مُرڪ تي منع

لنبي عرصي کان پوءِ ٿي ھئي پڪنڪ، چترڀڄ ڪيترو وقت ٻيڙيءَ کان پرتي ويندڙ پاڻيءَ کي تڪي رھيو ھو. اوچتو راڻيءَ طرف منھن ڪري چيائين، “مون کي لڳي ٿو، توکي منھنجي باري ۾ ڪائي غلط فھمي ٿي آھي…”
راڻيءَ جي پلڪن جا سورج مکي اڌ گول ڪجهہ دير چترڀڄ کي تڪيندا رھيا. پڇيائين، “ڇو ٿو لڳي توکي ائين؟”

“ائين ئي…. لڳندو آھي تون مون کي Avoid (نظرانداز) ڪرڻ ٿي چاھين.”

“نہ نہ..” فلڪ سان ڪنڌ ڌوڏيو راڻيءَ ۽ سندس پيشانيءَ تان گهنج غائب ھو.

ٻيڙي ممبرا جي کاريءَ ۾ ھلندي رھي. دوست ۽ سکيون سڀ ھڪ ٻئي کان حال احوال وٺن ۾ مشغول ٿي ويا. ڪنھن وقت ڪنھن اٽي جي گولي پاڻيءَ ۾ ٿي اڇلي تہ ٽٻ جي آواز تي مڇيءَ اچي جهٽي ٿي ورتي. راڻيءَ جي من جي سطح تي وري اھو سوال لکجي ٿي ويو: “لڳندو آھي، تون مون کي نظر انداز ڪرڻ ٿي چاھين.”

اچانڪ راڻي کي ائين لڳو ڪوئي يادن جو ديوتا کيس وارن کان ڇڪي، ھيٺ پاڻيءَ ۾، گهڻو ھيٺ پاتال لوڪ ۾ وٺي ويو آھي، پاتال لوڪ جا پُرش ۽ استريون، فقط جل جي لھرن ۾ وڪوڙيل آھن ۽ سونھري پھاڙيءَ تي ويٺا ھڪ ٻئي سان مرڪي رھيا آھن. راڻيءَ ڏي بہ ھڪ قرب ڀري مرڪ اڇليائون، پر سندن مرڪ راڻيءَ جي دل ۾ گهاءُ ڪري وڌو.

راڻيءَ سندن مرڪ ڪين ورائي تہ جل پراڻي جنھن کيس ھن پاتال لوڪ ۾ آندو ھو، تنھن چيو، “تون ھتان ھيءَ مرڪ کڻي وڃ..” راڻيءَ تڙڦي چيو، “ماڻهو مون کي غلط سمجهڻ لڳن تہ…” “بزدل…”

راڻيءَ محسوس ڪيو ھو وري ٻيڙيءَ ۾ ئي ويٺي آھي. جل پراڻيءَ سندس وار ڇڏي ڏنا آھن ۽ ھڪ ئي تل سان ھوءَ ٻيڙيءَ ۾ پھچي وئي آھي… سپنو ھو يا ساڀيا… ڪپڙا ڀنل ڪينھن، مگر اھا مرڪ ھڪ وسريل درد بڻجي تن کي ٽڪي رھي ھئي. ھن سھميل نگاھہ سان چترڀڄ طرف ڏٺو. ھاڻي ھو ھڪ گيت ڳائڻ ۾ مشغول ھو.

مڌر آواز جي گھرائي ۾ ٻڏل…

سکين جون نظرون پاڻيءَ جي لھرن تي…

ملاح اڀو بيٺو لھندڙ سورج کي پاڻيءَ ۾ ڇٽپٽائيندو ڏسي رھيو ھو.

“جي نہ کلن اکيون ڪڏھن، تہ مک تي گيت ڪيئن لھن؟ ٻڌائي ڪو تہ مرڪ بن بہ گيت ڪيئن ٺھي سگهن؟”

راڻيءَ کي لڳو ھيءُ گيت چترڀڄ سندس لاءِ ئي ڳائي رھيو ھو ۽ سندس سارو وجود پاڻيءَ تي بيٺل، واريءَ جي گهر جيان گهرڪڻ لڳو… لھر لھر سان ڊھندو پئي ويو. واري ڪناري جي واريءَ سان ملي وئي ۽ لھرون کيس نہ ڊاھي سگهڻ جي ارمان کي گود ۾ کڻي لڏنديون ھلنديون پئي ويون. سج جي نما شام وارن ھلڪن ڪرڻن ۾ واريءَ جو وجود ٿي جرڪيو…

گيت پورو ٿيڻ کانپوءِ بہ ٻيڙيءَ ۾ ڪجهہ وقت شانتي ھئي.

آڪاس جي سطح تي ڌيري ڌيري نکڙجندڙ ستارن جيان، مترن ۽ سکين جي وچ ۾ ڀڻ ڀڻ وڌڻ لڳي. راڻي پنھنجي وجود ۾ موٽي آئي.

راڌا ونجهہ ڀرسان ٿورو جهڪي، ھيٺان پاڻيءَ مان ٻڪ ڀري، راڻيءَ طرف ڇنڊا اڇليا ۽ شرارت مان ٻئي طرف ڏسڻ لڳي. راڻيءَ اکين سان ئي چور پڪڙي ورتو.

ونود راڻيءَ جي پيرن وٽ ئي ويٺل ھو. يڪ ٽڪ راڌا طرف ڏسندي ذرا راڻيءَ طرف جهڪي چيائين، “استري پرش کان وڌيڪ چنچل آھي…”

راڻيءَ ساڳيائي سورج مکي اڌل گول مٿي کنيا. ونود ڏٺو سندس من جي اندر اکرن جو مانڊاڻ لھي پيو. جنھن ۾ چيل ھو… “استريءَ جو بدن چنچل آھي، پرش جو من…”

“ائين ناھي” ونود کڙو ٿي ويٺو. سگريٽ جي بچيل پڇڙيءَ کي ٻيڙيءَ جي ڪاٺ تي وسائي پاڻيءَ ۾ اڇلي چيائين، “نہ ائين ناھي. راڻي! من استريءَ جو بہ چنچل آھي.”

“۽ پرش جو بہ؟ رائيٽ؟ آڻ مڃي، جهڳڙا ٽوٽا.” ونود ھٿ سان ڄڻ ڪنھن غبار کي ھٽائيندي چيو، “راڻي! تو مان ايتري ھلڪڙائيءَ جي اميد نٿي ڪري سگهجي.”

“۽ ماحول مان؟”

“ان کان بہ گهٽ.”

“گنڀيرتا سان چوڻ چاھين ٿو تہ مان ٻڌڻ لاءِ تيار آھيان.”

“راڻي ٺيڪ ٿي چوي. استريءَ جو من ايڪاگر آھي.” چوڻ چترڀڄ شروع ڪيو، “شايد استري ھڪ وقت ھڪ ئي پرش کي پيار ڪري سگهي ٿي. ليڪن پرش ساڳئي وقت گهڻين ئي استرين کي چاھي سگهي ٿو.”

“ثبوت” راڻيءَ پڇيو.

“تو ڏٺو ھوندو، شاديءَ کانپوءِ ھر استريءَ جي مرڪ ۾ اڪثر فرق اچي ويندو آھي. جيڪا مڪت سورج جي ڪرڻن جھڙي تازگي ڀريندڙ مرڪ پھرين ھن وٽ رھندي آھي، اھا پوءِ ھوءَ شايد پتيءَ لاءِ ئي محفوظ رکندي آھي.”

“معاف ڪجو راڻي! وچ ۾ ٿو ڳالهايان.. استريءَ جي مرڪ سرڪ جون ڳالهيون توھين سوچيو، مون کي تہ ولائت ۾ رھندي اھو آزمودو ٿيو آھي تہ پرش ھڪ وقت ھڪ استري ماڻي سگهي ٿو، پر استري لاحول ولا…”

چترڀڄ رام جي وات تي ھٿ رکي ڇڏيو. “ڏس رام! تون آھين ڦڪڙ، پر ھن ماحول کي اپوتر نہ ڪر. ڀلي ٻاھران چڪر ھڻي آيو آھين، پر مان دعوا سان ٿو چوان ھھڙو ڀائپيءَ ۽ محبت سان ڀريل گروپ توکي ڪٿي نہ مليو ھوندو.”

رام ڪن پڪڙي پترڀڄ اڳيان جهڪي چيو، “گرو! تو کٽيو… ڀائي اسان لاءِ تہ ھر ڪا استري راڻي…”

راڻيءَ ترڇي نگاھ سان ونود طرف ڏٺو. ڄڻ ڏوراپو ڏئي رھي ھئي، ڏس ھيءُ آھي نہ ماحول، ڪنھن گنڀير بحث جو؟… ونود رام کي ڪنڌ کان پڪڙي چيو، “جهڪ ھنن چرنن منجهہ، ڪن پڪڙي چئو: ڪا ڪا استري راڻي آھي.”

“معافي” رام چيو، “بس راڻي ئي راڻي ٿيندي آھي.” سندس چوڻ جو انداز ڪجهہ اھڙو ھو جو سڀ کلڻ لڳا.

راڻي تہ کلندي کلندي ڳاڙھي ٿي وئي. ونود مگڌ نگاھ سان سندس طرف ڏسي رھيو ھو.، سندس نظر ان لفط سان راڻيءَ جي اندر ۾ پڙاڏو ڪيو. “ڪا ڪا استري راڻي آھي.”

راڻيءَ ڪجهہ ڀاونا وس ٿي. ڪجهہ پتي ورت ڌرم جي پالنا ڪندي چيو، “مان بابا راڻي ٻاڻي ڪانہ آھيان، منھنجو تہ فقط نالو راڻي آھي…”

ليڪن ائين چوندي راڻيءَ محسوس ڪيو تہ سندس مک تي ھڪ مڪت ۽ ڪنواري مرڪ ڦھلي ھئي، جا چترڀڄ طرف نھاريندي سندس چپن تان اڏامي وئي.

راڻيءَ ان جي ڪارڻ کي من ۾ ڳولڻ شروع ڪيو. پڪنڪ. گڏجاڻي. گروپ جي ۽ چترڀڄ ۽ راڻيءَ جي گهڻي عرصي کان پوءِ ٿي ھئي. ليڪن وچ ۾ ڪي ڪي ملاقاتن جا واقعا ھئا، جي شايد منزل جا ڏاڪا بہ بڻجي سگهن… سوچيندي راڻي چپ چاپ پاڻيءَ جي سطح طرف ڏسڻ لڳي.

ڪاليج جي ھڪ گڏجاڻيءَ ۾ ھڪ ڪويءَ مرڪ تي شعر چيو ھو، جنھن جو مطلب ھو:

“دک سان ٻڏل مرڪ ھمدردي جاڳائي ٿي.

“سنيھہ سان ٻڏل مرڪ پريم جاڳئي ٿي.

“چاھہ سان ڀريل مرڪ جسم کي جاڳائي ٿي.

“سونھن ۾ ٻڏل مرڪ من جي پکيئڙي کي آڪاس ڏي اڏائي ٿي.”

گڏجاڻي پوري ٿيڻ وقت ان ڪويءَ راڻيءَ کي مرڪندو ڏسي چيو ھو “۽ توھان جي مرڪ سڀني جذبن جو ميلاپ ھجڻ سبب پرش ۾ راجا ھجڻ جو ڀاو جاڳائي ٿي.”

راڻي ھڪ ڀيري اھا ڳالهہ پنھنجي پيءُ سان بہ ڪئي ھئي. ھن چيو ھو. “۽ اھا مرڪ تون جڏھن مون کان سواءِ ڪنھن ٻئي پرش طرف اڇليندي آھين تنھن وقت ھڪ درد ڀري اڪيلائي ۽ غصي جي ڀاونا جاڳائي ڇڏيندي آھين منھنجي من ۾…”

“تہ مان اھا سوغات ورھائيندي نہ ڦرنديس.” راڻيءَ انجام تہ ڪيو ھو، مگر انجام پاڙڻ مھل کيس ڪافي گهٽ محسوس ٿي.

وڏي شاھي گهر ۾ بيمار سس جي ليٽئي رھڻ سبب مائي، ڌوٻياڻي، کير واري، ڪچرو کڻڻ واري، سڀني سان کيس ئي ڳالهائڻو پوندو ھو. پتيءَ جا دوست، مٽ مائٽ، پرش، استريون، سڀ انهيءَ مرڪ جي ئي تہ ڌاڳي ۾ ٻڌل ھئا. راڻيءَ ڏٺو ھو اھو انجام پاڙڻ لاءِ کيس بنا سڳنڌ گلاب بڻجڻو پوندو.

سياري جي ھڪ سخت ٿڌي رات جو، راڻيءَ جو جسم پتيءَ جي ٻانھن ۾ ھو. کنگهہ جو دورو بند ئي نہ پئي ٿيو.

ھڪ ايڪس ري فوٽو ڪڍايو ويو. بلڪل ھلڪو داغ ھو ڦڦڙن ۾. مگر پتيءَ جي چنتا ايتري وڌي وئي جو راڻيءَ کي کلائڻ ۽ خوش رکڻ لاءِ شريمان چرچن جي ڪتابن جا ڍير وٺي آيو.

ان بيماريءَ وقت چترڀڄ زال کي وٺي، ھڪ ڀيري راڻيءَ جي نگاھ ڪرڻ آيو ھو. وڃڻ وقت چيو ھئائين “راڻي ڪويءَ جو رمارڪ ياد اٿئي نہ؟”

راڻيءَ پوءِ بہ ڪين مرڪيو ھو. چترڀڄ ڏوراپي ڀري نھار سان ڏسي ھليو ويو ھو. ان ڏوراپي ۾ راڻيءَ ڏٺو… ھو پڇي رھيو ھو، “ڇو ٻين کي راجا محسوس ڪرائڻ ۾ تنھنجو ڪوئي نقصان ٿو ٿئي؟”

نقصان ڪھڙو ٿو ٿئي، ڪنھن جو ٿو ٿئي، اھو سڀ ٻڌائڻ لاءِ مريادا جو النگهن ڪرڻو پوي ھا، جنھن لاءِ راڻي تيار ڪين ھئي.

ٻن ڏينھن کان پوءِ راڌا اچي چيو، “راڻي تون پاڻ کي مرڻ ھارڪي ٿي سمجهين ڇا؟”

“نہ تہ”

“پوءِ ايڏي نٻلتا ڏيکارڻ جو مطلب؟”

“نٻلتا تہ ڪانہ پئي ڏيکاريان.”

“۽ ھوءَ مسز چترڀڄ ڇا ڇا پئي چوندي وتي ماڻهن کي؟”

“ڇا ٿي چوي؟”

“چوي ٿي، راڻي بيمار تہ لڳي ئي ڪين ٿي؟ پاڻ اڳي کان بہ جوان پئي لڳي، سندس ڇاتيءَ تي ڪپڙا ٺيڪ پيل آھن يا گهٽ وڌ، اھو تہ مترن سان گڏ نگاھ ڪرڻ لاءِ آيل سندن استريون ئي ڏسي سگهنديون آھن.” راڻيءَ چيو، “پاڻ لاءِ اھڙي واھيات ڳالهہ چوندڙ کي، مان زھري مک چوڻ کان رھي نہ ٿي سگهان. مون کي تہ بس ايترو ئي معلوم آھي تہ پنھنجي پتيءَ ۽ گهر کان جدا نٿي ٿيڻ چاھيان. موت کي موٽائڻ جي جدوجھد ۾ مون کي بدن، ڪپڙن وغيرہ جي ڪائي ڄاڻ ڪانہ رھي آھي…”

اوچتو پير ۾ چھنڊڙي محسوس ڪري رانيءَ ڇرڪ ڀريو. “پاڻيءَ تان نظر ڦيري، راڌا جي ترڇي نظر ۽ بم رکڻ مان حرڪت ڪندڙ کي تاڻي، راڻيءَ ڇٻيءَ مان ٿورا ڀڳڙا ڪڍي مٿس اڇلائي ڇڏيا.

ليڪن… ليڪن چترڀڄ پاسي ۾ ويٺو ھو، اڃا بہ سندس سوال راڻيءَ جي ڪنن ۾ گونججي رھيو ھو، لڳندو آهي تون مون کي نظر انداز ڪرڻ ٿي چاھين.” “ڪنھن کي ڪنھن کي نہ نظر انداز ڪرڻ سکي ھئس منھنجا متر!”، راڻيءَ دل ۾ چيو ۽ ڊگهو ساھ کڻي اٿي بيٺي. ٻيڙي ڪناري لڳي چڪي ھئي. سڀئي اٿي بيٺا ۽ لھڻ لڳا.

ٻيڙيءَ تان ڪناري تي ٽپو ڏيندي، راڻي اچي سڌير ۽ شانتيءَ جي ڀر ۾ پھتي. سندس گفتگوءَ جي ھڪ سٽ ٻڌي راڻيءَ چيو، “ڪير سڀني ھيروز کي پھنجو پريتم سمجهندي ھئي؟”

“مينا ڪماريءَ لاءِ ٿو چوي.” جواب شانتيءَ ڏنو.

“شايد ائين بہ ھجي، جو ھرڪو ھيرو کيس پريتما جي نظر سان ئي ڏسندو ھجي.” راڻيءَ سڌير طرف ڏسندي شرارت سان چيو.

“سچ ٻڌايان.” سڌير گوشائتو ٿي، ويجهو اچي چيو، “خود مان پنھنجي اڌيڙ عمر ۾ رات رات جو سندس فوٽي کي چمندو ھوس..” شانتي ۽ راڻي خوب کلنديون اڳتي ھلڻ لڳيون.

جهنگلي پيچري تان ھلندي، شانتي ۽ سڌير اڳتي ھليا ويا.

راڻي اڪيلي ھلي رھي ھئي. سروپ سندس ڀر ۾ اچي چيو، “مان توھان سان گڏ ھلان تہ توھان اڪيلا نہ ٿيندا.”

“مان؟… اڪيلي” راڻيءَ کليو، “منھنجي خوابي دنيا ڪڏھن مون کي اڪيلو ڇڏيو ئي ڪونهي.”

“تہ نہ ھلان؟” سروپ بيھي ويو.

“اڙي اڙي! توکي گڏ ھلڻ کان ڪنھن منع ڪئي؟” راڻيءَ سندس ٻانھن پڪڙي ورتي.

سروپ گڏ ھلندي چيو، “توھان کي خبر ناھي ڪيئن لڳي، مگر مان سچ ٿو چوان تہ ھن گروپ ۾ اچڻ سان ئي، مون توھان کي الائي ڇا ڇا سمجهيو آھي.”

“اڇا” راڻي کلڻ لڳي.

“منھنجي رچيل ھڪ ڪوتا ٻڌندا!”

“اڙي! تون ڪيڏي مھل ڪوي ٿيڻ جي ڦندي ۾ ڦاٿين؟”

“بس ڦاسجي ويس..” ھڪ ڏينھن مون کي اڃ لڳي ھئي. تڏھن بہ اسين ھڪ پڪنڪ لاءِ نڪتا ھئاسين. مون چيو ھو اڃ تہ ڪيڏي لڳي آھي. ليڪن منھنجو آواز فقط توھانجي ڪنن ٻڌو. توھان پنھنجي پتيءَ کي چيو، ‘سروپ کي اڃ لڳي آھي.’

‘پاڻي تہ ھتي ملڻ مشڪل آھي.’

‘ته ڪوڪو ڪولا ئي وٺي پياريوس’ ۽ ان رات گهر وڃي مون توھان لاءِ خبر ناھي ڪيتري رات تائين پئي سوچيو.”

“اڇا!!”

“توھان جو ائين ‘اڇا’ چوڻ مون کي ڏاڍو وڻندو آھي. لڳندو آھي ڪنھن سناٽي واري مندر ۾ گهنڊ پئي وڄيو”

“ڪنجهون تہ نہ؟” راڻيءَ جي مک مان ھڪڙو مڪت کل جو دائرو ڦھلجي ويو.

“ڏسو! توھين ائين نہ کلو. مون کي لڳي ٿو توھين منھنجو مذاق ٿا اڏايو.”

“نہ ڙي، مون کي تہ پنھنجي ساراھ ٻڌي، سا بہ تو ٻال گوپال وٽان، ڏاڍي خوشي پئي ٿي.”

“توھان لاءِ سڀ دوست چوندا آھن..”

“ڇا چوندا آھن؟ چپ ڇو ٿي وئين؟”

“چوندا آھن توھين کين تمام گهڻو پيار ٿا ڪريو. ۽ اھو شايد زندگيءَ ۾ ڪنھن ڪشٽ سھڻ جو نتيجو آھي..”

“پاڳل..”

“ڪير؟”

“سڀيئي ائين سمجهڻ وارا.”

“ھا مان تہ ائين ئي ٿو سمجهان. سچ تہ اھو آھي تہ ھر ڪو توھان کي پيار ٿو ڪري.”

“نہ سچ اھو آھي تہ پيار پر سپر آھي. مگر اھو منھنجن ڪشٽن جو نتيجو ناھي. اھو منھنجي ننڍي ھوندي جي ڌرمي وايومنڊل ۾ پالنا جو نتيجو آھي.”

“ھا….ھا، اھوئي سچ آھي… توھان جي منھن جو تيج نہ تہ ايڏو پرٻل نہ ھجي ھا… اف ڪيڏي غلطفھمي آھي ماڻهن وٽ توھان لاءِ…”

راڻي چپ چاپ ھلندي رھي. سندس من ۾ وري وري پڙاڏو ٿي رھيو ھو. ‘اف ڪيڏي غلط فھمي آھي ماڻهن وٽ…!’

آڪاس جي اتاھينءَ ۾ پکي پرانھون وڃي رھيا ھئا. راڻيءَ کي لڳو سندس من جو پکي ھتي ھن ماحول ۾ اڪيلو ٿي ويو آھي. شريمان، ڊاڪٽر جي اوچتو سڏايل ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ مسوريءَ ويل ھو. راڻيءَ کي سندس غير حاضري ھن گهڙي خاص ککي رھي ھئي.

“توھين کلو ڇو نہ ٿا؟…” سروپ اوچتو بيھجي چيو.

“بنان چاٻيءَ جي؟”

“چاٻي تہ رانديڪي جي ٿيندي آھي. مگر توھين… توھين تہ…”

سروپ جي ڀاونا ۾ اھڙي تہ ڌوڻيءَ جي ڦوڪار ھئي جو راڻيءَ کان سچ پچ کل جي ڦھار ڇٽڪي پئي.

“بس توھين ان طرح کلندا رھو…”

“پھرين ٻڌاءِ توکي ان مان ڇا ٿو ملي..”

“ملي ٿو ڪجهہ.”

“مان بہ تہ ٻڌان..”

“ٻڌندا..” ذرا جهجهڪ سان، سروپ ھڪ مرداني نھار راڻيءَ تي وڌي ۽ پلڪون جهڪائي چيو، “توھين کلو ٿا تہ مون کي لڳي ٿو، ھن ممبرا جي سڄيءَ جهنگلي گهاٽيءَ ۾ اڇن گلن جا انبار کڙي پيا آھن…”

“ڪيڏن مھينن کان پوءِ ايتري سٺي ڳالهہ ٻڌڻ لاءِ ملي آھي..” چوندي راڻيءَ جو من پکي پري ڪٿي سوچ جي گهاٽيءَ ۾ گهوماٽيون کائڻ لڳو….شريمان، راڻيءَ کي انجام کان مڪت ڀلي ئي ڪيو ھو، مگر چنڊ کي ائين محسوس پئي ٿيو تہ چاندني بلڪل ڦڪي ٿي وئي آھي… جيئن ڪو ٻوٽو اس ۽ ھوا کان پرتي رکجڻ سبب، ڪومائجي پيلو ٿي ويو ھجي، تيئن ٿي لڳو، راڻيءَ کي پنھنجو من… مگر ھي ٻال گوپال! ‘توھين کلو ٿا تہ مون کي لڳي ٿو تہ ھن ممبرا جي سڄيءَ گهاٽيءَ ۾ اڇن گلن جا انبار کڙي پيا آھن…’

راڻي ۽ سروپ چپ چاپ اڳتي وڌي رھيا ھئا. اوچتو ٻنهي پاسي ٻن ماڻهن کي بيٺل ڏسي رڪجي ويا…

“ڇو ڇا ٿيو؟” راڻيءَ جي اکين ۾ سوال ھو. سڌير ۽ شانتيءَ ٻنھي گڏجي ڳالهايو. پر ٻن طرفن کان آواز اچڻ سبب ڪجهہ بہ سمجهہ ۾ نہ آيو. سندن چوڻ جو مطلب اھو ھو تہ ھنن راڻيءَ کي اڪيلو ڇڏي، شريمان وٽان ڏوراپو ٻڌڻ نہ ٿي چاھيو…

“پر مان اڪيلي ڪٿي آھيان، سروپ جو ساڻ آھي” راڌا، چترڀڄ ۽ ونود جيڪي پٺيان پئي آيا، سي بہ سڀ راڻيءَ وٽ بيھي رھيا… چپچپات لڳي وئي.

ونود پڇيو، “مان پڇي سگهان ٿو تہ اھا ھالٽنگ اسٽيشن ڪھڙي آھي؟..”

“ڪنھن گاڏيءَ جي شنٽنگ ٿيڻي ھوندي.” رام چيو.

“ولائت مان چڱو سڌري آيو آھين” چترڀڄ ٽوڪ ھنئين ۽ سڀ کلڻ لڳا.

اوچتو چترڀڄ ۽ راڻيءَ جون نگاھون مليون ۽ راڻي مرڪي پئي. سگريٽ کي پري اڇلي، چترڀڄ چيو، “دئٽ از اٽ (That is it) .”

ونود پڇيو “مطلب؟”

“راڻي سمجهيو.” چترڀڄ جي نگاھہ راڻيءَ جي چھري تي، ۽ خيال پري ڪٿي ھو.

راڻيءَ کي لڳو ھوءَ گهڻي وقت جي بيماري ڪاٽي، سنان ڪري، اساکڙي ۾ اچي بيٺي آھي.