ڪو ته ڏيئو ٻاري هلجي

مارچ 12, 2013

تحرير: عبدالماجد ڀرڳڙي

مون اڄ پنھنجي فون کي اينڊرائڊ سسٽم 4.1.1 سان اپڊيٽ ڪيو ۽ مونکي اهو ڏسي بيحد خوشي ٿي تہ سنڌي سان لاڳاپيل ڪيئي مسئلا جيڪي پراڻي سسٽم ۾ هئا سي هاڻي نظر ڪونہ ٿا اچن. هاڻي سنڌي بنان ڪنھن مسئلي جي هر پروگرام ۾ ۽ انٽرنيٽ تي لکجي پئي.

ظاهر آهي تہ ڪنھن بہ ٻولي جي ڪمپيوٽر، ٽيبليٽز ۽ فون ڊوائسز تي ترويج جي عمل جي رفتار جو دارومدار گھڻي ڀاڱي انھيءَ ڳالھ تي آهي تہ ان ٻوليءَ جا وارث ۽ نگھبان، يعني اهي جن جي اها مادري زبان آهي، سي ان جي استعمال ۾ ڪيترا اڳڀرا ، فعال، چُست ۽ مستعد آهن. اسان ان تي ڀاڙي نہ ٿا ويھي سگهون تہ مدعي ڀلي سست هجي پر گواھ اسان کي چُست ملي.

جيئن اسان پنھنجي ٻوليءَ جي استعمال کي وڌائينداسين، تيئن ان انڊسٽري سان لاڳاپيل ڪاروباري ۽ غيرڪاروباري ادارن کي بہ احساس ٿيندو تہ ها ٻيلي هي ٻولي نڌڻڪي ناهي، ان جا بہ ڪي والي وارث آهن، ان جا استعمال ڪندڙ بہ آهن، تنھنڪري اسان کي پنھنجي هارڊويئر ۽ سافٽ ويئر ۾ ان لاءِ گنجائش رکڻ گهرجي.

اينڊرائڊ جي نئين ورشن ۾ سنڌيءَ جي حوالي سان جيڪا بظاهر اڻ اعلانيل اڳڀرائي ٿي آهي، اها ان حقيقت جو چٽو ثبوت آهي. اهڙي طرح سان ان کان اڳ جيڪو ونڊوز 8 ۾ سنڌيءَ کي اهم ٻوليءَ جي حيثيت ۾ شامل ڪيو ويو، اهو پڻ هڪ اهم سنگ ميل آهي. لنڪس جي ابنٽو سسٽم جي سنڌي ۾ لوڪلائيزيشن جي حوالي سان ڪجهہ ڏينھن ئي دوستن دل لڳائي ڪم ڪيو تہ ان ۾ ان حد تائين سپورٽ اچي وئي جو نہ رڳو ڪيبورڊ ۽ فانٽ شامل ڪيا ويا، پر آپريٽنگ سسٽم ۾ سنڌي جو نماءُ اچي ويو. ڪافي عرصي تائين، ميڪنٽوش ۾ اهي سنڌي فانٽ استعمال ٿي ڪونہ سگهندا جيڪي اوپن ٽائپ اسٽينڊرڊ مطابق هوندا هئا، پر پوءِ جيئن ئي ميڪنٽوش وارن اوپن ٽائپ جي آڌار تي ٺھيل فانٽن کي پنھنجي آپريٽنگ سسٽم ۾ سپورٽ ڏني تہ هڪدم سنڌي جا سوين فانٽ، جيڪي اڳ ۾ ونڊوز ۽ لنڪس ۾ استعمال ٿي سگهندا هئا سي ميڪنٽوش ۾ بہ استعمال ٿيڻ لڳا.

اڄ خوشي جي ڳالھ آهي تہ سنڌي جا ويب پيج پنھنجي خوبصورت مخصوص سنڌي لاءِ ٺھيل فانٽن ۾ ونڊوز، ميڪنٽوش، لنڪس، اينڊرائڊ (فائر فاڪس ۾، ٻين ۾ سسٽم فانٽ استعمال ٿئي ٿو جيڪو پڻ سنڌي لاءِ موزون آهي) ۽ گوگل جي ڪروم آپريٽنگ سسٽم ۾ بہ بھترين نموني ۾ ڏسي سگهجن ٿا. آئي پيڊ ۽ آئي فون ۾ بہ سنڌي پڙهي ۽ لکي (في الحال سنڌي نويس ذريعي) سگهجي ٿي.

سو وقت جي ضرورت ڇا آهي؟ سنڌي جو ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تي وڌ ۾ وڌ استعمال ۽ جتي جتي اسان ڪا اوڻائي يا گهٽتائي ڏسون، اتي جيڪڏهن اهو ڪم انھن هارڊويئر ۽ سافٽ ويئر ٺاهڻ وارن ادارن هٿان ٿيڻو آهي تہ انھن جو ڌيان ان اوڻائيءَ ڏانھن ڇڪائڻ ۽ ان جي ازالي لاءِ انھن کي لکڻ يا متعلقہ فورمن وغيرھ تي اها ڳالھہ آڻڻ. مثلًا نوڪيا ۾ سنڌي آڻڻ لاءِ هن فورم تي ڳالھہ هلي پئي، ان تي وڃي ان تي لکڻ.

 نوڪيا فورم جي لنڪ

اميد اٿم تہ سنڌي دوست پنھنجي ٻولي جي وارثي ڪندي منھنجي عرض تي غور ڪندا ۽ سنڌيءَ جي استعمال ۽ ان جي اوسر ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪندا تہ جيئن ايندڙ ڏينھن، مھينن ۽ سالن ۾ سنڌي ٻولي جي ترقي جي رفتار ۾ واڌارو ٿئي. اها اسان جي ذميداري آهي، اسان کي ئي نڀائڻي آهي، نہ تہ خدا نہ ڪري ڪا ڪمي بيشي رهجي وئي تہ ايندڙ نسل سڄو ڏوھ اسان جي ئي کاتي ۾ وجهندا.

عبد الماجد ڀرڳڙي

عبد الماجد ڀرڳڙي

ايم بي سٿ جو سرواڻ

عبد الماجد ڀرڳڙي سنڌي ٻولي ۾ ڪمپيوٽنگ جو باني آهي. هو لاڙڪاڻو سنڌ پاڪستان سان تعلق رکي ٿو، ۽ هاڻي سياٽل ۾ رھي ٿو. 1987-88 کان سندس ڪم ذاتي ڪمپيوٽرن تي سنڌي جي استعمال کي فعال بڻايو ۽ سنڌي اشاعتي ادارا ۽ اشاعتي صنعت ۾ انقلاب آندائين.

ٻوليءَ جي انجينئرنگ جو ادارو

تحرير: شبير ڪنڀار ٻوليون پنھنجن ادبي خزانن سان سڃاتيون وڃن ٿيون ۽ اسان جي سنڌي ٻولي ان معاملي ۾ ڏاڍي آسودي آھي. ڇاڪاڻ تہ کيس پنھنجي شاندار ادبي ورثي...

read more

ٻولين جي انجڻڪاريءَ بابت

تحرير: امر فياض ٻرڙو جڏھن اوھان ڪمپيوٽر مشين تي ڪنھن خاص ٻوليءَ ۾ لکو ٿا ۽ پوءِ پڙھو ٿا يا وري ان کي ليزر يا ڊاٽ پرنٽر تي ڇاپيو ٿا تہ اھو ٽيڪسٽ جي...

read more

سنڌي ٻولي سائبر صدي ۾

تحرير: عبدالماجد ڀرڳڙي اها تڏهن جي ڳالهہ آهي جڏهن هڪ فٽ جيتري ايپل ميڪنٽوش (20 ميگابائيٽ هارڊ ڊسڪ ۽ 2 ميگابائيٽ ميموري!) تي سنڌي الفابيٽ کي سيٽ ڪرڻ...

read more