عبدالماجد جي ڪھاڻي، سندس والد جي زباني
(حصو پھريون: عبدالماجد ڀرڳڙي ننڍپڻي کان ڪميشن تائين)
عبدالماجد، سنڌي ڪمپيوٽنگ جو باني، منھنجو وڏي ۾ وڏو فرزند آهي. هُو 8 فبروري 1948 تي پيدا ٿيو جڏهن مون لاڙڪاڻي ۾ نئين نئين وڪالت شروع ڪئي هئي. جيتوڻيڪ ادا وڏي، غلام صديق، جي شادي کي ڪافي عرصو ٿيو هو پر هو اولاد جي نعمت کان محروم هئا. عبدالماجد اهڙي طرح بابي سائين جي پٽن جو پھريون اولاد هو، تنھنڪري سندس ولادت والد صاحب لاءِ تہ خصوصًا بيحد خوشي جو باعث هئي. ڇٺيءَ جي موقعي تي ڳوٺن ۾ معمول هوندو هو ته پٽڙو ڀت ٺھرائي مھمانن کي کارائيندا هئا پر مون ان موقعي تي پنهنجي خوشي جي اظھار لاءِ گوشت جو پلاءُ رڌائي مھمانن جي تواضع ڪئي.
جڏهن عبدالماجد جي عُمر تقريبًا ٽي ورهيہ ٿي ۽ منھنجي گهر منھنجو ٻيو نمبر اولاد منھنجي نياڻي رضيہ سلطانہ پيدا ٿي، تہ ادي وڏي ۽ سندس گهروارِي زور ڀريو تہ عبدالماجد اسان کي ڏيو جو اسان جو اولاد ڪونهي. مان تہ پيءُ هوس، پر شاباش هجي منھنجي گهروارِيءَ کي جنھن شادي جي ڇھن ورهين بعد پيدا ٿيل پنهنجي سِڪيلڌي پُٽ کي ادا وڏي وارن کي ڏيڻ جي هامي ڀري. هي اهو وقت هو جو پاڻ کان وڏن جو چيو موٽائڻ بيحد ڏکيو هوندو هو. ايئن اسان پنهنجو دل گهريو فرزند ادا وارن جي حوالي ڪيو. عبدالماجد ننڍو هو تنھنڪري هو ادا وارن کي ئي پنھنجا والدين سمجهڻ لڳو پر ٻاراڻي اوسٿا ۾ جيڪو وقت اسان سان گهاريو هئائين سو بہ وساري ڪونہ سگهيو هو تنھنڪري اسان کي بہ بابا ۽ امان ڪوٺيندو هو.
ادا وڏي جي تعليم کاتي ۾ ملازمت هئي ۽ بدلين سانگي کين مختلف هنڌن تي رهڻو پوندو هو. ساڻن گڏ عبدالماجد بہ پنھنجو ننڍپڻ ٽنڊي جان محمد، حيدرآباد، ميرپور ماٿيلي، سکر، نوشھري فيروز ۽ شھدادپور ۾ گذاريو. جڏهن عبدالماجد ستن ورهين جو ٿيو تڏهن ادا وڏي جي گهر بہ اميدواري ٿي ۽ الله پاڪ کيس هڪ فرزند (عبدالجليل عرف زاهد بلوچ) عطا ڪيو. پوءِ ادا وارن چيو تہ هاڻي بيشڪ عبدالماجد اوهان وٽ رهي. پوءِ هن تي بہ اها ڳالھہ حتمي طرح واضح ٿي تہ سندس والدين اسان هئاسي، پر ادا وارن سان سندس محبت هميشہ قائم رهي. ان بعد هو اسان وٽ لاڙڪاڻي ۾ ئي رهيو جتي هن پنھنجي پرائمري تعليم پي وي اسڪول ۽ بعد ۾ شاه محمد اسڪول ۾ مڪمل ڪئي.
سيڪنڊري تعليم لاءِ مون کيس ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرايو جنھن جو هيڊماستر سنڌ جو برک تعليمدان مرحوم فتح محمد قريشي هو. سال کانپوءِ، سن 1959 ۾ قريشي صاحب جي جاءِ تي مرحوم اميرالدين جوڻيجو هيڊماستر مقرر ٿيو تہ هوڏانهن وري ادا غلام صديق جي پوسٽنگ گورمينٽ هاءِاسڪول لاڙڪاڻي ۾ هيڊ ماستر طور ٿي. عبدالماجد کي ادا ميونسپل هاءِ اسڪول مان ڪڍرائي گورمينٽ هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرايو تہ جيئن هن جي تعليم تربيت سندن زير نگراني ٿئي. ڪجهہ عرصي بعد ادا کي بدلي ڪري ٽريننگ ڪاليج فارمين لاڙڪاڻي ۾ پرنسپال ڪري رکيائون ۽ سندس جاءِ تي جناب واحد بخش شيخ هيڊ ماستر ٿيو. عبدالماجد سيڪنڊري تعليم جا باقي پنج سال گورمينٽ هاءِ اسڪول ۾ ئي گذاريا جتان 1963 ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين.
جيتوڻيڪ ميٽرڪ ۾ سائنس کنئِي هُئائين پر پوءِ مونکي چيائين تہ هو ڪاليج ۾ آرٽس ۾ داخلا ٿو وٺڻ چاهي جنھن تي مون چيومانس تہ تعليم جي معاملي ۾ بيشڪ پنھنجي شوق ۽ مرضي تي هلي. کيس ميٿميٽڪس سان ڪافي شغف هو تنھنڪري آرٽس ۾ ميٿيميٽڪس جو مضمون کنيائِين. عين ممڪن آهي تہ لاڙڪاڻي گورمينٽ ڪاليج جي تاريخ ۾ هو پھريون ۽ آخري آرٽس جو شاگرد هجي جنھن ميٿيميٽڪس کنئي. 1965 ۾ انٽر آرٽس ڪرڻ کانپوءِ مون کيس بي اي آنرز ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي موڪليو.
عبدالماجد جي مرضي هئي تہ هو ميٿيميٽڪس ۾ بي اي آنرز ۽ پوءِ ايم اي ڪري پر سنڌ يونيورسٽي ۾، جتي هن داخلا پئي ورتي، اهو ممڪن ڪونہ هو. ان جو سبب اهو هيو ته يونيورسٽي تڏهن عمارتي ٽرانزشن واري دؤر مان گذري رهي هئي جو ان جو اڌ حصو، يعني آرٽس ۽ ايڊمنسٽريشن جا بلاڪ حيدرآباد ۾ هئا ۽ باقي اڌ، يعني سائنس بلاڪ ۽ هاسٽلون، ڄامشوري منتقل ٿي چڪا هئا. اهڙين حالتن ۾ اهو ناممڪن هو تہ هڪ شاگرد ساڳـئي ڏينھن آرٽس ڪلاس حيدرآباد ۾ اٽينڊ ڪري ۽ وري ميٿيميٽڪس جي ڪلاس لاءِ ڄامشوري وڃي. ان صورتحال پيش نظر عبدالماجد ميٿيميٽڪس جي بجاءِ عمومي تاريخ يعني General History ۾ بي اي آنرز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ڪجهہ مھينا ته هو هاسٽل ۾ رهيو پر پوءِ سندس چاچي مرحوم عنايت الله جي بدلي ڄامشوري ۾ اريگيشن کاتي جي اگزيڪٽو انجنيئر طور ٿي تہ سندس چوڻ تي عبدالماجد هاسٽل ڇڏي وٽس رهڻ شروع ڪيو.
هن 1968 ۾ فرسٽ ڊويزن ۾ بي اي آنرز پاس ڪئي. پوءِ ايم اي ۾ داخلا وٺڻ بجاءِ فيصلو ڪيائين تہ سال کن پڙهائي ۾ وقفي بعد CSS جي لاءِ تياري ڪندو ۽ LL.B. ۾ بہ داخلا وٺندو. باقي رهي ايم اي، تنھن باري ۾ چيائين تہ بعد ۾ فيصلو ڪندو. 1969 ۾ منھنجي ننڍي گهرواري جي علاج جي سلسلي ۾ کيس ڪوئيٽا وڃي رهڻو پيو جتي سندس ملاقات ڪشميري خاندان جي هڪ ڇوڪري نرگس سان ٿي جنھن سان کيس پيار ٿي ويو. اسان جو اصل تعلق تہ هڪ ننڍڙي ڳوٺ سان هو جتي اسان ڀرڳڙين جا ئي گهر هئا. اسان جون مِٽيون مائٽيون بہ پاڻ ۾ ٿينديون هيون ۽ عبدالماجد جي شادي متعلق بہ اسان جي اهڙي ئي سوچ هئي. پر هن يار جو نينھن جو ناتو اهڙو اڙيو جو چيائين تہ شادي ڪندس تہ صرف پنھنجي دل گهريي پسند سان.
عشق پر زور نھين هئي يه وہ آتش غالب
ڪہ لگائي نہ لگي اور بجهائي نہ بجهي
آخر اسان والدين هنن جي پِيار آڏو آڻ مڃي؛ 14 نومبر 1970 تي خير سان سندن شادي ٿي ۽ نرگس، اسان جي نُنھن بڻجي، اسان سان گڏ اچي رهڻ شروع ڪيو. ايئن سڪ ۽ پريت جو اهو سلسلو شروع ٿيو جيڪو وهم ۽ گمان ۾ بہ ڪونہ هو. عبدالماجد جي نرگس سان شادي نہ صرف سندس لاءِ بلڪِ اسان جي پوري خاندان لاءِ بيحد مبارڪ ثابت ٿي. نرگس پنھنجي مڙس سان تہ بي انت محبت ڪئي پر ان محبت جي ڪري پوري خاندان جي هر فرد سان بي لوث پيار ۽ ايثار جو بيمثال نمونو پيش ڪيو. اها ڇوڪري جنھن کي خاندان ۾ ڪو آجيان ڪرڻ لاءِ تيار نہ هو ۽ اهو محض ان ڪري جو هو ڌارئي هئي، تنھن پنھنجي خلوص سان پنھنجي لاءِ سڀني جي دلين ۾ اها جاءِ پيدا ڪئي جو هو پوري خاندان جي محبوب ترين شخصيت بڻجي وئي. هن خصوصًا مون کي ۽ منھنجي گهرواري کي پنهنجي والدين وانگر سمجهيو ۽ اسان کي اهو پيار ڏنائين جيڪو هڪ مثالي اولاد کان ئي ملي سگهي ٿو. عبدالماجد تمام پيار ڪرڻ وارو ۽ خيال رکڻ وارو پٽ آهي، پر اسان تہ سندس والدين هئاسي، پر نرگس رشتي ۾ هڪ نُنھن هوندي بہ عبدالماجد کان وڌيڪ اسان کي پيار ڪيو ۽ اسان جو خيال رکيائين.
عبدالماجد پوءِ لاڙڪاڻي ۾ رهندي CSS جي امتحان جي “تياري” بہ شروع ڪئي ۽ ساڳـئي وقت هتان جي لا ڪاليج ۾ به داخلا ورتائين. ٻڌائيندو هو تہ ڪاليج ۾ ڪلاسن ۽ ليڪچرن جو حال مڙيوئي ڪو هوندو هو، تنھنڪري ايل ايل بي جي امتحان جي تياري به گهر تي ئي ڪيائين. بھرحال سال 1971 ۾ سندس توجھ بظاهر پڙهائي تي پر دراصل گهڻي ڀاڱي پنھنجي نئين ازدواجي زندگي مان مزا ماڻڻ تي صرف ٿيندو رهيس. جيڪا ٿوري ڪا گهڻي توجھ امتحانن جي تياري تي ڏنائين سا بہ پنهنجي سمجهدار گهرواري جي زوربار تي.
29 آڪٽوبر تي CSS جا امتحان شروع ٿيڻا هئس جنھن لاءِ سينٽر ڪراچي هو پر مون ڏٺو پئي تہ سندس وڃڻ جا اهڃاڻ نظر ڪين پئي آيا. سندس گهرواري اميد سان هئي ۽ ويم جا ڏينھن ويجها هئس. مون پڇيو مانس تہ جواب ڏنائين تہ، “امتحان جي مڪمل تياري ڪري ڪونہ سگهيو آهيان، تنھنڪري امتحان ۾ ويھڻ جو ارادو ڪونہ اٿم.” اهو بہ چيائين ته سندس مرضي هئي ته ايل ايل بي ڪري مون سان گڏجي وڪالت شروع ڪري. مونکي سندس تجويز ان ڪري بہ نہ آئڙي جو احساس هئم ته هن وڪالت ۾ دلچسپي جو اظھار محض اعلىٰ ملازمتن جي مقابلي واري امتحان لاءِ جوڳي محنت ڪرڻ کان لنوائڻ ڪري پئي ڪيو. مون ان تي پنھنجي ناراضگي جو بہ اظھار ڪيو پر هن امتحان ۾ ويھڻ کان نابري واري. انھيءَ جو ٻيو ناگزير سبب اهو هو تہ سندس گهرواري جي ويم جا ڏينھن مٿان هئا ۽ اهڙي وقت ۾ هو کانئس پري رهڻ نہ پيو چاهي.
تن ڏينھن ۾ ويم بہ اسپتال جي بجاءِ گهر ۾ ٿيندا هئا. ڊاڪٽر اشرف عباسي صاحبہ اسان جي گهر جي زائفن جي فزيشن هئي ۽ هو اسان جي گهر ويم ڪرائڻ آئي هئي. 28 آڪٽوبر 1971 تي ٽن پھرن ڌاري عبدالماجد جو پھريون اولاد، سندس پٽ عبدالمصور تولد ٿيو. عبدالماجد جو امتحان ٻئي ڏينھن تي شروع ٿيڻو هو. هاڻي سندس گهرواري، سندس والدہ ۽ ٻين عبدالماجد کي چيو تہ هاڻي ويم تہ خيريت سان ٿي ويو آهي، هو مون کي ناراض نہ ڪري ۽ امتحان لاءِ ڪراچي وڃي. سندن بيحد اصرار تي هن هامي ڀري. ٽرين جو وقت نڪري چڪو هو، بسون تن ڏينهن گهٽ هلنديون هيون ۽ جيڪي هلنديون بہ هيون سي گهڻو وقت وٺنديون هيون. سِج لٿي ڌاران، عبدالماجد مون کان موڪلائڻ بنان ئي، ڪار ۽ ڊرائيور ساڻ ڪري سکر روانو ٿي ويو. اتي پنھنجي چاچي غوث بخش مرحوم جي گهر رات جي ماني کائي روانو ٿيو. فجر جون ٻانگون پئي آيون جو ڪراچي وڃي پھتو. اهڙين حالتن ۾ هن CSS جو امتحان ڏنو. وري جو وچ ۾ هڪ ٻن ڏينھن جو وقفو مليس تہ ترت ٽرين ذريعي لاڙڪاڻي اچي رسيو تہ جيئن پنھنجي گھرواري ۽ پنھنجي نوزائيدہ پٽ کي ڏسي وڃي.
1972 ۾ وڪالت جي امتحان جي پھرئين سال جو امتحان ڏنائين، جنهن جو احوال، بعد ۾، هيئن ڪندو هو:
پاڪستان ٻہ اڌ ٿي چڪو هو ۽ مشرقي پاڪستان وارو حِصو دنيا جي نقشي تي بنگلاديش ٿي اڀريو. تن ڏينھين مان ۽ نرگس گڏجي دنيا جا شاهڪار ناول پڙهندا هُئاسي جيڪي ڏاڍو لُطف ڏيندا هُئا. ڪائونٽ ٽالسٽائي جو “اينا ڪيرينينا”، وڪٽر هيوگو جو “لا مِزراَبل”، اليگـزينڊر ڊُوما جا “ڪائونٽ آف مانٽي ڪرسٽو”، “ٿِري مَسڪيٽِيئرز” ۽ ان سلسلي جا ٻيا ناول، مارگريٽ مِچل جو، آمريڪي خانہ جنگي جي پس منظر تي لکيل، “گان ود دي ونڊ”، جيمز مشنر جو “هوائي” ۽ ٻيا ڪيترا ئي ناول گڏجي پڙهياسي.
جڏهن ايل ايل بي جي امتحان جا ڏينھن ويجها آيا، تہ اهي “غير نصابي” مطالعا ۽ ٻيا وِندر وِروند وارا ڪم ڪنھن حد تائين ڇڏي، امتحان جي تياري لاءِ ڪجهہ وقت ڪڍڻو پيو. پوءِ جڏهن امتحان شروع ٿيا تہ هڪڙي ڏينھن امتحان لاءِ تياري ڪندو هوس ۽ ٻئي ڏينھن پرچو ڏيئي موٽي ايندو هوس تہ باقي وقت نرگس سان ناول ۽ افسانا پڙهندي، رانديون رهندي، چاهيون پينئدي، وِندر وروند ۾ گذرندو هو. ان ڏينھن تي نصابي ڪتابن جو مُنھن ڏِسڻ بہ گناھ ڪبيرو ڪري ليکيندو هوس. ٻئي ڏينھن صبوح جو وري پوءِ وڪالت جا ڪتاب ۽ ڪاپيون نڪرنديون هيون ۽ اهو ڏينھن، ايندڙ ڏينھن واري پرچي جي تياري ۾ گذرندو هو.
عبدالماجد جي ان امتحان ۾ پوري سنڌ ۾ فرسٽ پوزيشن آئي. انهيءَ سال ئي CSS جي امتحان جو نتيجو نڪتو ۽ عبدالماجد پاس ٿيو ۽ کيس انٽرويو لاءِ سڏ ٿيو. چٽاڀيٽي واري ان امتحان جي فائينل پوزيشن پيپر ۽ انٽرويو جي گڏيل مارڪن تي متعين ٿيندي هئي. ضروري نہ هو تہ هر پاس ٿيل اميدوار کي نوڪري بہ ملي. نوڪريون اميدوارن جي امتحان ۾ بيھڪ يعني پوزيشن، سندن ترجيحات، ڪوٽا ۽ ڪجهہ خاص حالتن ۾ سروس ڪميشن جي خصوصي سفارش جي آڌار تي ڪامياب اميدوارن منجهہ ورهائبيون هيون. ان انٽرويو جو احوال عبدالماجد جي پنهنجي زباني ٻڌو:
مان تہ ان آسري ۾ هوس تہ امتحان جي پيپرن جي مشرقي پاڪستان ۾ گم ٿيڻ وارن افواهن ۾ صداقت هوندي ۽ بقول شخصي “عزت سادات” بچي ويندي يعني منھنجي امتحان ۾ هيڻي ڪارڪردگي تي پردو پئجي ويندو. پر منھنجي اميد برآور ڪانہ ٿي ۽ جڏهن سڌ پيم تہ نتيجو شايع ٿيو آهي تہ ڏڪندڙ هٿن سان اخبار کوليم. پنھنجو نمبر پاس ٿيل اميدوارن جي لسٽ ۾ ڏسي خوشگوار حيرت ٿيم. جلد ئي سروس ڪميشن طرفان خط مليو ته فلاڻي تاريخ تي ڪراچي انٽرويو لاءِ پھچ.
گرمين جا ڏهاڙا هئا، مشرقي پاڪستان واري سانحي کانپوءِ ڀُٽو صاحب باقي رهيل کهيل پاڪستان کي پنھنجن پيرن تي بيھارڻ جي ڪوششن ۾ جنبيل هيو ۽ انھيءَ سلسلي ۾ ئي سڪي جي ڊيويلوئيشن ڪئي هئائون. اميدوار انٽرويو جي تياري لاءِ اخبارن، خصوصًا ڊان، ۽ بين الاقوامي مخزنن جھڙوڪ ٽائم، نيوزويڪ، ايڪانامسٽ ۽ ريڊرز ڊائجسٽ وغيرہ جو باقاعدگي سان مطالعو ڪرڻ، ۽ ريڊيو ۽ ٽي وي ذريعي ڏيھي توڙي پرڏيھي معاملن متعلق اپ ٽو ڊيٽ معلومات رکڻ، لازمي سمجهندا هئا. منھنجو حال ديگر هو. هڪ تہ مون کي پيپرن جي مشرقي پاڪستان ۾ غدر بود يعني گم ٿيڻ جي نہ رڳو قوي اميد هئي بلڪِ ان لاءِ دعائون بہ گهريون هئم. ٻيو اهو بہ ذهن ۾ هو تہ نتيجو نڪتو بہ تہ منھنجي پاس ٿيڻ جا امڪان مڙيوئي ڪي آهن سو تياري ڇا جي لاءِ؟ دراصل مان ذهني طور تي وڪالت لاءِ تيار هوس ۽ جيستائين ايل ايل بي جي ٻئي يعني آخري سال جو امتحان ڏيئي ان ميدان ۾ قدم رکان ۽ غمِ روزگار جي جهميلن ۾ اڙجي وڃان، مون چاهيو پئي تہ اهو وقت پنهنجي زال سان وِندر وروند ۾ ئي گهاريان. CSS جي انٽرويو جي تياري لاءِ نہ خواهش هئي ۽ نہ وقت سو ڪٿان پئي ٿي؟
بھرحال، مقررہ تاريخ تي ڪراچي پھچي ويس. پھرين ته عقلي ۽ نفسياتي Intelligence ۽ Psychological ٽيسٽون ٿيون. مان سمجهان ٿو تہ جيئن ان ۾ پڙهائي يا تياري جو ڪو عمل دخل ڪونہ هو، نتيجو سٺو ئي رهيو هوندو. اميدوارن جي IQ جي جاچ لھڻ لاءِ 100 ملٽيپل چوائس (Multiple Choice) سوالن وارو پرچو ڏنائون (جنھن ۾ هر سوال جا هڪ کان وڌيڪ جواب ڏنل هوندا آهن، جن مان صحيح جواب چونڊڻو هوندو آهي) ۽ اهو اهڙي طرح ترتيب ڏنل هو جو مقررہ وقت ۾ سڀيئي سوال حل ڪرڻ ممڪن ئي نہ هو تہ جيئن هر اميدوار جي ٻئي جي ڀيٽ ۾ پوزيشن جو تعين ڪري سگهجي. جڏهن مان پيپر مان فارغ ٿيس تہ ٻيا جيڪي اميدوار آيل هئا تن کان پڇيم ته گهڻا سوال ڪيو؟ هر ڪنهن اهو جواب ڏنو تہ سوالن جي ڳڻپ ڪرڻ جي فرصت ڪٿي هئي؟ اها ڳالهہ صحيح هئي، پر مون کين چيو ته مون صرف اهي سوال ڳڻيا جيڪي مون کان رهجي ويا ۽ تن جو انگ، جي صحيح ٿو ياد پويم تہ، ڇھن يا ستن کان وڌيڪ نہ هو. اتي اندازو ٿيم تہ جنھن حد تائين IQ يعني Intelligence Quotient جو تعلق آهي مان جي ٻين کان اڳڀرو نہ تہ هرو ڀرو پوئتي بہ نہ آهيان.
پبلڪ سروس ڪميشن هڪڙي ڏينهن ۾ اٺن (8) اميدوارن کي انٽرويو ڪندي هئي. انٽرويو واري ڏينھن مان بہ پھتس تہ انتظار واري ڪمري ۾ مون کان علاوہ ٻيا ست ڄڻا بہ موجود هئا جن سان سرسري عليڪ سليڪ ٿي. شايد هڪ يا ٻہ ڇوڪريون بہ هيون پر مون کان علاوہ ٻہ ڄڻا سنڌي هئا جڏهن تہ باقي سڀ غالبًا ڪراچي سان واسطو رکندڙ اردو ڳالھائيندڙ هئا. منھنجي ڪنھن سان بہ اڳ جي واقفيت ڪانہ هئي. سڀ نوجوان انگريزي طرز جي فل سوٽن ۾ ملبوس هئا (جيتوڻيڪ گرميءَ جي مُند هئي) ۽ مون کي عام قميص ۽ پتلون پاتل هئي. هڪدم احساس ٿيم تہ مون موقعي جي مناسبت سان لباس نہ پھريو آهي ۽ خيال ايندي هڪ قسم جي احساس ڪمتري ذهن جي ڪنھن گوشي ۾ ڪر موڙيو. مٿان جو وري انھن سڀني جا ڪرنسي ڊيويليوئيشن ۽ ٻين گرما گرم ڏيھي ۽ پرڏيھي معاملن تي بحث مباحثا ٻڌم تہ پنھنجي علمي اڻھوند جو ويتر وڌيڪ احساس ٿيم جنھن رهيل سھيل ڪسر پوري ڪري ڇڏي.
خير منھنجو وارو آيو ۽ سڏ ٿيم ۽ وڃي سروس ڪميشن جي ميمبرن جي رعبدار جٿي آڏو حاضر ٿيس. هاڻي اچي هر پاسي کان، واري وٽي سان، سوالن جو وسڪارو شروع ٿي ويو ۽ نتيجو اهو نڪتو جو 80 سيڪڙو سوالن جي تہ مونکي ٻِيٽ ئي ڪانہ پئي. ڀلا تياري ڪئي هجيم تہ منھن ڏيان! پر جن سوالن جو جواب نہ پئي آيم، تن جو آڏو ابتو جواب ڏيڻ بجاءِ، پنھنجي ڪم علمي جو اعتراف ڪندي، اهو ئي چوندو رهيس تہ، “سائين، مون کي ڄاڻ ڪانھي.” سروس ڪميشن جو چيئرمين رٽائرڊ جسٽس فيض الله ڪُنڊِي هو، جنهن مزو وٺندي منھنجا اهي “I do not know, sir.” جا بار بار ورجايل جواب بہ پئي ٻڌا تہ پنھنجي سامھون پيل ڪاغذ، جيڪي شايد ذهني ۽ نفسياتي ٽيسٽون ورتيون هئائون تن ۾ منھنجي نتيجي بابت هئا، تن کي بہ پئي جاچيائين. نيٺ مون کي چيائين، “نوجوان تون اخبارن جو مطالعو ڪندو آهين؟ ٽي وي ۽ ريڊيي تي ملڪي ۽ غيرملڪي حالات تي تبصرا ٻڌندو آهين؟” مون جواب ڏنو، “نہ سائين.” بجاءِ خفي ٿيڻ جي، جيڪو اهڙي اميدوار سان شايد ٿيڻ گهرجي، مُشڪندي چيائين، “تہ پوءِ تون هن چٽاڀيٽي واري امتحان (Competitive Exam.) جي انٽرويو ۾ بنا مناسب تياري جي ڪيئن آيو آهين؟” سندس ان ڳالهہ جو مون وٽ ڪو جواب ڪونہ هو ۽ مان چپ رهيس. انٽريو اڌ ڪلاڪ پنجٽيهہ منٽ کن هليو هوندو جنهن کان پوءِ مون کي وڃڻ جي اجازت ڏنائون.
ڪجهہ مھينن کان پوءِ رزلٽ نڪتو ۽ مان پاس ٿيس ۽ انڪم ٽيڪس سروس، جنھن کي تڏهن پاڪستان ٽيڪسيشن سروس سڏيو ويندو هو، تنھن لاءِ مون کي چونڊيو ويو. گروپ ۾ جيڪي ٻيا 7 ڄڻا هئا تن مان 5 ڄڻا، جيڪي سڀيئي اردو ڳالھائيندڙ هئا، جيستائين مون کي ڄاڻ آهي، ڪنھن بہ سروس لاءِ ڪونہ چونڊيا ويا. مون کان علاوہ جيڪي ٻہ سنڌي ڳالھائيندڙ، جن سان بعد ۾ بہ منھنجي دعا سلام ۽ نيازمندي رهي، سي هئا مرحوم روشن علي شاہ ۽ آفتاب قريشي. روشن علي شاہ خيرپور ميرس جو هو ۽ کيس سيڪريٽيريٽ سروس ۾ رکيائون، ۽ محترم آفتاب قريشي کي انھيءَ سال ڪلاس ٽو يعني هاڻوڪي 16 گريڊ جي سروس ڏنائون. آفتاب قريشي بعد ۾ PCS جو امتحان ڏنو ۽ پراونشل سِول سروس جوائن ڪيائين.
جڏهن عبدالماجد کي فيڊرل گورمينٽ طرفان نوڪري تي چڙهي ٽريننگ لاءِ فنانس سروسز اڪيڊمي والٽن، لاهور ۾ رپورٽ ڪرڻ جو خط مليو تہ مون کيس چيو تہ هو نوڪري جوائن ڪرڻ بجاءِ مون سان گڏجي وڪالت ڪري. چيائين تہ: “توهان ئي تہ چوندا هيو تہ اعلىٰ سرڪاري نوڪري جو امتحان ڏي.” مون چيومانس، “هاڻي بہ تہ مان ٿو چوانءِ تہ وڪالت ڪر.” پر پوءِ چيائين، “جيڪڏهن هاڻي نوڪري تي نہ چڙهيس تہ هي موقعو هٿان هليو ويندو. ۽ اڃا سيڪنڊ ايل ايل بي جو امتحان بہ رهيل آهي. اجازت ڏيو تہ نوڪري جوائن ڪيان ۽ جي ان ۾ دل ڪانہ لڳم تہ پوءِ وڪالت تہ ڪاڏي ڪانہ ٿي وڃي، نوڪري ڇڏي توهان سان اچي وڪالت ڪندس.” پوءِ مون بہ زور نہ ڀريو مانس ۽ هن 13 نومبر 1972 تي پاڪستان ٽيڪسيشن سروس جوائن ڪئي.
انھن ڏينھن ۾ اعلىٰ سرڪاري ملازمتن ۾ CSS جي امتحان ذريعي ڀرتي لاءِ جيڪو ڪوٽا سسٽم هو اهو سنڌين لاءِ بيحد هاڃيڪار هو. ان وقت پنجاب صوبي جي ڪوٽا الڳ هوندي هئي، ڪراچي شهر جي الڳ ۽ باقي سنڌ، بلوچستان، فرنٽيئر، آزاد ڄمون ڪشمير وغيرہ لاءِ گڏيل ڪوٽا الڳ هئي. ان سسٽم هيٺ سنڌ جي اميدوارن کي سروس ۾ مناسب نمائندگي بِلڪُل ڪانہ ملندي هئي ۽ تمام ٿورا سنڌي آفيسر سول، پوليس يا فارن سروس ۾ اچي سگهندا هئا جيڪي پرائم سروسز ليکبيون هيون. مثلًا 1972 ۾ جڏهن عبدالماجد جوائن ڪيو، جيڪي سنڌي آفيسر ٽاپ جي پنجن پوزيشنن ۾ آيا سي هئا شجاع شاه (ڪسٽمز)، ممتاز احمد شيخ، اقبال احمد جماڻي، ظھير علي شاه ۽ عبدالماجد. پوين چئن آفيسرن کي انڪم ٽيڪس گروپ مليو. ان سال سِول سروس، فارن سروس، پوليس سروس ۽ اڪائونٽس گروپ ۾ هڪڙو بہ سنڌي آفيسر اچي نہ سگهيو. سنڌين جي سروس ۾ شديد اقليت واري گنڀير صورتحال جو تدارڪ ڀُٽي صاحب اچي ڪيو جنھن سنڌ جي ڪوٽا (بشمول ڪراچي) فرنٽيئر، بلوچستان ۽ ڄمون آزاد ڪشمير کان جدا ڪئي ۽ وري سنڌ اندر اربن يعني شھري ۽ رورل يعني اندرون سنڌ لاءِ علحدہ ڪوٽا مقرر ڪيائين. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو 1973 ۾ سنڌين کي وفاقي نوڪرين ۾ خاطر خواہ نمائندگي ملي ۽ ڪافي سنڌي آفيسر (جن ۾ اهي بہ هُئا جيڪي مقابلي جي امتحان ۾ پاس نہ ٿي سگهيا هئا) اعلىٰ فيڊرل سروسز لاءِ چونڊيا ويا تہ جيئن سنڌ سان ماضي ۾ ٿيل ناانصافي جو ڪنھن حد تائين ازالو ٿي سگهي. ايئن پاڪستان جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو سنڌين کي سول، پوليس، فارن، اڪائونٽس، ڪسٽمز ۽ انڪم ٽيڪس سروسز ۾ نوڪريون تناسب جي حساب سان مليون جنھن لاءِ سنڌي قوم ڀُٽي صاحب جو جيترو بہ ٿورو مڃي سو گهٽ آهي.
ڊسمبر 1972 ۾ ئي شايد ايل ايل بي جي ٻئي سال جو امتحان بہ ڏنائين. پي سي ايس جي امتحان لاءِ بہ فارم ڀريو هئائين پر هاڻي ان جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيائين. لاهور ۾ پنهنجي ٻارن کان سواءِ دل ڪونہ پئي لڳس. اڪيڊمي جي هاسٽل ۾ صرف آفيسرن جي رهڻ جو انتظام هو ۽ فيملي جي رهائش لاءِ ڪو بندوبست ڪونہ هو. اڪيڊمي سان لڳو لڳ ڪسٽمز سروس جو ٽريننگ اسڪول هو. عبدالماجد اتان جي آفيسر عملي کي ذاتي حيثيت ۾ وڃي گذارش ڪئي تہ اسڪول ۾ کيس ڪا جاءِ رهائش لاءِ ڏني وڃي. انھن عبدالماجد کي غيرسرڪاري طرح هڪ ڊي ٽائپ جاءِ رهڻ لاءِ ڏيڻ جي هامي ڀري جنھن کان پوءِ جنوري 1973 هي پنھنجا ٻار وٺي ويو ۽ والٽن لاهور ۾ رهڻ لڳو.
اڪيڊمي جو ڊائريڪٽر مسٽر رشيد نالي هڪ سينئر گورمينٽ آفيسر هو، تنھن هڪ ڏينھن ڪلاس وٺندي آفيسرن کي چيو تہ فردهوف شوان (Frithjof Schuon) جو ڪتاب Understanding Islam اسلام جي باري ۾ لکيل ڪتابن منجهان هڪ بھترين ڪتاب آهي. هن آفيسرن کي مشورو ڏنو تہ اهو ڪتاب، جيڪو اڪيڊمي جي لائبرري ۾ موجود هو، سو هو ضرور پڙهن. پتو نہ آهي تہ آفيسرن مان گهڻن اهو ڪتاب ڏٺو يا پڙهيو، پر عبدالماجد جي مستقبل تي ان “اتفاقيہ” ذڪر جو گھرو اثر پوڻو هو جنھن جو کيس ان وقت ڪو اندازو ڪونہ هو. مسٽر رشيد ته سگهو ئي بدلي ٿي ويو ۽ هن جي جاءِ تي مسٽر مظفرحسن کي ڊائريڪٽر ڪري رکيائون. عبدالماجد ان ڪتاب جو جزوي مطالعو ڪيو ۽ حيرت زدہ رهجي ويو تہ هڪ يورپين “عيسائي” ليکڪ کي اسلام متعلق ڪيئن ايتري گھري ڄاڻ هئي. اها خبر عبدالماجد کي تقريبًا تيرهن ورهيہ پوءِ پوڻي هئي تہ فردهوف شوان جو اسلامي نالو عيسىٰ نورالدين احمد هو ۽ هو هڪ صوفي سلسلي جو بزرگ هو.
عبد الغفور ڀرڳڙي
(عبد الماجد ڀرڳڙيءَ جو والد)
عبدالغفور ڀرڳڙي ولد عبدالجليل ڀرڳڙي 1921ع ڌاري ڳوٺ غلام نبي ڀرڳڙي، تعلقي شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو . پاڻ هڪ قانوندان ، اديب ، دانشور ، سياسي، سماجي حوالي سان مشھور آهي . هن پرائمري تعليم ڳوٺ مان ؛ مئٽرڪ مدرسہ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان، بي اي چيلاسنگهہ اينڊ سيتلداس (سي اينڊ ايس) ڪاليج شڪارپور مان ايم اي فارسي ۽ ايل ايل بي 1946ع ڌاري علي ڳڙهہ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪري، جولاءِ 1947ع ۾ وڪالت جي سند حاصل ڪيائين. هن شاگرديءَ جي زماني ۾ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي پليٽ فارم تان تمام گهڻي سرگرميءَ سان حصو ورتو. شڪارپور جي سي اين ايس ڪاليج ۾ بہ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي شاخ قائم ڪري تحريڪ پاڪستان جي جدوجھد ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين .
عبدالغفور ڀرڳڙيءَ جو سياسي لحاظ کان مشهور سياستدان قاضي فضل الله سان واسطو رهيو هو. 1946ع ۾ ڏوڪري تڪ جي صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي مقابلي ۾ قاضي فضل الله جي اليڪشن جو انچارج ڀرڳڙي صاحب رهيو. ضلعي سياست ۾ هن ” ميونسپل اصلاح جماعت “ ٺاهي، پوءِ ساڳئي پليٽ فارم تان ڊسمبر 1952ع ۾ قاضي فضل الله گروپ هيٺ چونڊ کٽيائين ۽ 26 جنوري 1953ع تي کيس ميونسپالٽي لاڙڪاڻي جو صدر چونڊيو ويو، 1955ع تائين تدبر سان انتظام هلايائين، بعد ۾ خانبهادر کھڙي هن اداري کي معطل ڪيو، پر وري 1956ع کان آڪٽوبر 1957ع تائين ٻيھر چيئرمئن مقرر ٿيو. هن لاڙڪاڻي شهر جا روڊ ۽ رستا پڪا ڪرايا. ڀرڳڙي صاحب لاڙڪاڻي ۾ 9 جنوري 1958ع تي ’غلام محمد ٽائون هال ‘ جو بنياد رکيو، جنھن جو افتتاح 23 مئي 1958ع تي تڏهوڪي وزيراعظم ملڪ فيروزالدين نون ڪيو .
1954ع ۾ ون يونٽ ٺھڻ کان پوءِ ڀرڳري صاحب ون يونٽ خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ ڀرپور حصو وٺندي لاڙڪاڻي ۽ خيرپور ڊويزن ۾ ٿيندڙ جلسن ۾ شريڪ رهيو. هو 1962ع ۾ بي ڊي اليڪشن معرفت ويسٽ پاڪستان اسيمبليءَ جي چونڊ ۾ شھدادڪوٽ مان سيف الله مگسيءَ جي مقابلي ۾ اميدوار بيٺو، سرڪاري اميدوار 125، جڏهن تہ هن 90 ووٽ حاصل ڪيا. جنوري 1965ع ۾ ڀرڳڙي صاحب شھدادڪوٽ ۾ مادر ملت فاطمہ جناح جو پولنگ انچارج رهيو. جتان صدر ايوب خان 36 ۽ محترمہ فاطمه جناح 27 ووٽ حاصل ڪيا هئا .
ڀرڳڙي صاحب 1976ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي دعوت تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو. پوءِ سندس قابليت کي ڏسندي کيس ” ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻو افيئرس “ جو انچارج بڻائي وزيراعظم هائوس المرتضيٰ ۾ دفتر ٺھرائي ڏنو ويو، جتي شھرين جي مسئلن جي حل لاءِ گهڻيون ئي ڪوششون ڪيائين. 1977ع جي چونڊن ۾ کيس پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي شھدادڪوٽ مان سنڌ اسيمبليءَ جو بنا مقابلي ميمبر چونڊيو ويو. هو 1977ع ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ٿيو. جنرل ضياءُ الحق جي دور حڪومت ۾ پيپلز پارٽيءَ سان وفاداريءَ سبب پنج ڀيرا گرفتار ٿي جيل ويو. سال 1982ع ۾ پيپلز پارٽيءَ کي الوداع چئي جنرل ضياءُ الحق پاران قائم ڪيل ” مجلس شوريٰ “ جو ميمبر ٿيو. جون 1984ع ۾ کيس روينيو ۽ ثقافت جو صوبائي وزير مقرر ڪيو ويو. جون 1985ع جي غير جماعتي چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ ۾ اميدوار طور بيٺو ، پر سوڀ ماڻي نہ سگهيو. اهڙيءَ طرح 1995ع ۾ محترمہ بينظير ڀٽو جي وفاقي حڪومت ۾ اعزازي ڪنسلٽنٽ مقرر ڪيو ويو. ڀرڳڙي صاحب ” لاڙڪاڻي سٽيزن ڪلب “ جو1977ع کان 1982ع تائين لڳاتار پنج سال صدر رهيو، ان بعد 1982ع کان ڪلب جو سرپرست اعليٰ رهيو .
1960-1965ع تائين پنج سال سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر رهيو. هن لاڙڪاڻي مان هفتيوار ” انصاف “ اخبار جاري ڪئي. 22 آڪٽوبر 1949ع تي ٻن ڏينھن لاءِ منعقد ٿيندڙ ” آل سنڌ جميعت شعراءِ سنڌ ڪانفرنس “ جو جنرل سيڪريٽري بہ رهيو. هو 9 ، 10 اپريل 1955ع تي منعقد ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس جي استقباليہ ڪميٽيءَ جو چيئرمئن پڻ رهيو .
عبدالغفور ڀرڳڙي، قائد اعظم محمد علي جناح بابت هڪ تحقيقي ڪتاب ” ساٿ ڌڻي سرواڻ “ ( 1994ع ) لکيو آهي . جيڪو هندوستان جي مسلمانن جي حالت بابت تفصيل فراهم ڪري ٿو. سندس هڪ ڪتاب ” زندگيءَ جو سفر “ نالي سان شاهہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر پاران شايع ڪيو ويو، جنھن ۾ هن روميءَ، اقبال ۽ شاهہ لطيف جي ڪلام جو تقابلي جائزو ورتو آهي. هن 1983ع ۽ 1995ع ۾ اقوام متحدہ جي اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي. ڀرڳڙي صاحب انتھائي هوشيار، قانوني ماهر، قرب ۽ اخلاق جو نمونو ۽ قومي جذبي سان سرشار اڳواڻ رهيو آهي. هن لاڙڪاڻي شهر ۽ عوام جي ڀرپور نموني خدمت ڪئي. صاف سٿري سياست جو قائل رهيو ھئو. هن محترمہ بينظير ڀٽو جي خواهش تي شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي زندگيءَ تي هڪ ڪتاب “ Falcon of Pakistan ” پڻ لکيو .
عبدالماجد ڀرڳڙيءَ تي ھي ليک سندس ڪتاب جو ھڪ باب آھي، جيڪو ھتي رکيو پيو وڃي.