ٻوليءَ جي انجينئرنگ جو ادارو

اپريل 5, 2020

تحرير: شبير ڪنڀار

ٻوليون پنھنجن ادبي خزانن سان سڃاتيون وڃن ٿيون ۽ اسان جي سنڌي ٻولي ان معاملي ۾ ڏاڍي آسودي آھي. ڇاڪاڻ تہ کيس پنھنجي شاندار ادبي ورثي جا ڪتابي ڀنڊار موجود آھن. جن تي اسين سڀئي پاڻ پڏايون ٿا. اسان جي ليکڪن، لوڪ ادب کان ويندي جديد ادب جي ڪيترين ئي صنفن تي طبع آزمائي ڪندي ڪتاب لکيا آھن. اسان وٽ سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جھڙا شاندار ادارا پڻ موجود آھن. جيڪي ھٿ لکت کان ويندي ڇپائيءَ تائين ٻوليءَ کي بگاڙ کان بچائڻ، ان جي سڌاري واڌاري ۽ اشاعت وارن ڪمن ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻين سرڪاري توڙي غيرسرڪاري ادارن ۽ فردن پاران ٿيندڙ ٻوليائي اشاعت وارن ڪمن جي نگھباني پڻ ڪن ٿا.
اڄڪلهہ ڏسجي ٿو تہ اسان وٽ ڇپائيءَ توڙي ميڊيائي ادارن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو واھپو عام جام آھي. سنڌي ٻوليءَ ۾ روزانو اخبارون، رسالا، ريڊيو، ٽيليويزن، انٽرنيٽ بلاگنگ، ولاگنگ (وڊيو بلاگنگ)، يوٽيوب، فيسبڪ ۽ ٽئٽر جھڙن فورمن تي سوشل ميڊيائي ڏي وٺ وسيلي، ڪيترو ئي سنڌي مواد ڇپجڻ سان گڏوگڏ آڊيو ۽ وڊيوز جي شڪل ۾ آنلائن پڌرو ٿي رھيو آھي. جنھن مان سڀڪو پنھنجي پسند آھر مواد چونڊي ڪتب آڻي ٿو.
ھن دؤر ۾ ھر ماڻهو سدائين باخبر رھڻ جي آس رکندي گهڻو وقت ڪنھن نہ ڪنھن سمارٽ ڊوائس وسيلي انٽرنيٽ سان ڳنڍيل رھي ٿو. سوشل ميڊيا تي مباحثن ۾ پنھنجي حصيداري ڳنڍي ٿو جنھن لاءِ گهڻي ڀاڱي کيس لکت جو گس وٺڻو پوي ٿو ۽ ان سلسلي ۾ ”ايم بي سنڌي“ ۽ ٻيا ڪيبورڊ ائپس سندس مددگار بڻجن ٿا. جن سان لکت وسيلي ھو پنھنجن پيارن سان ھنيانءَ جو حال اوري ٿو ۽ منجهائن ڪي وري ڏي ڪمينٽ ۽ وٺ ڪمينٽ واري ڪار ڪري مزو ماڻين ٿا.
ڏسجي تہ ايستائين يعني اسڪرين تي لکڻ پڙهڻ ۽ ان کي ڇاپڻ، لکيل مواد جي تصوير مان اکرن کي ٻيھر جيرن جاڳندن اکرن (Editable text) ۾ مٽائڻ، ڊڪشنرين مان اکري معنائون ڳولڻ وغيرہ تائين تہ سنڌي ٻوليءَ جا ڪم منڊيءَ تي ٽڪ جھڙا جرڪندي ٿي رھيا آھن. تہ پوءِ باقي آخر اھڙو ڇا ٿو رھي، جنھن جي چت ۾ چنتا ۽ روح کي اڻتڻ سدائين لڳل رھي ٿي. اھو اھڙو سوال آھي، جنھن جي جواب کي چتائيندي اسان سڀني سنڌ سرڪار کان سنڌي ٻوليءَ جي مستقبل جي ڊجيٽل گهرجن پٽاندر درست رٿابنديءَ ڪاڻ ٻوليءَ جي انجينئرنگ جو ادارو گهريو ھو. جيڪو سنڌي ٻوليءَ لاءِ آوازي توڙي روباٽڪ سرشتن ۾ اسرڻ نسرڻ ۽ ايندڙ نين ٽيڪنالاجين ۾ پنھنجي جاءِ جوڙڻ لاءِ دڳ سنوان ڪرڻ جي ڪم سان وقت سر لڳي وڃي.
سنڌ سرڪار، ثقافت کاتي جي نگرانيءَ ھيٺ اھو ادارو، ڊجيٽل سنڌيءَ جي بانيڪار سائين عبد الماجد ڀرڳڙيءَ کي مان ڏيندي سندس نالي سان منسوب ڪري ”عبد الماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجينئرنگ“ جي نالي سان سنڌ ميوزيم حيدرآباد جي پٺيان جوڙي راس ڪيو آھي. ھن اداري جي اڳڀرائيءَ لاءِ ثقافت جي وزير سيد سردار شاھ جس لھڻي. اھا ڳالھ بلڪل اسان سڀني مٿان واجب آھي تہ ھن صاحب سنڌي جي تاريخ ۾ ھي ادارو کولي پنھنجو نالو ڳڻائي ڇڏيو آھي. جيتوڻيڪ ھيستائين ان اداري جو در کلي وڃي ھا. پر زماني جي گردشن حالتن کي ڪورونا واري وبا جي ور چاڙھي ڇڏيو آھي. تنھنڪري اسين سڀئي سڀ کان پھرين خير سان ھن وبا مان اڪري پار پوڻ لاءِ ويٺا واجهايون ۽ ان اميد تي جيون پيا تہ زندگي جڏھن معمول تي ايندي تہ مڙني ادارن جا در کلندا رونقون موٽي اينديون، چوڦير وري ميڙاڪا مچندا ۽ سڀڪو پنھنجي پرينءَ کي پَسندو.

شبير ڪنڀار

شبير ڪنڀار

ايم بي سٿ جو مکيہ فرد

شبير ڪنڀار ايم بي سٿ جو مکيہ ميمبر آھي. ھو سنڌي فونٽن ۽ انسٽالرن ۾ سٺي مھارت رکي ٿو. گرافڪس ۾ ڀڙ آھي، ھو شاہ عبد اللطيف ڀٽائيءَ جي رسالن کي ڊجيٽائيز ڪندو رھي ٿو. تازو ھن گنج جي ڊجيٽل ايڊيشن رليز ڪئي آھي. 

ٻولين جي انجڻڪاريءَ بابت

تحرير: امر فياض ٻرڙو جڏھن اوھان ڪمپيوٽر مشين تي ڪنھن خاص ٻوليءَ ۾ لکو ٿا ۽ پوءِ پڙھو ٿا يا وري ان کي ليزر يا ڊاٽ پرنٽر تي ڇاپيو ٿا تہ اھو ٽيڪسٽ جي...

read more

ڪو ته ڏيئو ٻاري هلجي

تحرير: عبدالماجد ڀرڳڙي مون اڄ پنھنجي فون کي اينڊرائڊ سسٽم 4.1.1 سان اپڊيٽ ڪيو ۽ مونکي اهو ڏسي بيحد خوشي ٿي تہ سنڌي سان لاڳاپيل ڪيئي مسئلا جيڪي پراڻي...

read more

سنڌي ٻولي سائبر صدي ۾

تحرير: عبدالماجد ڀرڳڙي اها تڏهن جي ڳالهہ آهي جڏهن هڪ فٽ جيتري ايپل ميڪنٽوش (20 ميگابائيٽ هارڊ ڊسڪ ۽ 2 ميگابائيٽ ميموري!) تي سنڌي الفابيٽ کي سيٽ ڪرڻ...

read more