ڪَيا سَڀِ ڏکَ؛
ماڙُھنِ ليکي بُکَ، سامِي سُورَ سَنَا ڪيا.
2
سامي چائِيين، سُکُ طَلبِئين، سِکِئين نہ، سامِي!
اَڃا اورِئين پَنڌَ ۾، ويٺين وِسامِي؛
گُرَ کي تُون نہ گَڏِئين، چائِيين اِنعامِي؛
دائِمُ مُدامِي، پورو رَھجِ پِرِينءَ سين.
3
پُورَبِيا پُوري وِيا، آسَڻَ آڌِيءَ راتِ؛
سُيَمِ نہ سَنياسِيُنِ جُون، پَچارُون پِرڀاتِ؛
ڪا جا جوڳِيءَ ذاتِ، مِٽَ نہ معذُورَنِ جا.
4
مٿي راھ رَوان ٿِيا، پُورَبِ پُورِيائُون؛
ھِي گَهرُ گهورِيائُون، آڳانڍِيائُون اڳِيان.
5
پُورَب پُورَب تَبِ ڪَرُون، جَب ھنئَڙي آوَنِ پُورَ؛
سِڪَندي کي سَڄَڻين، نِڪُون لايُون نُورَ؛
مارِيَسِ تَنھن سُورَ، جِئَن ساڄَنُ سُڄي، نہ مِلي.

سر پورب پورو ٿيو