عبد الماجد ڀرڳڙي
ايم بي سٿ جو سرواڻ
عبد الماجد ڀرڳڙي سنڌي ٻولي ۾ ڪمپيوٽنگ جو باني آهي. هو لاڙڪاڻو سنڌ پاڪستان سان تعلق رکي ٿو، ۽ هاڻي سياٽل ۾ رھي ٿو. 1987-88 کان سندس ڪم ذاتي ڪمپيوٽرن تي سنڌي جي استعمال کي فعال بڻايو ۽ سنڌي اشاعتي ادارا ۽ اشاعتي صنعت ۾ انقلاب آندائين.
امر فياض ٻرڙو
ايم بي سٿ جو مکيہ فرد
امر فياض ٻرڙو سنڌي ۽ اردو ٻولين جو لئنگئيج انجنيئر آھي. ھو سنڌي او سي آر جو خالق ۽ اڻ ڳڻيل پروگرامنگ جو تخليقڪار آھي. ويب ۽ اپليڪيشن ڊولپمينٽ ۾ ھن جو اھم ڪردار آھي. ھو ايم بي سٿ جو مکيہ ميمبر آھي.
شبير ڪنڀار
ايم بي سٿ جو مکيہ فرد
شبير ڪنڀار ايم بي سٿ جو مکيہ ميمبر آھي. ھو سنڌي فونٽن ۽ انسٽالرن ۾ سٺي مھارت رکي ٿو. گرافڪس ۾ ڀڙ آھي، ھو شاہ عبد اللطيف ڀٽائيءَ جي رسالن کي ڊجيٽائيز ڪندو رھي ٿو. تازو ھن گنج جي ڊجيٽل ايڊيشن رليز ڪئي آھي.
عبيد ٿھيم
ايم بي سٿ جو مکيہ فرد
عبيد ٿھيم ايم بي سٿ جو نوجوان ۽ سرگرم ميمبر آھي. ھو ويب ڊولپمينٽ کان علاوہ ايپس جوڙڻ ۾ بھترين مھارت رکي ٿو. ھو سنڌي ٻوليءَ جي پروگرامنگ ۽ ڊجيٽائيزيشن لاءِ ڏينھن رات پاڻ پتوڙي رھيو آھي. سنڌي فانٽن ۽ ويب لاءِ ساڻس رابطو ڪريو.