ٻولين جي انجڻڪاريءَ بابت

جُولاءِ 5, 2019

تحرير: امر فياض ٻرڙو

جڏھن اوھان ڪمپيوٽر مشين تي ڪنھن خاص ٻوليءَ ۾ لکو ٿا ۽ پوءِ پڙھو ٿا يا وري ان کي ليزر يا ڊاٽ پرنٽر تي ڇاپيو ٿا تہ اھو ٽيڪسٽ جي صورت ۾ جيڪو ڪمپيوٽر اوھان جي ڏنل متن کي پنھنجي سرشتي ۾ عمل ھيٺ آڻي اوھان جي گهربل نتيجن تحت ڪم ڪري ٿو تہ ان کي ان ٻوليءَ جي ڪمپيوٽنگ سڏجي ٿو. ڪمپيوٽنگ انڪري جو ڪمپيوٽر جي اصل ٻولي اصل ۾ اھا ھوندي ئي ناھي جيڪا اوھان کيس ڏني. دراصل ڪمپيوٽر اوھان جي ڏنل متن کي ھو پنھنجي ٻوليءَ يعني بائنري ۾ سمجهي ۽ پوءِ ان بائنريءَ تحت اوھان کي اوھان جي ڏنل مواد آڌار ڪم ڪري ڏيندو آھي. ھاڻي جڏھن اسان صرف ٽيڪسٽ جي شڪل ۾ ڪم ڪريون ٿا تہ ”سنڌي سلوڻي مثال تحت“ ٻہ ڏيئي ٻہ وٺان ٿو. صفا سولو مثال ان جو اھو ئي ٿي سگھي ٿو.
پر جڏھن ڳالھہ ھجي تہ مان مشين کي ڪئمرا جي معرفت ڪجهہ ڏيکاري چوان تہ جيڪو اھا ڏسي ٿي اھا ڇا آھي؟ يا وري ڪا تصوير تي لکيل عبارت ڏيئي چوانس تہ ان عبارت ۾ لکيل ڇا آھي؟ اڃا بہ ٿورو اڳتي وڌي مان مشين کي پنھنجي آواز جي ذريعي پڇانس تہ ڦلاڻي شيءِ ڇا آھي؟ ۽ پڻ اھو بہ تہ ھيتري ھزار يا لک انگن کي ھيترن انگن سان ونڊ ڪري ٻڌاءِ تہ ڇا انگ نتيجي ۾ ملندو؟ ٿورو اڃا بہ اڳتي وڌجي تہ مشين پنھنجي ڪئمرا جي مدد سان، يا ٻين ”مشيني حَسُن“ (Sensors) جي مدد سان پاڻ ئي اندازو ڪري ۽ اسان کي ٻڌائي تہ ٿي ڇا رھيو آھي… اھا مشين پنھنجي تاڃي پيٽي اندر جيڪا بہ ولوڙ (Process) ڪري، پنھنجي ٻوليءَ (بائنريءَ) ۾ جيڪو بہ ڪري ان سان عام انسان جو ڪھڙو مطلب، ھا باقي اھا پوءِ مليل نتيجن کي اسان جي انساني ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري جواب ڏيئي، تہ ان انتھائي ڳوڙھي مشيني ولوڙ کي جڏھن اھا مشين اسان جي انساني ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري ڏيئي تہ ان کي چئبو آھي ”مشيني ذھانت يا مصنوعي ذھانت“.
ھاڻي ظاھر آھي تہ مشين ڪا پاڻمرادو اھو عمل نہ ڪندي پر ان کي ان عمل جي سکيا ڏني ويندي، ان کي انساني ٻوليءَ جي آوازن جي اکرن، لفظن، جملن وري انھن جملن کي صحيح ترتيب سان پيش ڪرائڻ جي ھڪ مڪمل سکيا ٿيندي آھي ۽ ان سکياگيريءَ کي ”ٻوليءَ جي انجڻڪاري“ سڏبو آھي. جيڪا انگريزيءَ ۾ ”لئنگئيج انجنيرنگ“ سڏجي ٿي.
ٻولين جي انجڻڪاريءَ ۾ ڪنھن بہ انساني ٻوليءَ کي مشين جي مختلف ولوڙڻ (Processes) اندر ڄاڻ ڏجي ۽ تُز نتيجن لاءِ گهربل ڄاڻ واپس وٺجي ٿي. ان جو سولو مثال اھو ڏجي تہ ھڪ مشين پئي آھي اھا ماحول جو گرمي پد پنھنجي حس سان سمجهي اسان کي اھو ٻڌائي سو بہ اسان جي پنھنجي ٻوليءَ ۾ تہ ھاڻي ھيتري گرمي آھي جيڪا ڪجهہ ڪلاڪن ۾ ھيتري ٿي ويندي، يا ڪار ۾ اوھان ويٺا آھيو ۽ ڪار اندر نصب ٿيل مشين پنھنجي ريڊاري ڪئمرائن جي ذريعي سمجهي وڃي تہ حد کان وڌيڪ رفتار آھي ۽ بريڪ تي ويساھ نہ ڪجي ۽ ترت اھا اسان کي اسان جي ٻوليءَ ۾ ٻڌائي تہ رفتار گهٽ ڪريو.
دنيا جھان ۾ ان ٻولين جي انجڻڪاريءَ جي معرفت ھاڻي ڪافي ٻوليون ڪمپيوٽنگ جي پروگرامنگ ۾ الائي ڪيتريون اڳتي نڪري ويون آھن. روباٽن جي معرفت ھاڻي ڪلاس رومن ۾ روباٽ بہ پڙھائي سگهن ٿا. ملڪن جا ڪار وھنوار ھاڻي جديد پروگرامنگ جي ڊيٽابيسن ۾ اچي اربن جي انگن کي سيڪنڊ جي ھزارين حصي ۾ ترت حل ٿين ٿا. اھو سڄو سارو عمل ڪمپيوٽنگ معرفت ٿيندو آھي، پر اھي نتيجا جڏھن انساني ٻولين ۾ اسان کي انگن، اکرن کان ويندي آوازن ۾ ملن تہ اھا ٻولين جي انجڻڪاري سڏبي آھي.
پنھنجي سنڌي ٻوليءَ کي اڃا ڪافي وقت لڳندو، جو اھا دنيا جي دبنگ ٻولين ۾ پنھنجو قدب بت ھڪ ڪرو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي. اڄ بہ سڀاڻي اھو ٿيندو ضرور. سو دوستو، ساٿ سلامت رھي.
سدا آباد ھجو.

امر فياض ٻرڙو

امر فياض ٻرڙو

ايم بي سٿ جو مکيہ فرد

امر فياض ٻرڙو سنڌي ۽ اردو ٻولين جو لئنگئيج انجنيئر آھي. ھو سنڌي او سي آر جو خالق ۽ اڻ ڳڻيل پروگرامنگ جو تخليقڪار آھي. ويب ۽ اپليڪيشن ڊولپمينٽ ۾ ھن جو اھم ڪردار آھي. ھو ايم بي سٿ جو مکيہ ميمبر آھي.

ٻوليءَ جي انجينئرنگ جو ادارو

تحرير: شبير ڪنڀار ٻوليون پنھنجن ادبي خزانن سان سڃاتيون وڃن ٿيون ۽ اسان جي سنڌي ٻولي ان معاملي ۾ ڏاڍي آسودي آھي. ڇاڪاڻ تہ کيس پنھنجي شاندار ادبي ورثي...

read more

ڪو ته ڏيئو ٻاري هلجي

تحرير: عبدالماجد ڀرڳڙي مون اڄ پنھنجي فون کي اينڊرائڊ سسٽم 4.1.1 سان اپڊيٽ ڪيو ۽ مونکي اهو ڏسي بيحد خوشي ٿي تہ سنڌي سان لاڳاپيل ڪيئي مسئلا جيڪي پراڻي...

read more

سنڌي ٻولي سائبر صدي ۾

تحرير: عبدالماجد ڀرڳڙي اها تڏهن جي ڳالهہ آهي جڏهن هڪ فٽ جيتري ايپل ميڪنٽوش (20 ميگابائيٽ هارڊ ڊسڪ ۽ 2 ميگابائيٽ ميموري!) تي سنڌي الفابيٽ کي سيٽ ڪرڻ...

read more