سر پرڀاتي

داستان پھريون

1
اِيءُ نہ ڀانَنِ ڀيرُ، جِئَن ڪينَرُ ڪِيرِيءَ ٽَنگِيو؛
سُونھاري صُبُوحَ سين، وِجِهي ويٺين ويرُ؛
توکي چَوَندو ڪيرُ، ڪِيرَتَ ڌاران مَڱَڻو؟
2
سُتو ڪِئَن نِنڊُون ڪَرِين، رو وِھاڻِيءَ روءِ؛
سُڀان سازُ سندوءِ، پِيو ھوندو پَٽَ ۾.
3
سيراندِيءَ سازُ ڪيو، سُمهين سارِي راتِ؛
جاجِڪاڻي ذاتِ، اِيَ ھوءِ اَڳهين؟
4
جنِين سُکُ ناھ ڪو، چارَڻَ سي چَئِجَنِ؛
رُڃُنِ راھ پُڇَنِ، مٿي ڪُلَهنِ ڪِينَرا.
5
مُوڙهو ڀُڻين مَڱَڻا! ڪيڏانهن ھئين ڪالَ؟
لَنگها! ڇَڏِ، لَطِيفُ چئي، اُجَهڻَ جا اَفعالَ؛
سَپَڙَ دَرِ سُوالَ، ڪَرِ تہ قيمَتَ آڻِئين.
6
چارَڻُ لَڱو، پَنڌُ گهڻو، ڪِي چوٽاڻِيءَ چَئيجِ؛
ھتِ ڪِي ھلائيجِ، اُتي آءٌ نہ اچڻو.
7
جيڪِي ڏَڏَنِ ڏي، ڳُجِهيان ئِي ڳُجَهہ ۾؛
سي جي سُڻَنِ ڪَڏَھين، ڪِرِتِ وارا ڪي؛
تہ سازَ مِڙوئي سي، ھوندَ پِٿون ڪَنِ پَلَڪَ ۾.
8
اُتِ ڪِرِتِ وارا ڪيتِرا، ڪِرِتِ ڪَبو ڪوھ؟
جيڪِي بَندو ڪَمُ ڪري، سو مِڙوئِي ڏوھ؛
تون پارِسُ، آءٌ لوھ، جي سَڃِين تہ سونُ ٿِيان.
9
اُٿِيو اَٻوجهاءُ، سَپَڙَ جو سَڏُ ٿِيو؛
جِئَن اَئِين ڪِيرَتَ ڪَٽُ نہ سِکِيا، تِئَن پاڻا رِيڌو راءُ؛
مڱو مون مُلاءُ، آءٌ اَوھان جو آھيان.
10
ڏاتِ نہ آھي ذاتِ تي، جو وَھي سو لَھي؛
آريُون اَٻوجَهنِ جون، سَپَڙُ ڄامُ سَھي؛
جو راءَ وَٽِ راتِ رھي، تَنھن جُکِي تان نہ ٿئي.
11
ڏَڏُ ٿِي ڏانُ گُهريجِ تُون، ڇَڏِ وِڄا وِڃائي؛
سَپَڙَ راتِ سَنباھيا، تازِي تو لائي؛
جو ڄاڻي نہ ڳائي، تَنھن سين ٻيلي ڌَڻِيءَ ٻاجَهہ ڪِي.
12
پِيو ليٽِين لُٽَ، سَڄِيُون راتِيُون سُمهين؛
اُٿِي آڌِيءَ نہ ڪَرِئين، سَپَڙَ ساڻُ سَھٽَ؛
رُونجهي راتِ اُپَٽِيا، پيٽِنِيَئُون پاڻَيٽَ؛
ميڙي تِئان مَٽَ، چُونڊي ڀَرِيا چَارڻين.
13
ڏاتارَ ڏکَ ڪَيا، پاڻا مَٿي مَڱَڻين؛
”مُون دَرُ ڇَڏِيو، مَڱَڻا! مَڱِين ڪوھ ٻِيا؟
تَڏِھن تو پِيا، وِچان وِلَھا ڏِينھڙا.“
14
مَڱُ تَنھين کان، مَڱَڻا! جو ڏِيھاڙي ٿو ڏِئي،
ڪُوڙا دَرَ دُنِيا جا، جاجِڪَ! مَڱِين جي؛
سُڀان توھين کي، موٽي ڏِيندا مُنھن ۾.
15
کَڙَھَ اَڳِيان کَپُ، ڏِھاڻِي ڏاتارَ جي؛
لَنگها! لاھ مَ لِکَ سِيئَن، مَٿان چانئُٺِ چَپُ؛
مَڱَڻھارَنِ مَپُ، ڪونهي ٻِيو ڪِيرَتَ ري.
16
سَپَڙُ ساھ پَساھ، جاجِڪ! جِمَ وِسارِئين؛
ريھي رُپي سَندِيُون، تَندُون تُنبي کي پاءِ؛
لَنگها! تون لِيلاءِ، اڳِيان وڃِي اُنَ جي.
17
تُون سَپَڙُ، آءٌ سيڪَڙُو، تُون صاحِبُ، آءٌ سَڳُ؛
پُڇِي تُنھنجو پَڳُ، ڪُلهي پاتُمِ ڪِينَرو.
18
تُون سَپَڙُ، آءٌ سيڪَڙُو، تُون ڏاتارُ، آءٌ ڏوھ؛
تُون پارِسُ، آءٌ لوھ، جي سَڃِين تہ سونُ ٿِيان.
19
اُڀِرِيو تارو، اُٿِي وَرَ وِھاڳُ ڏي؛
سَپَڙُ رِيسارو، چِتِ پَرِکي چارَڻين.

سر پرڀاتي پورو ٿيو