پھرين ڇاپي جو مھاڳ

(عرض حال)

الحمدلله شاھ سائين جي رسالي جي انٽرنيٽ ۽ ورلڊ وائِيڊ ويب تي اليڪٽرانڪ اشاعت جو ڪم، ڌڻيءَ جي ٻاجهہ، شاھ سائين جي روحاني فيض، بزرگن، وڏڙن ۽ گهڻگهرن جي دعائن، ۽ ٻانھن ٻيلين جي ھمت ۽ محنت سان پايئہ تڪميل کي رسيو، جنھن جي نتيجي ۾ شاھ جي رسالي جو ھي ڊجيٽل ايڊيشن اوھان جي سامهون آھي.
مون سن 1987ع ۾ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي سلسلي ۾ ڪم شروع ڪيو ھو، جنھن جي نتيجي ۾ پھريون ڀيرو سنڌي ڊيسڪ ٽاپ پبلشنگ وجود ۾ آئي ۽ اخبارون، ڪتاب، رسالا ايپل جي مئڪنٽوش ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ۽ ٽائپسيٽ ٿيڻ لڳا. سال 2001ع ۾ مون سنڌيءَ کي ونڊوز ۾ يونيڪوڊ جي انٽرنيشنل معيار موجب آندو ۽ انهي کان پوءِ مون سنڌي جي انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر تي استعمال ۽ ترويج (واڌاري) لاءِ وِت آھر پئي ڪوشش ورتي آھي. مون کي پنھنجي ھن ٻن ڏھاڪن تي محيط ڪوشش ۽ محنت جو ڪجهہ اجورو شروع ۾ ان خوشي جي روپ ۾ مليو، جڏھن مون اخبارون ۽ ڪتاب ڪمپيوٽر ذريعي ڪمپوز ٿي شائع ٿيندي ڏٺا. پر مونکي مڪمل اجورو اڄ مليو آھي جڏھن شاھ سائين جي رسالي جي انٽرنيٽ تي ھي اليڪٽرانڪ اشاعت ممڪن ٿي آھي.
پوين چند مھينن دؤران، شاھ سائينءَ جي بيتن جي اينٽري ڪندي، ۽ دوستن جي ڪيل اينٽري جي پروف ريڊنگ ڪندي، مونکي سائينءَ جي ڪلام جي مطالعي جو موقعو مليو. مان ان سعادت جو مُلهہ بيان نہ ٿو ڪري سگهان. سائينءَ جي ان سٽ، “جي تو بيت ڀانيا…”، جي لفظي نہ بلڪ معنوي مطلب جي ھلڪي چاشني جيڪا مون کي چکڻ لاءِ ملي، اھا ئي منھنجي محنت جو وڏي ۾ وڏو ثمر آھي. سندن ڪلام دانش ۽ ڏاھپ جو ھڪ املهہ خزانو آھي ۽ اھا اسان جي وڏي بدنصيبي آھي جو ان جي ھوندي بہ اڻھوندا آھيون.
جيئن تہ ھي اليڪٽرانڪ ايڊيشن ڪلياڻ آڏواڻي جي مرتب ڪيل شاھ سائين جي رسالي جي آڌار تي جوڙيو ويو آھي، تنھنڪري ان ۾ سائينءَ جا سڀ بيت شامل نہ آھن. انهي ايڊيشن جي استعمال جو مکيہ سبب ھي ھو تہ مون وٽ آمريڪا ۾ ٻيو ڪو غلطين کان آجو ڇاپو ڪو نہ ھو ۽ مون پاڻ ۾ ايتري اھليت ڪانہ پئي ڀانئي جو ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب جي مستند ايڊيشن (جيڪو ٻيو واحد ڇاپو مون وٽ ھو) جيڪو سنڌ ثقافتي اداري ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ڪري ڇپرايو ھو، ان ۾ موجود بيشمار غلطين کي درست ڪري سگهان. ان ڪري مون اھو ئي فيصلو ڪيو تہ في الحال مختصر ايڊيشن سان ئي سھي ابتدا تہ ڪجي ۽ پوءِ اڳتي ھلي ان ۾ واڌارو آڻي سڀ شعر شامل ڪرڻ يا ڪنھن ٻئي مستند ايڊيشن کي انٽرنيٽ تي آڻڻ جي ڪوشش ڪبي.
ھن رسالي جي سموري اينٽري اھڙن دوستن ڪئي آھي، جن جو (ھڪ يا ٻن کي ڇڏي) پيشو ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ نہ آھي. پر انھن ايتري تہ محبت ۽ محنت سان اينٽري ڪئي آھي جو غلطين جو امڪان تمام گهٽ رھيو آھي. مون پنھنجي طرفان انهن جي پروف ريڊنگ ۽ غلطين دور ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي آھي، پر تہ بہ غلطين جو امڪان پنھنجي جاءِ تہ آھي. ان جا ڪيئي سبب ٿي سگهن ٿا: آڏواڻي صاحب جي غلطي، جنھن ڇاپي کي مون استعمال ڪيو آھي ان جي ڪمپوز ڪرڻ وارڻ جي غلطي، ۽ اينٽري جون اھي غلطيون جيڪي منھنجي نگاھ کان رھجي ويون، انھن سڀني جو امڪان ۽ احتمال پنھنجي جاءِ تي موجود آھي. منھنجي سڀني دوستن کي گذارش آھي تہ غور سان مطالعو ڪن ۽ جيڪي بہ چُڪون ۽ غلطيون کين نظر اچن انھن جي نشاندھي ڪن تاڪِ انھن کي درست ڪيو وڃي.
مون ھن رسالي جي طباعت لاءِ خاص ٽائپ فيس ترتيب ڏنو آھي جنھن ۾ مون اعرابن ۽ نشانين جي بيھڪ جي لحاظ کان موزونيت تي خصوصي توجھ ڏني آھي. پر ان ۾ بہ اوڻاين جي گنجائش رھي ٿي جن مان ڪي مڪمل طرح سان تہ ڪي ڪنھن حد تائين درست ڪري سگهجن ٿيون. ان لاءِ بہ اوھان دوستن جي راءِ ۽ مشورن جي لاءِ مون کي انتظار رھندو. توھان ھن رسالي جا ڪجهہ صفحا ليزر پرنٽر تي پرنٽ ڪري ۽ ٽائپ فيس جي باري ۾ پنھنجي رايي کان مطلع فرمائيندا.
ھن رسالي جي انٽرنيٽ تي اشاعت ھڪ خواب ئي رھي ھا جيڪڏھن دوست ھن ۾ ٻانھن ٻيلي ٿي رسالي جي اينٽري جي اينٽري ۾ منھنجي مدد نہ ڪن ھا. ٽيھن مان ٽي سر مون اينٽر ڪيا، باقي ستاويھہ سُر انھن دوستن جي مھرباني سان مڪمل ٿيا. سڀني کان وڌيڪ مان محترم احمد چنڊ صاحب جو ٿورائتو آھيان جنھن رسالي جو تقريباً اڌ حصو اڪيلي سر ڪمپيوٽر تي لکيو. جن ٻين دوستن بنا اجوري جي اھو محبت جو پورھيو ڪيو ۽ جيڪي اسان سڀني جي بيشمار نيڪ تمنائن ۽ بيحساب دعائن جا حقدار آھن سي آھن:
شاھنواز سومرو صاحب
محمد حبيب سنائي صاحب
عبدالرحيم نظاماڻي صاحب
فقير اسلح علي قلباڻي صاحب
عاشق حسين نظاماڻي ۽ رشيد ٻرڙو صاحب
ھن رسالي جي مواد کي استعمال ڪرڻ ، ڇاپڻ، ورھائڻ وغيرہ جي سڀني کي اجازت عام آھي. رڳو ايترو عرض آھي تہ جن محبت جو پورھيو ڪري ھن رسالي کي ترتيب ڏنو آھي، انھن جا نالا يا ذڪر انھي مان حذف ڪيا يا ڪڍيا نہ وڃن، تہ جيئن پڙھندڙن وٽان انھن کي اجر دعائن جي صورت ۾ تہ ملي.
ھڪ ڀيرو وري آءٌ اللھ پاڪ جو ٿورو ادا ڪرڻ جي مُڏي ڪوشش ٿو ڪيان جنھن جي مرضي کان سواءِ ھڪ پن بہ چُري نہ ٿو سگهي ۽ جنھن ھي قابل قدر ڪم مون ھيڻي جي نصيب ۾ لکي منھنجي ھٿان ڪرايو. ڀٽ جي سائين، جنھن جو ڪلام مون ھن ريت دنيا جي ھر ڪنڊ ۾ پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي، تنھن جي فيض جي شامل حال ھجڻ جي اھا نشاني آھي تہ اھو ڪم ممڪن ٿيو. ھن ڪم جي پايہ تڪميل تي پھچڻ لاءِ مان پنھنجي والدين جو بيحد شڪرگذار آھيان ڇا لاءِ تہ سندن دعائن کان بغير مان ڪجهہ بہ نہ آھيان ۽ نہ ئي مان ڪجهہ ڪري سگهڻ جو اھل آھيان. مان پنھنجي اھليہ ۽ پنھنجي ٻارن جو بہ شڪرگذار آھيان جن منھنجي ھر لمحي تي ھمت افزائي ڪئي ۽ مون کي اھڙو ماحول مھيا ڪيو جنھن ۾ ھي سڀ ممڪن بڻيو. مان پنھنجي پٽن عبدالمصور، عبدالباسط ۽ عبدالباري جو ذڪر جيڪڏھن نہ ڪيان تہ شڪرادائي نامڪمل رھجي ويندي. مان وڏي نصيب ۽ ڀاڳ وارو آھيان جنھن کي اللھ تعالىٰ اھڙي اولاد عطا فرمائي آھي. منھنجن پٽن مونکي ھر قسم جي مالي فڪر ۽ ڳڻتي کان نہ رڳو آجو ڪيو، بلڪ مون تي بار وڌائون تہ ڪا نوڪري ڪرڻ جي بجائي اھو ڪم ڪيان جيڪو منھنجو من ٿو چاھي. جيڪڏھن غم روزگار، نوڪري يا ڪاروبار جا جهميلا ھجن ھا تہ پوءِ بہ شايد ھي ڪم مون کان نہ ٿي سگهي ھا. ان چوڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي تہ انھن اھي سڀ وسائل بہ مونکي مھيا ڪري ڏنا جيڪي ھن ڪم لاءِ گهربل ھئا. منھنجي رونئين رونئين مان انھن لاءِ دعا ٿي نڪري.

ناچيز
عبدالماجد ڀرڳڙي
14 نومبر 2004