سر آسا

داستان پھريون

1
لوچان ٿِي لاحَدَ ۾، ھادِيءَ لَھان نہ حَدُ؛
سُپيرِيان جي سُونھن جو، نَڪو قَدُ نَہ مَدُ؛
ھتِ سِڪَڻُ بي عَدَدُ، ھتِ پِرِينءَ پَرِوا ناھ ڪو.
2
”آئُون“ سين اُنَ پارِ، ڪَڏِھن تان ڪونَہ پِيو؛
”اِنَّ الله وِتۡرٌ يُّحِبُّ الۡوِتۡر“، نيئِي ٻِيائِي ٻارِ؛
ھيڪِڙائِيءَ وَٽِ ھارِ، ھنجُون جي ھئَڻَ جُون.
3
ٻَنِ! ٻِيائِي، سُپِرِين! پاڻان مُون کي پَلِ؛
”آئُون“ اورِيان جَهلِ، توکي رَسي ”تو“ ڌَڻِي.
4
ھو پِڻُ ڪونهي ھنَ ري، ھيُ نہ ھنَھان ڌارَ؛
”اَلۡاِنۡسَانُ سِرِّيۡ وَ اَنَا سِرُّہ“، پَرُوڙِج پَچارَ؛
ڪَندا وِيا تَنوارَ، عالِمَ عارِفَ اَھڙِي.
5
جان جان پَسِين پاڻَ کي، تان تان ناھ نِمازَ؛
سَڀِ وِڃائي سازَ، تِھان پوءِ تَڪبِيرَ چَئو.
6
جان جان پَسِين پاڻَ کي، تان تان ناھ سُجُودُ؛
وِڃائي وُجُودُ، تِھان پوءِ تَڪبِيرَ چَئو.
7
نابُودِيءَ نيئِي، عَبۡدَ کي اَعلىٰ ڪَيو؛
مُورَتَ ۾ مَخفِي ٿِيا، صُورَتَ پِڻُ سيئِي؛
ڪَبِي اِتِ ڪيھي؟ ڳالهہ پِرِيان جي ڳُجَهہ جِي.
8
جن وِڃايو وُجُود کي، سي فانِي ٿِيا ”فِى الله“ ۾؛
نہ تِنِ قِيامُ نہ قُعُودُ ۾، نڪو ڪَنِ سُجُودُ؛
جيلان ٿِيا نابُودُ، تيلان گَڏِيا بُود کي.

داستان ٻيو

1
اُڀِرَنۡدي ئِي سِجِ، پِرِين جي نہ پَسَندِيُون؛
ڪَڍِي ٻيئِي ڏِجِ، اَکَڙِيُون ڪانگَنِ کي.
2
نيرانا ئِي نيڻَ، نيئِي آڇِ پِرِيُنِ کي؛
سَتَرِ کاڌا کيڻَ، جُھ ڏِٺو مُنھن مَحۡبُوبَ جو.
3
تِنِ نيڻَنِ ڪِي نيرانِ، جِنِ ساجُهرُ سيڻَ سانڀيٽِيا؛
جِيءَ، جُسي ۽ جانِ، ڪَرَ حُضُورِي حَجُ ڪَيو.
4
اَکِيُون عَلَي الصَباح، دوستُ ديکَڻَ آئِيُون؛
اُڀِيندِيُون اَرِداسَ ۾، ٻِي نہ ڪَندِيُون ڪاءِ؛
رَچَندِيُون رِءَ پاھ، پَرِچَندِيُون پِرِينءَ سين.
5
وَسَنِ ۽ وَھسَنِ، ڏيھاڙِي ڏِسَڻَ لَءِ؛
ڏِسِي ڏِسِي آئِيُون، توءِ تَلاشُون ڪَنِ؛
ڍاپِيو نہ ڍاپَنِ، پَسَڻَ مَنجهان پِرِينءَ جي.
6
اَکَڙِيُون اَکَڙِيُنِ تي، ڏَمَرَ ڏوسَ ڪَرِينِ؛
جيلانھ سِڪَڻُ سِکِيُون، تيلانھ دَعوىٰ مَنجِهہ دَڙِينِ؛
کِلَنِ ۽ کَرِينِ، رُسَنِ پَرۡچَنِ پاڻَ ۾.
7
اَکِيُنِ کي آئُون، جان ڪِي جُهلُون پائِيان؛
لوڪُ لَتاڙي نِنڊَ ۾، ساڄَنُ سوٺائُون؛
مُون کي مارِيائُون، پاڻَ پَرِچِي آئِيُون.
8
اَکِيُنِ پَنھنجِي مَتِ، پاڻَ سين پاڻهين ڪَئِي؛
اُتي وَڃِي لَڳِيُون، جِتي جانِ کَپَتِ؛
نہ ڪا ڳالِهہ نہ ڳَتِ، جِيَ ڏِني رِءَ نہ جُڙي.
9
اَکَڙِيُنِ آرو، مُونھان پُڇِي نہ ڪَيو؛
اُتي وَڃِي اَڙِيُون، جِتي چَوَڻَ نہ چارو؛
ھينئَڙو ويچارو، واٽُون جَهلِيو وِجُهلي.
10
اَکِ اُلِٽِي ڌارِ، وَنءُ اُلِٽو عامَ سين؛
جي لَھوارو لوڪُ وَھي، تُون اُوچو وَھُ اوڀارِ؛
مَنجهان نُوچَ نِھارِ، پُرُ پُٺِيرو پِرِينءَ ڏي.
11
تان جي ٿِيَنِ سامهان، پُٺِيرا سُونھنِ؛
سَنئون وَرائي سُپِرِين، مُنھن جي مانڏي ڪَنِ؛
رَڳُون سَڀِ رَچَنِ، تَنَ ۾ تازائِي ٿِئي.
12
اَکِيُون سي ئِي ڌارِ، جِنِ سان پَسِين پِرِينءَ کي؛
ٻِئي ڏانھن ڪِيمَ نِھارِ، گَهڻو رِيسارا سُپِرِين.

داستان ٽيون

1
ديکُ مَ تُون سين تَنِ، ھي جي مَجازِياڻِيُون مُنھن ۾؛
ڪِينَ نہ سُڃاتو سُپِرِين، نِھاري نيڻَنِ؛
پِرِين سي پَسَنِ، ٻَئِي جنِين ٻُوٽِيُون.
2
مَجازِي مَ مَٽِ ڪَرِ، ڀَنڀِيُون اِئَن نہ ڀيرِ؛
پُڇِي ٿِئين تہ پيرِ، ھارِي! حَقِيقِيءَ جي.
3
سَنئِين سُونھائي سَڀَڪا، ڪا مُون مُنجهائي؛
طَلَبَ ۽ تَحۡصِيلَ، اورِيان ئِي آھي؛
مان تَنُ تِتِ لائي، جِتِ آھ نہ ناھ ڪا.
4
جِتِ آھ نہ ناھ ڪا، اِيُ خاڪِيءَ جو خِيالُ؛
جانِبَ جو جَمالُ، پَسَڻان ئِي پَري ٿِيو.
5
جان تَنُ ڪَيوءِ نہ تِيئَن، سوئيرِيان ئِي سَنِھڙو؛
پِرِين پائِيندا ڪِيئَن، توکي اَکَڙِيُنِ ۾؟
6
اَکِيُنِ ۾ ٿِي ويھُ، تہ آئون واري ڍَڪِيان؛
توکي ڏِسي نہ ڏيھُ، آئون نہ پَسان ڪِي ٻِيو.
7
کَرَ کي کَپُرُ کاءِ، نانگُ مَڻِيارو نِڪرِي؛
اُڀو جو اوناءِ، سُرِ پُرِ سَندِي سَڄَڻين.
8
سَڄَڻَ سَنئِيُون ڪَنِ، لوڪان ليکي وِنگِيُون؛
سَندِي سُپِرِيَنِ، پَرِ پَرُوڙَڻُ ڏاکڙو.
9
حوصِلو حَيرَتَ ۾، ڪَري ڪِينَ دَرَڪُ؛
جو حُسُنَ سَندو حَقُ، سو ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي!
10
حوصِلو حَيرَتَ ۾، وَڃِي ٿِيو ويڇُون؛
مُحَبَتَ جُون ميڇُون، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.
11
مُئي ھاٿِيءَ تي مامِرو، اَچِي ڪَيو اَنڌَنِ؛
مَناڙِينِ ھٿَنِ سين، اَکِئين ڪِينَ پَسَنِ؛
”فِي الۡحَقِيۡقَتَ“ فِيل کي، سَڄا سُڃاڻَنِ؛
سَندِي سَرۡدارَنِ، بَصِيرَتَ بِينا ڪَري.

وائي 1

مُنھن مَنجِهہ خَلِيلُ، اَندَرِ آذَرُ آھئين.
سَڌَ مَ ڪَر صِحَتَ جِي، اَڃا تُون عَلِيلُ؛
نالو ناھ نِفاقَ جو، جِتي رَبُ جَلِيلُ؛
مُنھن ۾ مُسَلمانُ تُون، قَلۡبُ تان قَلِيلُ؛
والِيءَ جي وِصالَ ۾، دوئِي ناھ دَلِيلُ؛
اَلا! عَبۡدُاللَطِيفُ چَئي، سَچو رَکائِجُ سِيلُ.

وائي 2

مَؤتَ مُندَ نہ آھي، تائِبَ ٿِيو تَڪِڙا.
”عَجِّلُوۡا بِالتَّوۡبَةِ قَبۡلَ الۡمَوۡتِ“، ويھُ تُون ويرَمَ لائي؛
پِرِيان ڪارَڻِ پاڻَ کي، سِگهو ويھُ سَنباھي؛
اَجَلُ اَسارَنِ کي، ڪامَ وَٺِي ٿو ڪاھي؛
وِڌائِين وَڍَڻَ لَءِ، ڳَنُ ڪُھاڙِيءَ پاھي؛
عِمارَتُون اَنڌَنِ جُون، ڊاھيو ٿو ڊاھي؛
نِبا گهوٽَ گَهرَنِ ڏي، ڪَنھن وَڏِيءَ ويرَ وَناھي؛
اُتي، عَبۡدُاللَطِيفُ چَئي، بِنا ڪَفَنَ پَراھي.

داستان چوٿون

1
مَحرُومَ ٿِي مَرِي وِيا، ماھرَ ٿِي نہ مُئا؛
چِڙِيءَ جِيئَن چُھنجَ ھڻِي، لَڏِيائُون لُئا؛
حُبابَ ئِي ھئا، اِنهي واديءَ وِچَ ۾.
2
اَسِين سِڪُون جن کي، اَسِين پُڻِ سيئِي؛
”لَمۡ يَلِدۡ وَلَمۡ يُوۡلَدۡ“، وَنءُ اوڏانھين پيھي؛
تِھان مَنجهيئِي، پارِکَ! پَرِکِجِ حَقَ کي.
3
ڏِسَڻُ ڏِسِين جي، تہ ھمھ کي حَقُ چَئِين؛
شارِڪَ! شَڪُ مَ ني، اَنڌا! اِنهي ڳالهہ ۾.
4
آڏو جو اِثباتِ کي، سو شِرڪُ لاھي شَڪُ؛
ھئي جنھن ۾ حَقُ، تنھن نَفِيءَ جِھو ناھ ڪو.
5
اِنَ پَرِ نہ اِيمانُ، جِئَن ڪَلِمي گو ڪوٺائِيين؛
دَغا تُنھنجي دِلِ ۾، شِرۡڪ ۽ شَيطانُ؛
مُنھن ۾ مُسَلمانُ، اَندَرِ آذَرُ آھئين.
6
ڪُوڙو تُون ڪُفرَ سين، ڪافَرُ مَ ڪوٺاءِ؛
ھندُو ھڏِ نہ آھئين، جَڻِيو تو نہ جُڳاء؛
تِلۡڪُ تِنِين کي لاءِ، سَچا جي شِرۡڪَ سين.
7
مُنھن تہ آھيرِيان ئِي اَجِرو، قَلۡبَ ۾ ڪارو؛
ٻَھران زيبُ زِبانَ سين، دِلِ ۾ ھچارو؛
اِنَ پَر ويچارو، ويجهو ناھ وِصالَ سين.
8
تُون ڪا ڪانِي پاءِ، وَنِنِ ۾ وِصالَ جِي؛
دُوبِينائِي دُورِ ڪَري، مَعۡرِفَتَ مَلهاءِ؛
سُپيرِيان جِي سُونھن ۾، رُخنو ڪونَ رِھاءِ؛
اَکِ اَشَھد چاءِ، تہ مُسَلِمانِي ماڻِئين.
9
سُرمُون سِياھيءَ جو، رَننِ کي رِھاءِ؛
ڪانِي ڪارائِيءَ جي، مُڙسُ ٿي مَ پاءِ؛
اَکِيُنِ ۾ اَٽِڪاءِ، لالائِي لالَنَ جي.
10
سُرمون سُرخِيءَ جو، جَڏھن پاتو جن؛
تَڏھن ڏِٺِي تن، رَوۡنَقَ ريٽي جَھڙي.
11
سُرۡمون سُفيدِيءَ جو، جَڏھن وِڌو جن؛
تَڏھن ڏِٺِي تن، اَڇائِي عالَمَ ۾.
12
مُون تان لِڪائِي گَهڻو، روئَڻَ ڪِي روشَنُ؛
رَسِيو ريزالَنِ کي، مَنجهان زَردِيءَ ظَنُ؛
ويرِي مُون وَرَنُ، ڳالِهہ ڪَيائِين ڳُجَهہ جِي.
13
لَکين سَئين مَھراڻَ، آٽِي سَڀِ اُڌَمِيا؛
سَڙان مَنجهين مانَ، ٻَھرِ ٻاڦَ نہ نِڪري.
14
”پاڻُ“ پَردو پاڻَ کي، سُڻِي ڪَرِ سَنڀالَ؛
وِچان جو وِصالَ، سو تان ھئَڻُ ھنَ جو.
15
”پاڻُ“ پَردو پاڻَ کي، طالِبَ! سُڻجِ تُون؛
نَڪا ھان نہ ھون، پَردا سَڀِ پاسي ٿِيا.
16
”مُون“ مُونھين ۾ سَپَجي، مُون کي ”مُون“ جُڳاءِ؛
مُونھين جي ساڃاءِ، مُونھين مَنجهان ”مُون“ ٿِئي؛
اُنَھين اِئن جُڳاءِ، آن کي اِئن نہ چَوَڻو.
17
گُندِي نِينھن نہ سَپَجي، تُھَ نہ پَچي ماھُ؛
ڪَچِيءَ پَرِ ڪِئاءُ، ٿِئي سَماجوڳُ سَڄَڻين؟
18
نَظَرُ نِزدِيڪونِ، سَھي نہ سَگهان ساعَتَ سِيئن؛
پَسَڻُ پَري سَندونِ، آئون نالي ڳِيڙي نِجُهران.
19
مُون کي مُون پِرِيَنِ، ٻَڌِي وِڌو ٻارِ ۾؛
اُڀا اِيئَن چَوَنِ، مَڇُڻ پاندُ پُسائِيين.
20
پِيو جو پاتارِ، سو ڪِئَن پُسَڻَ کان پالهو رَھي؟
سالِڪَ! مُون سيکارِ، ڪو پَھُ اِنهين پاندَ جو.
21
ڪَرِ طَرِيقَت تَڪِيو، شَرِيعَتَ سُڃاڻُ؛
ھنئون حَقِيقَتَ ھيرِ تُون، ماڳُ مَعرفَتَ ڄاڻُ؛
ھوءِ ثابُوتِيءَ ساڻُ، تہ پُسڻان پالهو رَھين.
22
ڪُوڙِي ڪِج مَ ڪَڏَھين، ڦِڪِي ڀانئِجِ ڦانگَ؛
ساري سَناسِيُنِ جِئَن، لائِقَ! رَکِجِ لانگَ؛
تہ چارَئِي چُنِيءَ پاندَ، اوسا ڳِنهي اُڪرِين.
23
سُتوئِي سيڄَ گُهرِين، جَفا ڏِئين نہ جانِ؛
صُلِحَ رِيءَ سيڻانِ، مَتان نُونڌين نہ چَڙھين.
24
صُلِحُ جِنِ سَڄَڻَ سين، سيڄَ ماڻِيندا سي؛
”اَلَّذِيۡنَ اٰمَنُوۡا وَکَانُوۡا يَتَّقُوۡنَ“، اِنَ پَر اُڀا جي؛
نيئِي نُونڌين تي، ڏِکي چِٽي چاڙِھيا.
25
جي ٿِيا حَلُ حَبِيبَ سين، سُمهڻُ تن ثَوابُ؛
نيڻَ ھيرائي نِنڊَ سين، خوش ڪَيائُون خَوابُ؛
اوسِيڙو عَذابُ، دِلِيان تَنِين دُورِ ٿِيو.
26
تَنُ تَسبِيحَ، مَنُ مَڻِيو، دِلِ دَنبُورو جَنِ؛
تَندُون جي طَلَبَ جُون، وَحدَتَ سِرِ وَڄَنِ؛
”وَحۡدَہٗ لَا شَرِيۡکَ لَهٗ“، اِھو راڳُ رَڳُنِ؛
سي سُتائِي جاڳَنِ، نِنڊَ عِبادَتَ اُنِ جِي.

وائي

ڪِي اُنِھين مَنجِهہ آھي، ھو جي جُهونا پَسجَنِ جُهوپِڙا.
اِنَ دَرِ سيئِي اَگِهيا، جن کي ڪونَ چِتائي؛
ڌارِيان ڀانئِنِ ڌارِيو، پاڻُ پِرِيان سين کائي؛
”اِنَّ اَوۡلِيَائِيۡ تَحۡتَ قَبَائِيۡ“، پَنھنجا پاڻَ پَھرائي؛
”لَا يَعۡرِفُھمۡ غَيۡرِيۡ“، پَرَ کي ڪِينَ پَسائي؛
پَنھنجِي ڇَڏي پَٽَ ۾، رِڙھ اُنِين جي رائي؛
خِدمَتَ ڪَرِ خُلۡقَ سين، پاندُ ڳِچِيءَ ۾ پائي؛
اَدِيُون! عَبۡدُاللَطِيفُ چَئي، اِتاھين ڪِي آھي.

سر آسا پورو ٿيو