مارئي
داستان ستون
1
مون جاليو سان جَن، موٽِي تَن نہ پُڇيو؛
حال ھن جون خَبران، پَيون ھوندين ڪَنِ؛
تان ڀِي مارو مَنِ، وارُ نہ ڪَڏنھن وِسريا!
2
توڙي ھو نہ پُڇن، آءٌ گهڻو پُڇان تَن کي؛
عُمَر آءٌ مَڇُڻ، تَن کَؤن وڃان وِسري!
3
ٿي پُڻ وَسايامِ، ڪَڏھن مارُئين مينھَڙا؛
سي ڏينھن ڏاڏاڻي ڏيھَ جا، اَڄ ياد عُمر آيام؛
ھِت پنھوارن ريءَ پاڻ کي، ڪيھا لقَب لايام؛
ھِن لحظي لَنگهايامِ، شال اِھي اَوَسر ڏينھڙا.
4
اِھي اَوسر ڏينھڙا، ھِت جالڻ آيم جالَ؛
کَٿيرا خوش حالَ، ھُت ميان ھون ملير ۾!
5
اَڄ سنگهاري ساريا، مون مينھَن وَسندي سومرا؛
ڳوڙھا ڳاڻاٽي بنا، ھِن ھَنجُنِ مَون ھاريا؛
ياد ڪَريندي تن کي، ٻارڻَ ڄَڻُ ٻاريا؛
ھِتِ ”سَچوءَ“ سَنڀاريا، ھُت سنڀارَ ”سَچوءَ“ جي!
6
ساريم اَڄُ سَنگهارَ، مِينھن وسندي سومَرا؛
جيڪي ڏينھن ھُئاسي گَڏُ ۾، دَم نہ ٿياسي ڌار؛
ڪاٿي اَڄُ اَسين ٿيا، ڪاٿي اَجڙوارَ؛
وڌو قِسمت قيدالماءَ جي، پَري کان پَنوھارَ؛
تيلهان مون اَڄُ آئِيو، روئَڻ زارو زارَ؛
پَلپَل ھِت پَچارَ، ھُت بہ سانگيڙن جِي!
7
ڪَڏھن سانگِن ساڻُ، ٿي گَڏ وسايَم مِينھڙا!
اَڄُ قِسمت قيدالماءَ جي، پيو ھِيءُ پَرياڻُ؛
ھِت ڪَريان پُرزا پاڻُ، پَر ٿي لوئِيءَ جي لَڄَ مران.
8
وِسري ڪِينَ وڃان، مِيان ماروئڙن کَؤن؛
وسِرڻ سَنديون ڳالَهڙيون، مُورؤن تا نہ مَڃان؛
آھي اميد اَڃان، پکي مَنجهہ پَنھوار جي.
9
شالَ نہ وِسارينِ، ھُئان يادِ انهن کي؛
عُمر اَباڻن جيون، ڳالهيون ٿيون ڳارين؛
ساھ رڳون سارين، مَن پَھچان پنھوارن کي.
10
لويون رنگارنگِ، ڪَن ساھيڙيُون ساڻيھ ۾؛
سي اَساوريُون اَڳريون، عُمَر پَھرِن اَنگِ؛
تاڪون تنھنجي تابَ کَؤن، جهانگِي پيٺا جهنگِ؛
ھِن ويچارا واھَڻِي، تن کي وٺُ نہ تنگِ؛
سي ڪِيئن ڏِيَن پيرُ پلنگِ، حال جني جا ھِھڙا!
11
پَئي جيءُ جَنجال ۾، ساڻيھ سنڀاريُون؛
وسِرن اُھي ڪين ڪي، جي مَهلان موچاريُون؛
پَر قسمت قيدالماءَ جي، ڪَيون ھي ڪاريُون؛
ڪاٿي اَڄُ آءٌ ٿيس، ڪاٿي سَنگهاريُون؛
اوڏنهن نِھاريُون، وڃان سا وھلُور ٿِي!
12
عُمَر شالَ نہ لائِيان، لَقَب لوئَڙئين؛
پاڻِي پِيَن پَٽَ ۾، اَبُون اوئَڙئين؛
ڏؤنرا ڏوئَڙئين، ونڊن ورھائِن پاڻ ۾.
13
شالَ نہ لَقَب سومرا، لوئَڙئين لايان؛
پَٽ مَٿي ھِيءَ لوئِي، مُور نہ مَٽايان؛
جا کَٿِي کيتَ ڌنارَ جي، ڀلِي سا ڀايان؛
مَري مَلهايان، سارو مُلڪُ مَليرَ جو.
14
عُمَر اڇا ڪَپڙا، ڪاڻياريُون ڪَن ڪِيئَن؟
جِھڙي آيَسِ جِيئَن، شل تِھڙي مارُن ڏي وڃان!
15
ڪِيئَن ڪاڻياريون ڪَن، ڪَپڙا اَڇا عُمَر ڄام؟
ٿِين پَنھواريون پَٽ ۾، مِھڻي ھابُ مُدامَ؛
آھيان سومرا تو سامَ، تہ لوئِيءَ جي لَڄَ رھي.
16
ھِن لوئِيءَ جي لاڄَ، شالَ رھجِي اَچي سومرا؛
تہ مَرُ ٻُڌي خوش ٿِين، ريگستاني راڄَ؛
سا نہ کائي کاڄ، جا قيد ڪَئِي تو ڪوٽَ ۾.
17
توڙي لوئِي ھِت ڇِڄي، وڃِي تَھباران ٿئي؛
تہ ڀِي پِھنديَس پَنھوارن جي، عُمَر ڀاڻِ ڀِڄِي؛
جَهانگِن لاءِ جِهڄِي، مان اَڌ مُئِي ٿِي آھِيان.
18
توڙي ھوءِ ڇِنِي، تا ڀي لوءِ لوئِيءَ سان وڃان؛
اَچِي عُمَرڪوٽ ۾، ڪَنديَس ڪِين ڪِنِي؛
سائِي سانڍيَم ساھ سان، جا ڏاڏاڻَن ڏنِي؛
اُھا نينديَس ڀاڻِ ڀِنِي، مِينھن وَسندي سومَرا.
19
اَبَر ٿِيا ۾ اُڀَ، ۽ واءُ لڳو اوڀارَ جو؛
”سچو“ چوي ٿيا سومرا، چَڱا سانگِنِ سُڀَ؛
پَر چِت اَندرَ ۾ چُڀَ اَٿن تنھنجي زور ظُلم جا!
ڪافي 1
اِھي نِياپا ڪو نيئِي، منھنجا مارُن ڏئي!
اَچڻ اَوھان جي وسَ وڏائِي، ڪوڙين سي ڪِيَڙم ڪيئِي.
ڏکَ ڏوراپا ٿا منجو اسان ڏي، حالَ اَسان ھِت ھيئِي.
قسِمت ڪو جو قَلَم وَھايو، پَري اوھان کان پيئِي.
لوءِ اوھان جي ڏنهُن لوئِي جا آنديم، لِيڙان ھِت ٿِي ويئِي.
ڳالهيون سَنگهارن جون سُڻ ”سچو“ ري، ساہَ سِيباڻيُم سيئِي.
ڪافي 2
ڪانگڙا قريبَن جا، توکي ڪالَهہ اُڏايو ڪَن،
وَٽئُون وِيڙھيچن!
آسروندي آھيان، مَن ڪو ڀيرو ڪَن،
وَٽئُون ويڙھيچن!
پَکا پَکَن سامھون، اوڏا مانَ اَڏِن،
وَٽئُون ويڙھيچن!
”سچوءَ“ جي بہ سَرير ۾، دونھان روز دکَن،
وَٽئُون ويڙھيچن!
ڪافي 3
اِھي اولانبا آيا،
مون ڏي مارُن جا، ميان!
ڏيھُ ڏاڏاڻو ڪِيئَن وِساريُئِي، ڏينھَن اِتي تو لايا.
ڪَھڙِيين ڳالهيين ويڙھيچن ڏنھُن، مُنھن ڦيريُئِي مايا.
پَھَر پنھوارن ريءَ ڪِيئَن ٿِي گهارين، عُمَر ساڻُ اَجايا.
تُنھنجي ڪارڻ راتو ڏينھان، سانگِي سي ھِت سِڪايا.
وَسُ نہ مُنھنجو سُڻُ ”سچو“ ري، ڏکيا مون ڏينھن لَنگهايا.
ڪافي 4
آيَم راتِ عتابَ،
ڏاڍا سخت سَنگهارن ڏنھَن!
مون کي عُمَر ماريو، جهانگيَڙن جي جوابَ.
”ويٺينءَ اِتي مارئِي، کائِي خوب ڪَبابَ“.
ھِت سارو ڏيھُ ڏَڪائِيو، عُمَر جي تِکَ تابَ.
موليٰ تا معافِي ڪيا، ”سَچو“ سَڀ حِسابَ.