اڄ ويب سائيٽ نئين سر اپڊيٽ ڪري جاري ڪئي وئي

اپريل 7, 2020

تحرير: عبدالماجد ڀرڳڙي

سنڌي ٻوليءَ جي ڊجيٽائيزيشن جو جيڪو سَلو، مون 1987ع ۾ لڳايو ھو، سو ھاڻ نہ رڳو وڌي وڻ ٿي ويو آھي پر ان جي ڇانوَ اڳ کان اڳري ۽ ميوو ڏاڍو مٺو ٿي رھيو آھي. ڇاڪاڻ تہ ان جي آبياري منھنجا نھايت سٻاجها ۽ سلڇڻا دوست امر فياض ٻرڙو ۽ شبير ڪنڀار ڪري رھيا آھن. جيڪي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيبورڊ لي آئوٽس، فانٽس، او. سي. آر. وغيرہ جھڙيون اڻڳڻ سھولتون جوڙڻ جي ڪم سان لڳاتار لڳل آھن. جيئن جيئن ٽيڪنالاجي اپڊيٽ ٿيندي رھي ٿي، تيئن تيئن ھو سنڌي ٻوليءَ سان جڙيل ائپليڪيشنس کي پڻ بروقت اپڊيٽ ڪري ٻوليءَ جي ڊجيٽل گهرجن جو پورائو ساندھ ڪندا رھن ٿا، ھاڻي ايم بي سٿ ۾ نوجوان ساٿي عبيد اللہ ٿھيم جو بہ اضافو ٿيو آھي، جنھن مواد کي نئين ويب سائيٽ ۾ منتقل ڪرڻ ۾ پنھنجو پاڻ ملھايو آھي.
دنيا جتي ڪورونا وائرس جي ڀوَ ۾ ورتل آھي اتي ھنن ٻنهي اھڙي حراس کان بي نياز ٿي ڀرڳڙي ڊاٽ ڪام جي اپڊيٽ جي ڪم کي ھٿ ۾ کنيو ۽ لڳاتار محنت سان ھن ويبسائيٽ کي وقت جديد ڪوڊنگ جي معيار سان ھم آھنگ ڪري اھڙي اپڊيٽ جوڙي اٿن، جنھن ڀرڳڙي ڊاٽ ڪام کي ھڪ ڀيرو وري ساڄي کان کاٻي لکجندڙ ٻولين ۾ مڙني کان مٿاھون ڪري بيھاريو آھي. سندن سکن لاءِ مان دم دم دعاڳو آھيان.
ويبسائيٽ ۾ قرآن پاڪ جو مڪمل سنڌي ترجمو، شاھ جو رسالو، شاھ جو رسالو (الف ب وار)، شاھ جو گنج، سچل جو سڄو ڪلام ۽ ناياب ڪتابن جا اِي ايڊيشن تہ اڳ ئي شامل ھئا پر ان کان سواءِ ھن اپڊيٽ ۾ جيڪا نواڻ آئي آھي سا ڪجهہ ھن طرح آھي:
1.  سنڌي انسٽال ڪرڻ کان سواءِ ئي آن اسڪرين سنڌي لکڻ (اپڊيٽ ڪيل)
2. ايم بي سنڌي انسٽالر ڊائونلوڊنگ لاءِ (اپڊيٽ ڪيل)
3. معياري سنڌي فانٽ ڊائونلوڊنگ لاءِ (اپڊيٽ ڪيل)
4. سنڌي ڪمپيوٽنگ لاءِ مختلف قسمن جا برقي اوزار ڊائونلوڊنگ لاءِ (اپڊيٽ ڪيل)
ان کان سواءِ سڄي ويبسائيٽ (ريٽينا) عڪسن موجب، جديد ترين ڪوڊنگ تي ھجڻ جي ڪري نھايت ھلڪي (lightweight) آھي، تنھنڪري سست رفتار انٽرنيٽ تي پڻ تڪڙي لوڊ ٿي وڃي ٿي، گڏوگڏ ڏيک پڻ بلڪل منفرد اٿس. ويبسائيٽ جو چڪر ھڻي نڪور ڏيک جو مزو ماڻيو ۽ اپڊيٽ ڪيل مواد ڊائونلوڊ ڪري پنھنجي سسٽم کي پڻ اپڊيٽ ڪريو تہ جيئن آنلائين سنڌي مواد کي جديد ڪوڊنگ موجب وڌائڻ ويجهائڻ ۾ پاڻ سڀئي ھڪ ٻئي جا ٻيلي ٿي پئون.
نيازمند

عبد الماجد ڀرڳڙي

عبد الماجد ڀرڳڙي

ايم بي سٿ جو سرواڻ

عبد الماجد ڀرڳڙي سنڌي ٻولي ۾ ڪمپيوٽنگ جو باني آهي. هو لاڙڪاڻو سنڌ پاڪستان سان تعلق رکي ٿو، ۽ هاڻي سياٽل ۾ رھي ٿو. 1987-88 کان سندس ڪم ذاتي ڪمپيوٽرن تي سنڌي جي استعمال کي فعال بڻايو ۽ سنڌي اشاعتي ادارا ۽ اشاعتي صنعت ۾ انقلاب آندائين.

ٻوليءَ جي انجينئرنگ جو ادارو

تحرير: شبير ڪنڀار ٻوليون پنھنجن ادبي خزانن سان سڃاتيون وڃن ٿيون ۽ اسان جي سنڌي ٻولي ان معاملي ۾ ڏاڍي آسودي آھي. ڇاڪاڻ تہ کيس پنھنجي شاندار ادبي ورثي...

read more

ٻولين جي انجڻڪاريءَ بابت

تحرير: امر فياض ٻرڙو جڏھن اوھان ڪمپيوٽر مشين تي ڪنھن خاص ٻوليءَ ۾ لکو ٿا ۽ پوءِ پڙھو ٿا يا وري ان کي ليزر يا ڊاٽ پرنٽر تي ڇاپيو ٿا تہ اھو ٽيڪسٽ جي...

read more

ڪو ته ڏيئو ٻاري هلجي

تحرير: عبدالماجد ڀرڳڙي مون اڄ پنھنجي فون کي اينڊرائڊ سسٽم 4.1.1 سان اپڊيٽ ڪيو ۽ مونکي اهو ڏسي بيحد خوشي ٿي تہ سنڌي سان لاڳاپيل ڪيئي مسئلا جيڪي پراڻي...

read more

سنڌي ٻولي سائبر صدي ۾

تحرير: عبدالماجد ڀرڳڙي اها تڏهن جي ڳالهہ آهي جڏهن هڪ فٽ جيتري ايپل ميڪنٽوش (20 ميگابائيٽ هارڊ ڊسڪ ۽ 2 ميگابائيٽ ميموري!) تي سنڌي الفابيٽ کي سيٽ ڪرڻ...

read more