سر ديسي

داستان پھريون

1
ڏاگهنِ، ڏيرَنِ، ڏُونگَرَنِ، ٽِنهِي ڏِنَمِ ڏکَ؛
سي سَڀِ ڀانيَمِ سُکَ، ھيڪاندِ ڪارَڻِ ھوتَ جي.
2
ڏاگهنِ، ڏيرَنِ، ڏُونگَرَنِ، ڏکَنِ آئون ڏَڌِي؛
پُڇان پيرُ پُنهونءَ جو، وِجهان وِکَ وَڌِي؛
لِکئي آئون لَڌِي، ناتَ پَٽَنِ ڪيرَ پَنڌُ ڪَري.
3
اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جڏھن ڏاگها ڏِٺَءِ ڏِينھَن؛
وَٺِي سَڙَڪَ، سَسُئِي! ويھُ وِھاڻِيءَ سِيئَن؛
چوٽي سين چانگَنِ کي، جَڙِ زَنجِيرُن جِيئن؛
تہ ھوتُ تُنھنجو ھِيئن، ھوندِ پُنهون نيائُون نہ پاڻَ سين.
4
اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جڏھن ڏاگها ڏِينھَن ڏِٺاءِ؛
ڪُنجُون جي قُفِلَنِ جون، تان ڪنھن لَلِ لِڪاءِ؛
تہ سُڀاڻي سَندِياءِ، ٿِئي سارُوڻِي سَسُئِي!
5
اَڳي اُٺَ رَڙَنِ، مُون ڀيري ماٺِ ٿِئِي؛
پَلاڻِيندي، پاڻَ ۾، ڪُڇِيو ڪِينَ ڪُٺَنِ؛
ڪا جا مامَ مُٺَنِ، ھِنِ پڻ ھُئِي ھُنَ سين.
6
ڇا جي ڏِنگا ڏيرَ، مُنھنجو ڏِينھن ڏِنگو مَ ٿِئي!
اُٺَنِ ۽ اوٺِيَڙَنِ جي، ڇا وَھِيڻو ويرُ؟
ھِيَ ڪَمِيڻِي ڪيرَ؟ جا اَمُرَ کي آڏو ڦِري.
7
ديسِي سيڻَ ڪَجَنِ، پَرَديسِي ڪَھڙا پِرِين؟
لَڏِيو لاڏؤڻا ڪَيو، پَنھنجي ديسِ وَڃَنِ؛
پُڄاڻان پِرِيَنِ، ڪَجي بَسِ ڀَنڀورَ کان.
8
اُٺَ مَ اوري آڻِ، ڏاگهنِ ڏَڌِي آھِيان!
ھَڻِي ھَٿُ ھَيَنِ کي، پَري نيئِي پَلاڻِ؛
ھوتُ مُنھنجو ھاڻِ، پُنهون نِيائُون پاڻَ سين.
9
جَتَ ھَڏھِين ھُتِ، مُون ھِتِ ھِنئَڙي ۾ حَلُ ٿِيا؛
چَنگُلَ جنِين چوڦَرا، راحَتَ تن جِي رُتِ؛
گُنگَنِ جي گُپُتِ، ڇيڙي وِڌِيَسِ ڇَپَرين.
10
گھَ سِرِ ٿِئي مَ گُسَ، پَڻِي پوءِ مَ پِرينءَ تي!
جنھن سِرِ ساڄَنُ سُپِرِين، تنھن اُٺَ مَ لَڳي اُسَ!
پُنهون پاڪُ پُرِسَ! ھوتَ نہ ڪَجَنِ ھيڏِيُون.
11
لَڏِيندي لِباسُ، جَتَنِ جيڏوئِي ڪَيو؛
اَچي آرِيءَ ڄامَ جو، وَڻَ وَڻَ مَنجهان واسُ؛
مِرُون کِيَنِمِ ماسُ، ھَڏَ ھَلندا ھوتَ ڏي.
12
اُٺَ ويرِي، اوٺارَ ويرِي، ويرِي ٿِيَڙَمِ ڏيرَ؛
چوٿون ويرِي واءُ ٿِيو، جنھن لَٽِيا پُنهونءَ جا پَيرَ؛
پَنجون ويري سِڄُ ٿِيو، جنھن اُلَھي ڪِي اَويرَ؛
ڇَھون ويري ڇَپَرُ ٿِيو، جنھن سَنوان ڪَيا نہ سيرَ؛
سَتون ويري چَنڊُ ٿِيو، کِڙِيو نہ وَڏِيءَ ويرَ؛
واھيري جِي ويرَ، ڇُلُون ڪَرِيان ڇَپَرين!

داستان ٻيو

1
مِڙِي مُنڌَ ڏي آئِيُون، ساھيڙِيُون سَھَجان؛
اَلسَّفَرُ قِطۡعَةٌ مِنَّ النَّارِ، ھارِي! موٽُ ھِتان؛
سَڱَ صِراطَ الۡمُسۡتَقِيۡمَ جو، اَٿيئِي تان اڳيان؛
سي ڪيچِي نِيندَءِ ڪِيان؟ تُنھنجو نِينھُن نِفاقَ سين.
2
جَڏان ڪُنۡ فَيَکُوۡنَ چَئِي، نِيو آرِياڻِيءَ اَرِواحُ؛
اَنگُ اَڳهين لِکِيو، مُنھنجو مِيثاقاءَ؛
مَنۡ طَلَبَ شَيۡئاً وَّ جَدَّ وَ جَدَ، اُتو عَلِيءَ شاھ؛
اَڃا اِن حَدِيثَ جو، مُون آسِرو آھ؛
پُنهونءَ جي پيغامَ تان، مُنھِنجو موتُ مُباحُ؛
سَرَتِيُون! دُعا ڪَجاھ، تہ ميڙائو مُون ٿِئي.
3
سَبَھ سِياھِي، آھي آرِيءَ ڄامَ ري؛
ڪڏھن پَسي ڪا نہ ڪا، رِءَ لالَنَ لالائِي؛
دُودُ دِلِ تان دُورڪَري، ڪَرِ، ساجَنَ! صَفائِي؛
مَنۡ لاَ شَيۡخُ لَهٗ فَشَيۡخُه الشَّيۡطَانُ، اِنَ رِءَ اُونداھِي؛
ھُوءَ جا ھَلِي ھيڪِلِي، سا گِيرَبَ گَمائِي؛
بِلَا شَيۡخِ مَنۡ يّـَمۡشِيۡ فِى الَّطَرِيۡقِ، اِھڙِي اَوائِي؛
تنھن رِءَ تَوائِي، ڪوڙين ٿِيَنِ ڪيتَريُون.
4
ڀِنِيءَ ٿا ڀَرِينِ، ساٿِيُنِ سَنڊَ ھَٿَنِ ۾؛
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئي، مُون کي مَنجهہ نہ ڏِينِ؛
ھوتُ پُنهون ٿا نِينِ، اَسُونھِينءَ جو آجِڪو!
5
پڻ ٿا پَلاڻِينِ، اوٺِي اَڄُ اُٻاکَرا؛
پَھ پاريسِيُون پاڻَ ۾، ڏيرَ ڏِھاڻِي ڏِين؛
ھوتُ پُنهون ٿا نِينِ، ٻاروچِي ٻولِي ڪَيو!
6
دوڪَ دَھِليا جِتِ، گئورا ھَلَنِ نہ گَسَ ۾؛
چَؤسالَ ئِي نہ چَلِڻا، ٿِي تَنگَ نِھاري تِتِ؛
سُوڌِي اُنِين، سَيَدُ چئي، پوءِ پانچارِيَنِ پِرِتِ؛
اِنَ اَڙانگي پَنڌَ جِي، ڪا نيشَنِ پوءِ نِرِتِ؛
سَسُئِي وَڏي سَتِ، جا اَھڙِيءَ پَرِ پَنڌُ ڪَري.
7
”ھَيءِ ! ھَيءِ!“ ڪَيو ”ھاءِ!“، ٿِي پاڻ ھڻي سِرِ پاھِڻين؛
لَڌائِين، لَطِيفُ چَئي، جُوءِ جَتَنِ جِي جاءِ؛
شُڪۡرَ، بارِ! سَنداءِ، سُٿاڻي ساٿِ مڙِي.

داستان ٽيون

1
اَللھ ڪارَڻِ، اوٺِيا! ليڙا نِيو مَ لُرَ؛
نِيو نِماڻِي پاڻَ سين، ٻانِهيءَ جهلي ٻُرَ؛
مُون کي ماري مَنجهہ ٿِي، سَندِي ھوتَنِ ھُرَ؛
ڪَچو لايان ڪُرَ، ڪيچان اوري جي وَران.
2
ڪيچان اوري ڪيتِريُون، مَعذُورِيُون مُيُون؛
واٽُون وِيھ ٿِيُون، ڪُھ ڄاڻان ڪيھِي ويا؟
3
ڪيچان آيو قافِلو، جُنگُ سُونھارِيءَ جوڙَ؛
تَلِيارا توڏَنِ کي، ڳِچِيءَ سُونھَنِ موڙَ؛
دؤلَتَ چايان دوڙَ، جي مُون نِيو پاڻَ سين.
4
جهوُڙا جن جهلُنِ ۾، ھِيري لَکَ ھَزارَ؛
لَڳا واٽَ وَڻَنِ جا، پُنهونءَ کي پالارَ؛
آن ڪي ويندا گَڏِيا، اَھِڙيءَ سِٽَ سُوارَ؟
لَنگهي ڪالَهہ قَطار، تُون، آئِي! اَڄُ نِھارِئين!
5
مِزِمانَنِ مَھرِي، آڻي جهوڪِيا جهوڪَ ۾؛
چاٽي چَنبَنِ ۾ وِيا، جِئن بازُ سَٽي بَحرِي؛
ڪوھِيارو قَھرِي، وِيو نِھوڙي نِنڊَ ۾!
6
مُون ڀانيو مُون وَٽِ، ھَميشَه ھُوندا پِرِين؛
ويڙھو ڏيئِي ويڪِرو، پَھري وِيا پَٽِ؛
ساھ جنِين جي سَٽِ، وِڪِيُمِ ٿي وَڻِڪارِ ۾.
7
مُون ڀانيو مِزِمانَ، ھَميشه ھُوندا پِرِين؛
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَليا، ڪَھِلَ ڪَيائُون ڪانَ؛
ڏيئِي ويا ڏاھ کي، سُورَنِ جا سامانَ؛
جورو راتِ جُوانَ، جيڏيُون! جَتَ ڪَري وِيا!
8
بِرِھ مَڻايُسِ بَرُ، ناتَ سُکِي ڪيرَ سَڌُون ڪَري؟
گهڻو ڏورِيائِين ڏکَ سين، ڏيرَنِ لءِ ڏُونگَرَ؛
ورِي آيُسِ وَرُ، سَفَرَ مُئِيءَ جا سابِ پِيا.
9
وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرَنِ وَرُ وَڏو ڪَيو؛
نِھارِيندِيَسِ نِڪرِي، بوتَنِ ڪارَڻِ بَرُ؛
آڏو ٽَڪَرَ ٽَرُ، متان روھ رَتِيُون ٿِئين!
10
وَرَ وَراڪا وِچَ ۾، لَکين آڏا لَڪَ؛
ھُو جي آڏا حَقَ، سي ڪَندا ڪوھ ڪَندِيُنِ کي؟

داستان چوٿون

1
وارو! وَرُ وَٺِي وِيا، آرِيچا اَظۡلامَ؛
آندائُون آريءَ جا، پُنهونءَ ڏي پَيغامَ؛
پَھ ڪَيائُون پاڻَ ۾، مُنھان مَخِفِي مامَ؛
سَنڀُورا ساٿُ کَڻِي، ويساھي وَرِيامَ؛
ڪاڪِيُون! راتِ قِيامَ، جيڏِيُون! جَتَ ڪَري وِيا!
2
وارو! وَرُ وَٺِي وِيا، ڪَري ڏيرَ ڏَمَرُ؛
ھاڻي ٿِيو حَشَرُ، پُنا قَول قِيامَ جا!
3
وارو! وَرُ وَٺِي وِيا، ڏاڙِھِيءَ ڀَنڀا ڏيرَ؛
ڏِيندِيَسِ ڏاڍين ڏُونگَرين، اُنِين لَءِ اُليرَ؛
ڪيچِ پھچي ڪيرَ؟ وڃڻَ سين وَسُ ڪَرِيان.
4
جَڏِيءَ وَٽِ جالي، مانَ اَللھ ڪارَڻِ لِکَ سِيئن؛
آھي آريءَ ڄامَ جي، ھِتِ ھُتِ حوالي؛
عَيبَ مُون اَڳَرا، مانَ نِرۡمَلُ نِڪالي!
پَرِٽياڻِي پالي، ڪامِلُ نِيندو ڪيچَ ڏي!
5
پَرِٽَنِ جي پاڙي، جاڙَ گُذارِيَمِ، جيڏِيُون!
جنِين مُون کي مارِيو، سُورَنِ سين ساڙي؛
اِرادي آڻي، سانگِيُنِ سين سَڱُ ڪَيو.
6
اَسِين پاڻَ پَرِٽَ، پورھِيَتَ پُنهونءَ ڄامَ جا؛
ھوتُ کَٿُورِيءَ ھيرَئون، مُون ۾ صابُڻَ ڇَٽَ؛
آتَڻَ مَنجهہ اُگهٽَ، ڪانڌُ ڪنھِين جِي مَ ڪَري!
7
آئون تان اَھڙياءِ، جا ٻانِهيءَ کي ٻائِي چوان؛
مُون ڪَمِيڻِيءَ لاءِ، پُنهون ٿي پَرِٽُ ٿِيو.
8
گَڏِيو ڌوٻِيُنِ ڌوءِ، پُنهونءَ پارِچو ھَٿَ ۾؛
اُتي آرِيءَ ڄامَ جو، قاصِدُ آيُسِ ڪوءِ؛
اِيُ، ڪامِلُ! ڪَمُ نہ سَندوءِ، جِئَن پَھَسَ پَڇاڙِئين پوتِئين.
9
نَڪو ڪيچُ ڀَنڀورُ، نَڪو مائِٽُ مُنڌَ جو؛
ھورُ مِڙوئِي ھِنَ کي، ھوتَنِ ڪونهي ھورُ؛
زارِيءَ ڌاران زورُ، ھَلي ڪونَ حَبِيبَ سين.

داستان پنجون

1
جئن سو ھَرَڻُ ھُماءُ، سَرگَردان سَنسارَ ۾؛
ھِيُ پَڳُ نہ کوڙي پَـٽِئين، ھُو ڌَڙَ سِرِ ڌَري نہ ساھ؛
جيڪُسِ تن مُلاءُ، سَسُئِيءَ سُورَ پِرائِيا.
2
راتِ ڏِٺائِين روجهہ، ڀانءِ ڪِ اوٺِي آئِيا؛
پِرِيَتَڻي پِرِيُنِ جي، سِڪَڻَ ڪِي سَٻوجهہ؛
ھُئِي گهڻو اَٻوجهہ، سُورَنِ سُنھائِي سَسُئِي.
3
سَمَرُ جنِين نہ ساڻُ، ھوتُ حِماتِي تن جو؛
ڪَري ڇيڄَ ڇَپَرَ ۾، پُنهون اِيندو پاڻَ؛
ٿِيندِي رِيجهہ رِھاڻِ، لَحظي مَنجهہ، لَطِيفُ چئي.
4
سَسُئِيءَ لَنگهيو سو، مَردَ جنھن ماتِ ڪَيا؛
جَبَلُ وڏو جو، نوُڻِ مِڙوئِي نِينھَن کي.
5
ڇَپَرُ ڇَمَرُ ڀانيان، ڪانڀو ۽ ڪارو؛
پَٻُ وِجهندِيَسِ پُٺِ تي، صُبُحَ سَوارو؛
وَڃَڻَ مُون وارو، ڪينَ وِھَندِيَسِ وِچَ ۾.
6
ڇَپَرَ ۽ ڇَمَرَ، ٿا لَڳَھ لَڳَنِ پاڻَ ۾؛
ڏاڍا ڏُونگَرَ ڪَرڪَرا، ويڌَ، وِنگايُون وَرَ؛
آئون پِيادِي پَٽِئين، نِماڻِي نِڌَرَ؛
سُورِيُون جِتِ سَڳَرَ؛ اُتِ ٻاتاڙِيءَ ٻِيلِي ٿِئين!

داستان ڇھون

1
آڏَ تِراڇا، آھُڙا، ڏُونگَرَ کي ڏاڪا؛
ڪَيَمِ آھ عَجِيبَ کي، سِڪَ مَنجهان سا ڪا؛
پيئِي ھٿِيڪِي ھوَتَ کي، ڪُوڪَ وَڃِي ڪَنِ ڪا؛
مُنھنجو وَسُ واڪا، ٻُڌَڻُ ڪَمُ ٻَروچَ جو.
2
آڏَ تِراڇا، آھُڙا، ڏُونگَرَ کي ڏاڪا؛
وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِيا، بَرِ چَڙھِي باڪا؛
ڦَٽِيا پيرَ فَقِيرِ جا، چَڙَھندي چَڙھاڪا؛
ھُيَنِ جِيءَ اَندَرِ جا ڪا، وِيا پُڄائي پانھِنجِي.
3
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھ گهڻِي، جِتِ بَرَپَٽَ، سُڄَنِ بَيرانُ؛
ڏاھَنِ ڏاھَپَ وِسِرِي، ٿِيا حَرِيفَ ئِي حَيرانُ؛
سَسُئِيءَ لَنگهيو، سَيَدُ چئي، مُحَبَتَ سين مَيدانُ؛
جنھنجو آرِياڻِي اَڳِوانُ، تَنھن ڪانهي باڪَ بَھِيرَ ۾.
4
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ، ڪَھ گهڻِي، جِتِ جَبَلَ گُوناگُونِ؛
ليڙَنِ جُون، لَطِيفُ چئي، تَنگِ تَنوارُون پُونِ؛
جنِ ڏِٺو پيرُ پُنهونءَ جو، سي نہ ڪي رُون، نہ چُونِ؛
ھُوندَنِ مَٿي ھُونِ، لاڳاپا ھِنَ لوڪَ جا.
5
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ، ڪَھ گهڻِي، جِتِ وِيا روڏا رِنگائي؛
ساڱاپي سيڻَنِ جي، ٿِي وِندُرِ واجهائي؛
رَھيَسِ، رَسُ، لَطِيفُ چئي، تنھن ڪَمِيڻِيءَ ڪاھي؛
آرِياڻِي آھي، مَنَھِن مَعذُورِنِ جي.
6
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ، ڪَھ گهڻِي، جِتِ مِينھَن وَسَنِ ماڪُون؛
سُڄَنِ ٿِيُون، سَيَدُ چئي، ھاڙھي جُون ھاڪُون؛
جِتِ اَنڌيوُن اوطاقُون، تِتِ ڪاھي رَسِجِ، ڪارَڻِي!
7
ماڻِڪُ مِٽُ سَندومِ، اونداھِيءَ ۾ سوجهرو؛
حَشَرَ ويلَ حِسابَ ۾، ڇَڏي نہ ويندومِ؛
سارِيو سَڏُ ڪَندومِ، ڪوھِيارو ڪيچَ ڌَڻِي.

داستان ستون

1
پُنهونءَ سين پِرِيتِ جو، ڪو جو پيچُ پِيومِ؛
ڀَنڀي ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، وِھَڻُ وِھ ٿِيومِ؛
مَتِيُون موٽَڻَ سَندِيُون، ڪاڪِيُون! ڪِيمَ ڏِيومِ؛
سَرَتِيُون! ساھ سَندومِ، ٿِيو حَوالي ھوتَ جي.
2
ڏانجهنِ تي ڏانجها، ڏِنائُون ڏکِيءَ کي؛
لَڳِيَسِ نائُڪَ نِينھَن جِي، ڪُڙِھ اَندَرِ ڪا جا؛
ٿَرَنِ ۾ ٿاجا، ڪَري مُنڌَ مِرُنِ سين.
3
ڪو مُنھِن ڪُٺَلِ آئِيو، وَسِ نہ ويچارِي؛
ھوتَ! تُنھنجي ھَٿَ ري، پَھُچي نہ پارِي؛
اَچِين جي، آرِي! تہ پاندَ پُڄِي، لَڪُ لَنگهيان.
4
ڪَڏِھن تان ٻاجهہ پَئِي، ساڄَنَ! مُنجُ سَلامُ؛
سِڪَ تُنھنجِيءَ، سُپِرِين! ڪَيو تَنُ تَمامُ؛
ھَٿين ھاجَ وِھ ٿِي، نيڻين نِنڊَ حَرامُ؛
دوسَ! نہ سَھان دامُ، تُون وِندُرِ ٿو ويلا ڪَرِين!
5
بَرُ مِڙوئِي بُوءِ، ڇَپَرَ ڇاٽُون مُڪِيُون؛
ٻَھ ٻَھ ٿي ڀَنڀورَ ۾، ھَنڌَ مِڙيئِي ھُوءِ؛
راڻِيُنِ وَرِي روُءِ، گُوندَرَ لَٿا گولِئين.
6
جَتَنِ سان جانۡڪُون، سَرَتِيُون! مُون سَڱُ ٿِيو؛
ڪَري ڪوھِيارو وِيو، تَنُ ڇِنِي تانڪُون؛
آئون پڻ تَڏانڪُون، اَڌَ ڏُکوئِي آھِيان.
7
مَتان ڪا، ٻَڙِي! ٻولَ ٻاروچي وِسَھي؛
ھُوندَ نہ سُتِيَسِ، سَرَتِيُون! ويھِي رَھِيَسِ وَڙِي؛
جَتَ پَنھنجي جُوءِ ۾، گهارِينِ مانَ گهڙِي؛
ڪيچِيُنِ آئون نہ ڪَڙِي، ڪنھن ڏکِيءَ ڏاوَڻُ ڏائِيو.
8
اَدِيُون! آئون نہ تِيئَن، جِيئَن پِرِيَتَڻو پِرِيُنِ سين؛
ٻَڌِي سُتِيَسِ نہ سوگهو، ڇَلۡوَرُ ڇاتِيءَ سِيئَن؛
ڪيچِي ڪاھي ڪَرَھا، مُونھان وَڃَنِ ڪِيئَن؟
ڏوھ مُنھنجي ڏِينھَن، پُنهونءَ کي ڪا مَ چَئي.
9
وَرَ! مَ وِساريجِ، آھِيان تُنھنجي آسِري؛
ڏاڍو ڏُونگَرَ جو سُڄي، سو لُطفُون لَنگهائيجِ؛
اُسِرِي اُتَھِين، وِيرَ! تُون، آرِي ڄامَ اَچيجِ؛
نِماڻِيءَ کي نُورَ سين، لالَنَ! لَڏائيجِ؛
ظُلِمَتَ جا زمين جِي، سا نِرِمَلَ! نُورُ ڪَريجِ؛
ڪامِلَ! ڪَنِ ڪَريجِ، فَرياديُون فَقِيرِ جون.

وائي

ڇورِي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، ٻاروچلَ! ٻانِهي؛
جانِبَ جهڙو جَڳَ ۾، ناھي ڪو ثانِي؛
پُنَھَلَ! نِيو پاڻَ سان، پورِھَيتِ پَرِٽِياڻِي؛
پورِھيو ڪَندِيَسِ پِرَ جو، ڀَرِيندِيَسِ پاڻِي؛
ھوتَ! مَ ڇَڏِيو ھيڪِلِي، ھِيءَ جا وِندُرَ وِڪاڻِي؛
اَدِيُون! عَبۡدُاللَطِيفُ چئي، اِيندُمِ آرِياڻِي.

 

سر ديسي پورو ٿيو