مومل راڻو

داستان پھريون

1
آءُ راڻا ڏي رَنگُ، موٽِي ڪاڪ ڪَنڌن کي؛
لاھجِ لَڳِ خداءِ جي، ذرو پُرزو زنگُ؛
ناميان پاڙج ننگُ، مِهڻي ھاب مَتان ڪَرين!
2
مومَل مِهڻي ھابُ، راڻا ڪر نہ راءَ تون!
جوئِن کي جوابُ، مرد نہ ڏين مينڌَرا.
3
مون کي مِهڻي ھابُ، ڪَيُئي ميان مينڌار؛
ڪَر نہ خان خرابُ، ڪامِل ڪاڪ ڪنڌيُن کي.
4
ھِڪَ جُوءِ ٻِي جوءِ، مرد نہ ڇڏن مينڌرا؛
تو پُڻ پرين پوءِ، ڪوھُ لڄايو ڪاڪ کي!
5
ھِڪَ جُوءِ ٻِي جوءِ، ڇَڏن ڪِين جوانَ؛
اُھي ڀِي انسانَ، جي ننگَن تي نِثارُ ٿيا.
6
آءُ راڻا رَنگُ لاءِ، موٽي ڪاڪ ڪنڌن کي؛
نامِيان ناءِ خداءِ جي، پير وري ھِت پاءِ؛
سوڍا سَنديئِي ساءِ، آءٌ ويٺي ڪانگَ اُڏايان.
7
آءُ راڻا رکُ رازُ، مون ھِن نماڻيءَ سان؛
توکي ڪريان ڪيترو، ناميان نَر نِيازُ؛
جو ٿي ڪَيَڙم نازُ، تَنھن مِهڻي ھابُ ڪري ڇڏيو.
8
مون تَؤن مِهڻو لاھ، موليٰ ڪارڻ مينڌار؛
تون تا صاحبُ آھيين، ھيءَ ڏوھارڻ ڏاھِ؛
توڙي ٿِيس بيراھِ، تہ ڀي ڳَل تنھنجي آھيان!
9
ڏي ڪو رنگُ وري، ڪامل ڪاڪ ڪَنڌِن کي؛
مُنھن ڏيکارج مينڌار، وڃان تا نہ مَري؛
بَخِشج ذوقَ ذري، مِهڻي ھاب مَتان ڪَرين.
10
چَڙھنديسانءِ چِکي، نہ تہ مُنهن ڏيکارج مينڌار؛
آندو مون کي ھِتھين، ڪَنھِن لارَ لِکي؛
چاڙھيو مون کي ڏاگهَہ تي، تُنھنجي عِشق تکي؛
مَرُ ٻيو ڪو سِرُ سِکي، اُنهيءَ جي اولاڪ جو.
11
ھِي جو ٿِيَڻو ھو، سو اَکَرُ ميٽِيندو ڪونڪو؛
ھِيرو زھرُ زبانَ سان، ھِن ڳالهيين کِيَڻو ھو؛
نا تہ پاڻَئؤن پِھَڻو ھو، مون کي زير زمين جي.
12
ڏکُ نہ ڏيڻو ھو، تو مون کي مينڌرا؛
ناميان پنھنجي نَنگَ کي، تو نيبہ نِيڻَو ھو؛
زھر پيالو پُر ڪري، مون کي تڏھن پِيڻَو ھو؛
جِي نہ جِيڻَو ھو، مان کؤن ھِنَ مِھڻي وري.
13
سوڍل سِڪائِي، آءٌ پُڻ گهڻو آھيان؛
راتو ڏينھان تانھنجِي، واتِ مون کي وائِي؛
ڪَر اُھا ڪائِي، جو ڪارَنھِ لَھي ڪاڪ تَؤن.
14
ميان آءٌ ماري، ڏاڍي ڏنوَ ڏھاڳَ جي؛
مِهڻي ھاب مَتان ڪرين، تہ ڪاڪِ نہ ٿئي ڪاري؛
ڪر سوڍَلَ سَتاري، ڏوھَن ڏي نہ ڏِسيج تون!
15
آءُ سوڍا ڪر سَچُ، لاھي مُون تَؤن ھِي مِيهڻو؛
جهيڙو جهڳڙو نِڪري، مون مَنَ اَندران مَچُ؛
الله ڪارڻِ اَچُ، ماڳَ وسائِج مينڌرا!
16
اچين جي اوطاقَ، مُنھنجي ميان مينڌرا؛
تہ عيبن کَؤن آجِي ٿيان، ڪوجهِي ٿئي نہ ڪاڪَ؛
ھيرَ اِھا ھيراڪَ، مَتان مَٽئين مينڌرا.
17
موٽَڻُ مَرڪ نہ تنھنجو، ھو سوڍَلَ سياڻا؛
وسائِج وِلِهيءَ جا، ڀينگَ پِيَلَ ڀاڻا؛
پَري ڪري پاڻا، مون کي ماريئِي مينڌرا.
18
آتَڻ اُجهائي ھَلِي، پِريَن پُڇاڻو؛
ڪِين گهٽايو گهوٽَ سان، پِرتِ ھِن پاڻو؛
ظاھر زالاڻو، پر باطن بِرھ بلي ھُيو.
19
ڪاتِيءَ ريءَ ڪُھِي ڇڏيو، راڻا تنھنجي رَنجَ؛
سُکؤن ۽ سَھنج، سوڍا ساڻ کَڻين وئين.
20
سوڍا ھِن سَڙيءَ جو، لَھِي وڃُ سماءُ؛
ويرن وڌو وچَ ۾، آھي ويرُ وڌاءُ؛
مون تي لڳندو ڪونڪو، پيارا پاڻيءَ پاءُ؛
ھيڪَر ھيڏي آءُ، تہ پِيرولي پَڌر ٿئي،
21
ڍوليا تو لئہ ڍَٽَ ۾، آءٌ وتان ويڳاڻِي؛
راتيو ڏينھان اوتيان، پنبِڻيُن مان پاڻِي؛
لَٽا مون لِيڙون ٿيا، ھيءَ پوتي پُراڻِي؛
تہ بہ راڻي جي راڻِي، سَرتيون سَڏن ساڻيھَ ۾!

ڪافي 1

آءٌ تا روز روئان ساريون،
سوڍا تُنھنجِيون، وو، ڳالهڙيون ڪيتَريون!

ٻُڌي ورج، وَلها، زور منھنجيون زاريون.
سِڪَ سَنديَوَ ڪَيون، جِيءَ اندر جاريون.
راڻا رُسَڻ تانھنجي، ڪُوڪان ھِت ڪاريون.
ويٺِي ڳَرھيان ڳالهڙيون، ھَنجون ھِت ھاريون.
جيڪي جايون جِيءَ ۾، وِرھ تنھنجي واريون.
سچو سَھندا سُپرين، عاجِز جِيون آريون.

ڪافي 2
حالَ منھنجي ھاءِ ھاءِ،
تو ريءَ لَھَن ھِي ڏينھڙا!

آھي ھن اَحوال تي، وَلَها تان واءِ واءِ.
دوستَ تنھنجي ديسَ جي، اُڪَنڊ اَسان کي آہِ.
ڏِسيو ڏھاڙِي روئان، جاني تُنھنجي جاءِ.
ڪاڪ نہ لڳي ڪَس مون، سوڍلَ تنھنجي ساءِ.
سوڍا سَتاري ڪري، پيرَ اَڱَڻ مون پاءِ.
درد مَندن جون دانھڙيون، والِيءَ لَڳِ ورناءِ.
سوالَ سچوءَ جا سُپرين، تون لالَن دل سان لاءِ.

ڪافي 3
مينڌرا، آءُ ميان، ھِت ويٺي ڪانگَ اُڏايان!

تو ساريندي سُپرين، ھِت سوڍا ساہُ ڏيان.
راڻا رتِي راز جِي، ڪا جا آھي ھِيان.
ڪامِلَ ڪَنڌيءَ ڪاڪ جي، آءٌ جانِي ڪيئن جِيان.
شال اوھان جو اَڳتي، سچو نِيھُن نِيان.

ڪافي 4
راڻي سندو رازُ، مون سان ڪيڏوئِي آھي!

ڪاڪيون آڏو ڪانڌ جي، نٿو وڻي نازُ.
ٻانهان ٻانهِن جان ٻَڌي، ڪَرڻ نِت نيازُ.
ھي ھي آھي حُسن جو، ماريُون، غَمُ غَمازُ.
سچو پِرڀائِڻُ پِرينءَ جو، آھي ساڻُ ايلازُ.

ڪافي 5
مون کي تنھنجي سارَ سنڀار، وو،
ڇَڏ رساما تون، آءُ منھنجا يارَ، وي!

ڏوھُ نہ ڪوئِي تو ڏيان، آھي مون ئِي سِر مَيارَ.
سِڪَ سور اخان مون ڪيا، ھِينئڙي مَنجِهہ ھزارَ.
موٽُ مَران ٿي مينڌرا، بِرھِي چاڙھيئي بارَ.
ويٺي ڪري ڪاڪ ۾، ھيءَ ويچاري ويچارَ.
سچو سي ئِي آئِيا، جي دل گهُريا دلدارَ.

ڪافي 6
منھنجو سوڍلَ سارئِي ساہ، وو،
راڻا رُسامَن سان ماريئِي!

ويٺِي ڪَڙھان ڪاڪِ تي، آڻيندوءِ الله.
ھِن مُئِيءَ جو مينڌرا، توکي ڪيھو پَرواھُ.
سندو اَچڻ تانھنجي، روز نھاريان راھ.
گهَڙي اوھان جِي ٿِي گهُران، چت اَوھان جو چاھُ.
مِھر مَٿو تو ناھِ ڪو، جيڪُس منھنجو بَخت سياھُ.
ڪوڏئون قُربانِي ڪري، سچو ساھُ پَسَاھُ.

ڪافي 7
پئِي پيش پرينءَ کي پاڻَ،
آءٌ چونديَس ھَلِي حالُ ھي!

تو تَؤن آھي مينڌرا، ڪاڪ سارِي قُربان.
دل کي ديوانو ڪيو، ٻھڳڻ تنھنجي ٻاڻَ.
نامِيان ڏِسجِ ننگَ ڏي، آءٌ تا ٿِيسِ اَڄاڻَ.
آندم ھيٺِ عتابَ جي، مون کي پنھنجيءَ ڄاڻَ.
سچوءَ سَندي ساھَ کي، تانگهہ ايڏاھِين تاڻَ.

ڪافي 8
مون کي ڪانڌَ بنا ھيءَ ڪاڪ،
ڪوڙي آھي، نِي وو، ڪاڪيون!

سوڍلَ ٻاجهون سرتيون، ھيءَ مَري ٿي مُشتاق.
منھنجو ساھُ سُڌير ٿئي، اَچي جي اوطاق.
سَڦري آھي سونَ کَؤن، خاصِي ڍَٽَ جِي خاڪ.
سُڌ اَچِي لَھُہ تَنھن جِي، جا چُور ڪَئِي چوطاق.
وِجهي ويچاريءَ ويو، اَديون ڙي اولاڪ.
تَنُ سچوءَ جو عِشق اوھان جي، چِيري ڪَيَڙو چاڪ.

ڪافي 9
آءٌ تا ڏيھاڙيون، زارو زارُ، ساريو روئان ٿي ھت ڳالهڙيون،
گهڻيون گهڻيون!

ڪڏھن ھُئڙوَ سُپرين، پاڄياڻيءَ سان پيارُ.
ڪامِلَ آھِيان ڪاڪِ کَؤن، تو بِنا بيزارُ.
اِيندو ھئين اَڌ رات جو، ڪاھي ڪَرہُ سوارُ.
ماري مون کي مينڌرا، وَلَها ھِيءُ ويچارُ.
وَسي تنھنجِي ورھَ جو، بادل ھِت بِسيارُ.
ڏسي وڏ وڙائِي تانھنجِي، ھو ڏکِيءَ کي ڏھڪارُ.
سچو سگ اوھان جو، تنھن ڏي نيڻَ کڻو نِروارُ.

ڪافي 10
وَلها ورِي آءُ،
مون کَؤن موٽُ نہ مينڌرا!

ميان مون سَان نہ مَٽين، سوڍل سائين ساءُ.
رکي شريڪت شانِن سان، ھيءَ ڪميڻِي ڪاءُ.
ھو جي اَچي ڍٽَ ڏنهُن، وَڻي اُھو مون واءُ.
ھَي ھَي ھِن حالَ جو، لَھُہ سائينءَ لڳهِہ سَماءُ.
سچو ڪنداسي سِگهڙو، پاڻَؤن ڄاڻِي پَرچاءُ.

ڪافي 11
اَڙِي جيڏيُون منھنجو جِيئڙو، وٺيو سَڄَڻ وڃي!

چَرخي مُنا تاڙيون، ڀينَر سَڀڪائِي ڀَڃي.
درد منديءَ جِي دل اھائِي، مَت نہ ڪَنھنجَڙي مَڃي.
طَرف تُنھنجي يارَ سَچُو ري، سوز نہ پنھنجڙو سَڃي.

داستان ٻيو

1
ڪاڪِ پُڇندا ڪاپڙي، ويا اَڌو ٻَنڌ؛
وڃي رسيا اُنَ ھَنڌ، جت مون تون آھي ڪانڪا.
2
ڪاڪ پُڇندا ڪاپڙي، وڏيءَ ويلَ وِيا؛
لُڊاڻون لَنگهي ڪري، ڪنھن پَرئين پَنڌ پيا؛
اُتي ٿاڪِ ٿِيا، جِتي مون تُون ھَڏنھن ناهِ ڪا.
3
لَنگهيا لُڊاڻو، آءٌ ڪاڪِ ڇَڏيائون پوءِ تي؛
تاتي وڃي رَسيا، جاتي مومَل نہ راڻو؛
نَڪا مَسجد تَڪيو، اُت نَڪو ٽِڪاڻو؛
تاتي ٿِيُن ٿاڻو، جِتي مُون تُون ناھِ ڪا.
4
ڪاڪِ لُڊاڻو لَنگهيا، اَڄ لاھوتِي لال؛
اوري ھَڏ نہ اَٽِڪيا، ٿِيا پِرئين خيالَ؛
حدون ڀَڃي ھليا، جن کي حَد ڀَڃائِي حالَ؛
تن سُرت نہ ڪا سَنڀال، وڃي ويجها ٿيا وصالَ کي.

5
ڪاڪِ نہ وِيا ڪاپڙِي، نَڪِي لُڊاڻٖي؛
نَڪِي ڍريا ڍَٽَ تي، جِتي رنگ رکيو راڻٖي؛
اُھي مِڙئِي نابود ٿيا، تَن سامِن ساماڻٖي؛
ٿاڪ ٿيا ٿاڻٖي، جاتي مون تون ناهِ ڪا.
6
ھِيءَ ڏوھارڻ ڏاھِ، تون ڍولِيو ساري ڍَٽَ جو؛
ڪامِلَ تِکو ڪاڪِ تي، چَڙھِي ڪرھَلُ ڪاھِ؛
کاڻيون ڪَنڌيُون ڪاڪِ جِيون، ٻِي لَڳي باغَن باھ؛
اِھو مُون تَؤن مِهڻو لاهِ، ڪا مِھر پويئِي مينڌرا.
7
چڱِي ڳالهہ چَوانءِ، سا سُڻ ميان مينڌرا؛
آءٌ تنھنجڙِي آھيان، تون منھنجَڙو آنءِ،
ھيءَ نِڌر تنھنجي نانءِ، آھي وڪاڻِي وَلها.
8
ولها وڪاڻِي، آءٌ درِ تنھنجي آھِيان؛
تُنھنجي ڏسَ ڏھاڳَ ڪئي، ھيءَ نامِيا نماڻِي؛
ھيءَ مَرئِي ٿي ھاڻِي، تنھن مُنھن ڏيکارج مينڌرا.
9
مومَلَ ماڻڻ ھليا، ڪاپڙِي ڪَل دارَ؛
وچ ۾ آتش دودَ جا، آيَن بُھت بُخارَ؛
ڪي سَڙيا تنھن سوزان ۾، ڪي نَر چَليا نِروارَ؛
ماڙِي ڏسي ڀَنڀلِيا، خود کَؤن خَبردارَ؛
ڪي ويا ماڙيءَ کَؤن نِڪري، پِرت نہ جِت پَچارَ؛
نَڪا صورت اُتھين، نڪا تارَ تنوارَ؛
نَڪو ڏسڻ وارو ھو، نڪا سُرتِ سَنڀارَ؛
تَن تي چَڙھِي آئيا، بيخُوديءَ جا بارَ؛
ڪين ڏٺائون ڪاٿَھين، روءِ نَڪا رُخسارَ؛
اَلانَ ڪَمَا ڪَانَ تَحقِيقاَ تَڪرارَ؛
لَٿا شورَ شُمار، ھَمَہ تا حَقُ ٿيو.

ڪافي 1
تو ڏي ھُيَن ڪا تياري،
اِجهي اَڄُ سي اِيندئِي، ميان!

رکج وڏو آسرو، جي تو محبت ماري،
اُھي نال تہ نيندئِي، ميان.
اَچِي اَڱڻَ تانھنجي، ڏيندئِي سي دلداري،
سَنوان طالِع ٿيندئِي، ميان.
وڻي گهَڻي يارَ کي، زور نہ زيادہ زاري،
وري پوءِ نہ ويندئِي، ميان.
آھي ھَٿِ حَبيب جي، ڳالهہ سچوءَ جِي ساري،
ڏاڍا ڏاڻ سي ڏيندئِي، ميان.

ڪافي 2
ھيڏي اَچَڻ جِي آھ، ڙِي، پانڌي يارَ پِرينءَ کي!

پِريان رِيءَ پَرديسَ ۾، آھي اَسان سان ھاءِ ھاءِ، ڙي.
وِھَڻ ڪارَڻ يار سَڄَڻ جي، چِت ۾ جوڙِيَم جاءِ، ڙي.
پوٿيون ھِت پٽايان، لَکَين لالَن لاءِ، ڙِي.
سِڪ سَڄَڻ جي ساهَ ۾، ساٿِي تا نہ سَماءِ، ڙي.
سالَ سچوءَ کي آھي ئي، دوسن جِي واءِ واءِ، ڙي.

ڪافي 3
رويو حالُ چوان، اَلا! جي اَوٺِي آيَم اوڏاھون!

پايو پاندُ ڳچيءَ ۾، آءٌ پيرين تَن پَوان.
سَرتيون اِنھيءَ سوزَ جِي، ناھي سُڌ اَوھان.
سُکن مَٿي ڪينڪِي، آءٌ مَٿيان سورَ سَنوان.
سَڄَڻ سَڄَڻ ٿِي ڪريان، ٻيون لاتيون ڪِين لَوان.
جوشَ تَنھن جا جان ۾، مون کي آھِن نِتُ نَوان.
سچو اکڙين مان ٿِيا، ريلا رتَ روان.

ڪافي 4
پِرين مُنھنجي اڱڻ، الله توکي آڻيندو!

اَچڻ سَندي اُن جي ٿينديون واڌايون، مبارڪَ جَڳُ ڏيندو.
وري وسائج پنھنجِيون جايون، ٿورو مون تي لکَ ٿيندو.
ڀَلو پنھنجا ھٿڙا ڪري ڀلايون، لِڱِين مون لائِيندو.
خَبران کِيئن جون اَسان ڏسي آيون، توکي پِرين ساڻُ نِيندو.
ويو فِراق فَنا ٿي وصلَ ٿيون وايون، سچو نانوَ سَڏيندو.

ڪافي 5
آئين سو ڳالهہ سُڻائين،
وَنهيا ڪانگَل، تون ڀَلِي آئين!

خط جو آندوئِي يارَ سَڄَڻ ڏھون، ھلِي سو نال پَڙھيائين.
آءُ تہ جوڙيئين جاءِ اکين ۾، اَڄ اوڏاھون آئين.
سِگهڙو سِگهڙو آءُ اَسان ڏنهُن، ڏينھن گهڻا ڇو لائين.
اَچو اَچو تون ڇو نہ اَچين ٿو، محرم راز رلائين.
نانوَ اَلله جي يارَ سچوءَ کي، محبن ساڻُ مِلائين.

ڪافي 6
وعدو ڪِيئن وساريُوَ،
ڀَلا سائين، ڪيئي ڳالهيون ڳالهيون!

اَسان نماڻن سان يارَ پيارا، ڪو ڏينھن مانَ گُذاريُوَ.
ڏکَ ڏيئي وَئين اڳي کَؤن اَڳرا، وري نہ پوءِ نھاريُوَ.
ھيڏانھن ھوڏنھن ڇِني اَسان کي، پنھنجِيءَ ڪَڍَ قطاريُو.
آتڻ چَرخو ويٺي چوريُم، ڏيئِي سو عِشق اُڏاريُوَ.
سڀ ڪنھن ساعت سانول سائِين، سچوءَ ھِت سَنڀاريُوَ.

ڪافي 7
جو تو پير ڀَري آئين،
تنھنجي ٿوري ھڪ نَٿِي پُڄان… اَلا، ميان!

عاشقَ ھِتي لَکين ھزارين، لَئون اسان ٿو لائين.
عَيب اَسان ۾ آھن اَپارين، اِھي ڀَلا ڪيو ٿو ڀائين.
ڏوهَ ڏنگايُون ڏسي اَسان جون، چِتُ نہ اَسان تَؤن چائين.
راتو ڏينھان يارَ اَوھان جا، ڳُڻَ سچو ٿو ڳائين.

ڪافي 8
اَڙي اَلو اَلو، رانوَل آيو راڄَ ۾!

ويَڙا سورَ سنڌو ڪري، اَڄُ ڀينَر ٿِيَڙم ڀَلو.
جنھن ساعت گڏيا سُپرين، سا ساعت ڪنھن نہ سَلو.
ڳالهہ نہ ڪريو ڪا ٻِي، ھاريون اَوھين ھَلو.
ڏھاڙي ڏسڻ کَؤن، وارُ نہ پَوندو وَلو.
اَصل آھي اُنھن سان، روحَ منھنجي جو رَلو.
سچو گڏيو سَڄڻَنِ، کَرَن لَڳو کَلو.

جهولڻو


جاني آءُ ڙي جاني، ميان،
آءٌ تا روز پُڇان ٿِي پانڌيؤن.

تنھنجي اَچڻ ڪاڻ ھِت، پوٿيون ٿِي پٽايان،
سَنجهي صبح سَرتيون، ٿِي پانڌي پُڇايان،
ڏاھا تنھنجي ڏيھَ ڏي، ٿي ڪانگلَ اُڏايان.

پِرين تُنھنجي پارَ ڏنھُن، اچي قاصد جي ڪوئِي،
حالُ سڻايان پانھنجو، تَنھن رھَبر کي روئِي،
جانِي جال اسان جي ھاڻي ھجر ۾ ھوئِي.

دلبَرَ تنھنجي ديس ڏي ٿِي ڏسان ڏيھاڙيون،
نانؤ تنھنجو سُپرين اَسين وَس نہ وساريون،
ڳچيءَ پائٖي ڪپڙو زور ڪريان ٿي زاريون.

اُٿيٖ ويٺي اوتيان، آءٌ پنبڻين مان پاڻِي،
اَچي ڏِسج سپرين تون، حال منھنجو ھاڻِي،
درد مَنديءَ جي دل ۾، تنھنجي سِڪَ تا ساماڻِي.

تاڪَؤن سَڄَڻ تانهنجِي ھِينڙي حيرانِي،
ڏيئِي ڏکيءَ کي وئين تون نِيھُن تہ نِشانِي،
سدا سچو آھي، ميان، تُنھنجي ڳِچِيءَ ۾ ڳانِي.