عبدالماجد جي ڪھاڻي، سندس والد جي زباني

(آخري حصو: ۽ زمان حال استمراري)

 

هن کي فنانس جي بجاءِ، جنھن ۾ کيس ڊگري بہ هئي ۽ تجربو بہ، خريداري کاتي يا پرچيز ڊپارٽمينٽ ۾ رکيائون جنھن جو ڊائريڪٽر عباس بروهي هو جيڪو اي ڪي بروهي ۽ علي احمد بروهي جو ننڍو ڀاءُ هو ۽ عبدالماجد سان اڳ جي واقفيت هئس. عبدالماجد ٻڌائيندو آهي تہ مسٽر بروهي کيس بيحد ڀائيندو ۽ قرب ۽ عزت سان پيش ايندو هو.
ڪجهہ مھينا اڳ عبدالماجد پنھنجي وڏي پٽ عبدالمصور کي اي ليول (A Level) جي تَعليم مُڪمل ڪرڻ کانپوءِ واڌاري تعليم لاءِ آمريڪا جي رياست ايريزونا جي شھر ٽوسان ۾ موڪلي ڏنو هو جتان هن پاڻ بہ ايم بي اي ڪئي ۽ جتي هاڻي عبدالماجد جو سوٽ عبدالجليل عرف زاهد بہ پنھنجي والدہ سان گڏ رهندو هو. عبدالمصور اتي ڪاليج ۾ بي بي اي لاءِ داخلا ورتي.
چند مھينا پي آئي اي ۾ ڪم ڪرڻ کانپوءِ عبدالماجد بہ مستقلًا آمريڪا نقل مڪاني جو فيصلو ڪيو. پنھنجي ڊائريڪٽر مسٽر بروهي سان ڳالهہ ڪڍيائين جنھن صلاح ڏنس تہ شروع ۾ چئن مھينن جي موڪل وٺ جيڪا پوءِ آمريڪا مان وڃي وڌرائجانءِ. عبدالماجد کي پنھنجي گهرواري جي علاج جي لاءِ جرمني بہ وڃڻو هو. پي آئي اي ۾ موڪل جي درخواست منظور ٿيس. هن فليٽ ڇڏي پنھنجو سامان وغيرہ پيڪ ڪري ڪنھن دوست جي گهر ۾ هڪ ڪمري ۾ رکرايو جتان پوءِ بعد ۾ اهو لاڙڪاڻي موڪلرايائين. پوءِ زال ۽ ٻارن کي ساڻ ڪري جرمني ويو جتي ڊاڪٽر ٽيسٽن ۽ علاج بعد چيس تہ هاڻي سندس گهرواري کي ٻيهر اچڻ جي ضرورت ڪانھي. عارضو شروع ٿئي پنج سال ٿي ويا هئا۽ تڪليف وري ڪانہ ٿي هئس. هنن شڪر ڪيو ۽ پوءِ آمريڪا روانا ٿي ويا.
هن جي موڪل منظور ٿي چڪي هئي ۽ وڃڻ جي تياري ئي هئس تہ محترمہ بينظير جي وزات عظمىٰ معزول ٿي. عبدالماجد آمريڪا ۾ هو جو موڪل پوري ٿيڻ تي نئين حڪومت سندس ڊيپوٽيشن رد ڪري کيس واپس انڪم ٽيڪس کاتي موڪليو. عبدالماجد پنھنجي موڪل (بنان پگهار جي يعني Leave Without Pay) پنجن سالن لاءِ پنھنجي محڪمي مان وڌرائي. 1995 ۾ موڪل جي مدي پوري ٿيڻ تي ڪجهہ ڏينھن لاءِ آيو ۽ وري ٽن سالن لاءِ موڪل جي درخواست ڏنائين جيڪا منظور ٿيس. حقيقت اها هئي تہ 1990 ۾ ئي هن جي مرضي استعيفا ڏيئي نوڪري کي هميشہ لاءِ خيرباد چوڻ جي هئي ۽ محض منھنجي ان ڳالهہ لاءِ اجازت نہ ڏيڻ جي ڪري هن مجبورًا موڪل جي درخواست ڏني جيڪا پئي وڌرايائين.
آمريڪا ۾ هي ٽوسان ويا جتي سندس سوٽ زاهد رهندو هو ۽ پٽ عبدالمصور پڙهندو هئس. هاڻي جڏهن آمريڪا ۾ مستقل قيام جي ارادي سان ويو تہ سوچيائين تہ اتي ٽوسان ۾ ئي رهي يا ڪنھن ٻئي هنڌ کي مستقل رهائش لاءِ منتخب ڪري. آمريڪا جي مختلف علائقن ۽ شھرن جي باري ۾ معلومات حاصل ڪري، فيصلو ڪيائين تہ آمريڪا جي شھر سياٽل ۾ رهائش اختيار ڪري. جيئن ٽوسان ڏکڻ اولھائين ڪنڊ ۾ ميڪسيڪو جي سرحد ويجهو هو تيئن سياٽل وري اتان ڏيڍ هزار ميل يا اڍائي هزار ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ملڪ جي اُتر اولھائين ڪنڊ ۾ ڪينيڊا جي سرحد ويجهو، پيسيفڪ اوشين تي واقع، ملڪ جي خوبصورت ترين شھرن مان هڪ هو. ڊسمبر 1990 ۾ عبدالماجد پنھنجن ٻارن سوڌو اتي سڪونت اختيار ڪئي جتي اڄ سوڌو هو ۽ سندس چار ئي ٻار رهن ٿا. شھر جي منظرڪشي ڪندي چوندو هو تہ بابا مري کي صاف سٿرو ڪري، ڏهوڻو ويھوڻو وڏو ڪري، آسمان سان ڳالھيون ڪندڙ وڻن ۽ برفپوش چوٽين سوڌو کڻي اچي سمنڊ جي ڪناري سجايو ۽ شھر کي ويهہ پنجويهہ مختلف ايراضين وارين خوبصورت ڍنڍن سان سينگاريو، تہ سياٽل بس ڪجهہ ايئن آهي. جڏهن پنج ورهيہ پوءِ، 1995 ۾، سياٽل وڃڻ ٿيو تہ احساس ٿيم تہ اها منظرڪشي بہ اصل سان انصاف ڪرڻ کان قاصر هئي.
سندس تعليم ۽ تجربي جي آڌار تي نوڪري بہ مليس ۽ ملڪ ۾ سڪونت اختيار ڪرڻ جي اجازت بہ. 1993 ۾ کيس سعودي عرب جي ڪمپنين جي هڪ وڏي مجموعي زينل گروپ آف ڪمپنيز طرفان چيف انٽرنل آڊٽر جي نوڪري جي آڇ ٿي جيڪا هن قبولي ۽ جولاءِ 1993 کان مارچ 1996 تائين هو، سندس رفيقہ حيات ۽ ٻہ ننڍا ٻار، عبدالباري ۽ عائشہ، ان سلسلي ۾ جدہ ۾ رهيا.
1995 ۾ هن پنھنجي ٻئي نمبر فرزند عبدالباسط جي شادي پنھنجي سنڍو عبدالاحد اچڪزئي جي دختر سان ڪئي جنھن سان ٻہ ورهيہ اڳ مڱڻو ڪرايو هئائون. انھيءَ موقعي تي ئي سندس وڏي فرزند عبدالمصور جو مڱڻو مير پرويز علي ٽالپر عرف مير راجا (مرحوم) جي وڏي ڌيءَ (جيڪا عبدالماجد جي ڀاڻيجي آهي) سان ڪرايائين.
آمريڪا ۾ واپس اچڻ کانپوءِ عبدالماجد کي ڪا مناسب يا جوڳي نوڪري ڪانہ ملي تنھنڪري سندس ٻنھي وڏن پٽن نوڪريون شروع ڪيون تہ جيئن ڪٽنب جي مالي گهرجن جو پورائو ٿي سگهي. عبدالمصور تڏهن 24 ۽ عبدالباسط 21 ورهين جو هو جڏهن ٻنھي ملازمت شروع ڪئي. ٻئي ان کان اڳ بہ پارٽ ٽائم نوڪريون وقتًا فوقتًا ڪندا رهندا هئا تہ جيئن گهر جي خرچن لاءِ جوڳو انتظام ٿي سگهي. عبدالماجد توڙي سندس گهرواري ۽ ٻارن کي اسان سان تمام گهڻي محبت ۽ لڳاءُ رهيو آهي. ماڻهو آمريڪا وڃي سالن جا سال ملڪ نہ ورندا آهن جو اچڻ وڃڻ جي ڪراين ۽ ڀاڙن کي منھن ڏين يا ڪا پنھنجي لاءِ بچت ڪن. پر عبدالماجد ۽ سندس زال کي قرار ئي نہ ايندو هو جيڪڏهن هو ۽ سندن ٻار هر سال اسان سان ملي نہ وڃن. انھن بجاءِ پيسا بچائڻ جي هر سال ٻارن سوڌو پاڪستان اچڻ، اسان سڀني سان ملي وڃڻ کي ترجيح ڏني. پر جتي سِڪون تہ لھنديون هيون، تہ ساڳـئي وقت مالي مشڪلات ۾ بہ اضافو ٿيندو هئن تہ بہ انھن پنھنجي تقريبًا هر ورهيہ اچڻ واري روايت قائم رکي.
1997 ۾ عبدالماجد جي والدہ سخت ناچاق ٿي پئي. خبر ٻڌائون تہ ٻئي زال مڙس هڪدم پهچي ويا. ٽڪيٽ لاءِ بروقت پيسا ڪونہ هئن. سياٽل ۾ رهندڙ هڪ دوست لياقت جماڻي کان پيسا اوڌارا ورتائون جيڪي ٻئي مھيني سندن پٽن ان مھربان کي واپس ورائي ڏنا ۽ ايئن هي ٻئي وقت سر پاڪستان پھتا. سندن پهچڻ کان ڏهن يارهن ڏينھن کان پوءِ سندس والدہ سندس هنج ۾ ئي ڄڻ دم ڏنو ۽ پنھنجي خالق حقيقي سان وڃي ملي. عبدالماجد ۽ سندس گهرواري کي بيحد صدمو رسيو. نرگس جي پنھنجي والدہ جو 1978 ۾ انتقال ٿي چڪو هو ۽ هو پنھنجي سس کي پنھنجي ماءُ جيان ڀائيندي هئي. چاليھي تائين هو ٻئي هتي لاڙڪاڻي رهيا ۽ پوءِ آمريڪا واپس وريا.
آگسٽ 1998 ۾ سندس موڪل پوري ٿي ۽ محڪمي طرفان زور ڀريو ويس تہ يا واپس اچ يا نوڪري ڇڏ. ان اٺن سالن جي عرصي دؤران کاتي ۾ سندس سڀ همعصر، بلڪِ هن کان جيڪي جونئير هئا سي بہ، پنھنجي وقت تي پروموشن حاصل ڪري 20 گريڊ جا آفيسر ٿي ويا هئا. موڪل تي رهڻ ڪري عبدالماجد جو پروموشن بہ نہ ٿي سگهيو هو. محڪمي وارن کيس نيپا (National Institute of Public Administration) ۾ ٽريننگ لاءِ جوائن ڪرڻ لاءِ چيو. 20 گريڊ ۾ پروموشن لاءِ اها ٽريننگ لازمي هوندي آهي. اچڻ جي تياري ئي ڪيائين پئي تہ کيس سندس ڀيڻيوئي مير راجا جي بيوقتي وفات جي خبر ملي. مير راجا جي ڌي سان سندس پٽ جو مڱڻو بہ ٿيل هو. آگسٽ 1998 ۾ عبدالماجد پاڪستان آيو ۽ نيپا ۾ ٽريننگ شروع ڪيائين.
نيپا ۾ سندس ملاقات سيد محمدفاروق احمد صاحب سان ٿي جيڪو ان اداري ۾ اسلاميات جو استاد هو. بظاهر اهو اتفاق هو پر لڳو ايئن پئي تہ قدرت سندس مرشد جي وصال کانپوءِ هڪ ٻئي بزرگ سان سندس ملاقات لاءِ اهو سامان ڪيو هو. سيد فاروق احمد ابوالعلائي سلسلي سان وابستہ هڪ صاحبدل بزرگ هو پر ان ڳالهہ جي سُڌ عبدالماجد کي سردست ڪانہ هئي. عبدالماجد چوندو آهي تہ پھرين ئي ڏينھن کان انھن بزرگن جي مٿانئس مھر جي نظر هئي جنھن جي نتيجي ۾ هن جو ساڻن محبت ۽ نيازمندي وارو سلسلو شروع ٿيو جيڪو 2009 تائين جاري رهيو جڏهن انھن وصال فرمايو.
2003 ڌاران فاروق صاحب عبدالماجد کي هڪ ننڍڙو ڪتابچو ڏنو ۽ چيائينس تہ هي هڪ بزرگ جي عربي ۾ لکيل مناجات ۽ ان جو اردو ۾ ڪيل ترجمون آهن جن کي تون انگريزي ۾ ترجمو ڪر. پنھنجي مھربان جي حڪم کي ٽارڻ ڏکيو لڳس پر چيائين تہ سائين مون کي تہ عربي جي ڄاڻ ڪانھي، پر توهان جو حڪم آهي تہ ڪوشش ڪندس. کولي ڏٺائين تہ حيران رهجي ويو تہ اها مناجات ٻئي ڪنھن جي نہ بلڪِ سندس ئي شيخ عيسىٰ نورالدين احمد جي مرشد شيخ احمد بن مصطفىٰ العلوي جي لکيل آهي. مناجات جي مصنف سان پنھنجي روحاني نسبت کي الاهي اشارو سمجهندي ان ڪم ڪرڻ جي بخوشي هامي ڀريائين. پھرين اردو مان انگريزي ۾ ترجمو ڪرڻ لڳو پر پوءِ ان مان مطمئن نہ ٿيندي، اردو ترجمي کي هڪ پاسي ڪري رکيائين ۽ سڌو عربي مان انگريزي ترجمو شروع ڪيائين. پنھنجي ان ڪوشش دؤران اردو ۾ ڪيل ترجمي، جيڪو خود هڪ بھترين ترجمو هو، مان ضرورت پٽاندر مدد ضرور ورتائين پر ترجمو اصل عربي جو ئي ڪيائين. اڄ سوڌو چوندو آهي تہ حيراني اٿم تہ عربي جي بيحد معمولي ڄاڻ هوندي بہ اهو ترجمو ڪيئن ڪيم. ڊسمبر 2005 ۾ اصل عربي متن انگريزي ترجمي سوڌو هڪ بيحد جاذب نظر ايڊيشن جي صورت ۾ پاڪستان مان ڇپرايائين. جن بہ اهو انگريزي ترجمون ڏٺو ۽ پڙهيو آهي، تن کي اهو بيحد وڻيو آهي ۽ تعريف ڪئي اٿائون. ان جي اشاعت جي لاءِ رقم سندن ٻارن ۽ گهرواري ڏني ۽ بجاءِ قيمتًا وڪرو ڪرڻ جي، ان کي دلچسپي رکندڙن ۾ مفت ورهايائين ۽ بعد ۾ ان جو تصحيح شدہ ٻيو ايڊيشن انٽرنيٽ تي بہ شايع ڪيائين. چوندو آهي تہ هن ڪاميابي ۾ سموري ڪرم فرمائي انھن بزرگن سڳورن جي آهي، جن مناجات لکي، جن جي وساطت ۽ نسبت جي ڪري اها وٽس پھتي ۽ جن کيس ان جي ترجمي لاءِ همٿايو ۽ مامور ڪيو.
نيپا ۾ ٽريننگ کانپوءِ عبدالماجد جي پوسٽنگ ڪراچي ۾ ٿي جتي ايڊيشنل ڪمشنر ڪري رکيائونس. 1999 ۾ پنھنجي رفيقہ حيات ۽ ننڍن ٻن ٻارن سوڌو ڪراچي ۾ رهڻ شروع ڪيائين. انڪم ٽيڪس کاتي ۾ جيڪي جونيئر آفيسر هن جا ماتحت ٿي رهيا هئا، هاڻي تن جي بہ گريڊ ويهين ۾ ترقي ٿي وئي هئي. جيتوڻيڪ عبدالماجد اهڙن آفيسرن جي ماتحتي ۾ ڪم نہ پئي ڪيو، تہ بہ کيس اهڙين حالتن ۾ ڪم ڪرڻ ۾ مزو ڪونہ پئي آيو. ڪجهہ عرصي بعد کيس سنڌ بلوچستان جي ريجنل ڪمشنر وٽ بطور معاون ايڊيشنل ڪمشنر هيڊڪوارٽر جا اهم فرائض سونپيائون جيڪي هن بيحد خوش اسلوبي سان سرانجام ڏنا. مسلسل موڪل تي رهڻ ڪري پروموشن لاءِ مقررہ مدي پوري ٿيڻ ۾ بہ اڃا ٻہ ٽي سال هئس. مون محسوس ڪيو تہ کيس انھن حالتن ۾ نوڪري ڪرڻ ۽ مٿان هتي رهائش جي خرچن کي منھن ڏيڻ لاءِ پنھنجن پٽن کان پيسا گهرائڻ وغيرہ هن لاءِ هڪ اڻوڻندڙ صورتحال پيدا ڪري ڇڏي هئي جنھن جي مدنظر مون چيومانس تہ هو جيئن مناسب سمجهي تيئن ڪري ۽ منھنجي طرفان هاڻي اهڙي ڪا جهل پل ڪانہ آهي تہ نوڪري نہ ڇڏي.
منھنجي طرفان اهڙي اجازت ملڻ جي دير هئي، عبدالماجد نوڪري تان استعيفا لکي موڪلي ۽ گڏ، جيستائين اها منظور ٿئي، موڪل جي درخواست بہ رواني ڪيائين ۽ ايئن 1999 جي آخر ۾ انڪم ٽيڪس کاتي سان پنھنجي واسطيداري ختم ڪيائين.
1999 ۾، پاڪستان ۾ رهائش دؤران پنھنجي وڏي فرزند عبدالمصور جي شادي بہ ڪرايائون جنھن جو مڱڻو 4 ورهيہ اڳ ٿيو هو. 2000 ۾ عبدالماجد ۽ نرگس واپس آمريڪا موٽي ويا ۽ پنھنجن ٻارن سان گڏ رهڻ لڳا. 1995 ۾ سندس فرزند عبدالباسط کي ڌيءُ ڄائي ۽ 1999 ۾ هڪ پٽ ڄائو ۽ 2000 ۾ عبدالمصور جي گهر هڪ ڌي ڄائي.
ايندڙ پنجن ورهين ۾ عبدالماجد پنھنجي ڌي عائشہ ۽ پنھنجي پٽ عبدالباري جون شاديون بہ 2003 ۽ 2005 ۾ ڪرائي ڇڏيون ۽ انھن فرضن کان بہ آجا ٿي ويا. سندن ٽيئي پٽ، نھر، پوٽا پوٽيون سمورو ڪٽنب بيحد خوشي ۽ خوشحالي واري مثالي زندگي گذاري رهيو هو. سندن ڌي عائشہ، جنھن جي شادي عبدالماجد جي سوٽ مسيح الله سان ٿي هئي، جيڪو منھنجي ننڍي ڀاءُ ڊاڪٽر امان الله جو ننڍي ۾ ننڍو فرزند هو، سي بہ ساڳـئي شھر رهندا هئا. مسيح الله، عبدالمصور ۽ عبدالباسط سان گڏ، ڪارن جي ڪمپني ٽويوٽا جي هڪ ڊيلرشپ ۾ بطور فنانس مينيجر ڪم ڪري رهيو هو. 2004 ۾ کين فرزند ڄائو جنھن جو نالو حُسين رکيائون. سڀني کي آمريڪي شھريت بہ ملي چڪي هئي.
2006 ۾ عبدالماجد کي سندس گهرواري چيو تہ هاڻي اسان الحمدلله سڀني فرضن کان آجا ٿي ويا آهيون، هل تہ ڪاڏي گھمي ڦري اچون. چيائينس تہ منھنجي دل آهي تہ ڪروز شپ يعني بحري آسائشي جھاز تي دنيا جو سير ڪيون. هي پروگرام طئي ڪري انگلينڊ ويا جتي عبدالماجد جي سؤٽ ڊاڪٽر افسانہ (ادا عنايت الله مرحوم جي ڌي) پنھنجي خاوند ڊاڪٽر عطاءُالله وقاصي سان گڏ رهندي هئي. هي قربائتا ۽ محبتي انسان آهن جن جي عبدالماجد ۽ نرگس ٻنھي سان دل رهي آهي. ٻہ ٽي ڏينھن وٽن رهي، هي طئي شدہ پروگرام مؤجب هڪ وڏي آسائشي بحري ٻيڙي تي، جيڪو سائز ۽ آسائش جي لحاظ کان هڪ شاندار 5 اسٽار هوٽل کان بہ وڌ هو، تنھن تي بالٽڪ سمنڊ ۽ ان جي ڪنارن تي واقع ملڪن جي ٻن هفتن جي سير ۽ سياحت لاءِ اُسريا. پولنڊ، ايسٽونيا، جرمني، فن لينڊ، رُوس،سُويڊن، ناروي، ڪوپن هيگن وغيرہ ڪيئي ملڪ انھن ٻن هفتن ۾ هُو گهميا. رات جو جھاز هلندو هو ۽ ڏينھن جو ڪنھن شھر وٽ لنگرانداز ٿيندو هو جيڪو هي گهمي ايندا هئا. ان سير مان هو بيحد لطف اندوز ٿيا. واپس انگلينڊ پھچي ٻہ هفتا کن اتي رهيا. اڳ ۾ بہ انگلينڊ ڪيئي ڀيرا وڃڻ ٿيو هون پر هميشہ لنڊن شھر ۾ ئي قيام رهندو هون. هن ڀيري سوچيائون تہ اندرون ملڪ ۽ ٻھراڙي، جنھن کي اتي ٻھراڙي نہ بلڪِ ڪنٽري سائيڊ چوندا آهن، تنھن جو سير ڪجي. گاڏي ڀاڙي تي ورتائون ۽ باٿ، ڪاٽس والڊ، اسٽون هينج، آڪسفورڊ، ڪيمبرج وغيرہ جو سير ڪري آيا. پوءِ پنھنجي ميزبانن سان گڏجي مشهور زمانہ ليڪ ڊسٽرڪٽ جو سير ڪيائون جيڪو انگلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ جي سرحد تي بيحد جاذب نظر قدرتي نظارن سان ڀرپور خطو آهي. اتان هي زال مڙس ٻئي اسڪاٽلينڊ جو تاريخي شھر ايڊنبرا گهمڻ ويا. ايئن مھيني سوا جو سير سفر ڪري هي واپس آمريڪا وريا.
قدرت جا کيڏ بہ پنھنجا آهن ۽ انھن جي رمز کان بہ هو واقف آهي. واپس وريا مس، ۽ ٻارن سان پنھنجي سير سپاٽي جو احوال ئي ڪيائون پئي، تہ نرگس هلڪي طبيعت جي ناسازيءَ جي شڪايت ڪئي ۽ ان لاءِ ڊاڪٽر کان چيڪ اپ ڪرائڻ وئي. ايڪويهہ ورهيہ اڳ، ڇاتي جي ڪينسر جي عارضي ۾ جڏهن مبتلا ٿي هئي تہ دعا گهري هئائين تہ اي پروردگار ايتري تہ مهلت ڏي جو هي جيڪا ڌيءَ عطا ڪئي اٿئي تنھن جون خوشيون تہ ڏسان. ڌيءَ وڏي بہ ٿي، شادي بہ ٿيس، الله تعالىٰ اولاد نرينہ جي نعمت سان بہ نوازيس ۽ هاڻي پنھنجي گهر ۾ پنھنجي ور سان خوشين واري زندگي گهاري رهي هئي. شايد مھلت جو مُدو پورو ٿي چڪو هو. ڊاڪٽرن ٽيسٽون ڪيون ۽ نرگس جي 56 سالگرہ ٿيڻ واري هئي جو عبدالماجد کي اها روح فرسا خبر ڏنائون تہ سندس رفيقہ حيات کي ڇاتي جو بيحد مھلڪ قسم جو ڪينسر آهي جنھن مان جانبر ٿيڻ جا امڪان تمام گهٽ آهن.
ان خبر عبدالماجد جي پرسڪون، خوشگوار، جنت سمان زندگي ۾ جهڙوڪہ ڀونچال آڻي ڇڏيو. هر ڪوشش، هر تدبير ڪيائون ۽ هڪ وقت اهڙو بہ آيو جو لڳو تہ سڀ صحيح ٿي ويو آهي. پر اهو ئي ڊاڪٽر جنھن جي علاج 21 ورهيہ اڳ کيس بظاهر نئين زندگي بخشي هئي، تنھنجون سڀ تدبيرون هن ڀيري ڄڻ ناڪام ويون. تقريبًا پوڻن ٻن سالن بعد، 25 اپريل 2008 تي، نرگس پنھنجي جاني مڙس کي الوداع چئي ملڪ عدم راهي ٿي. طبيعت جي ناسازي باعث هڪ ڏينھن اڳ اسپتال وٺي ويس، جتي ٻئي ڏينھن صبوح جو 9 لڳي 30 منٽن تي پنھنجي مجازي خدا جي هنج ۾ ئي هئي جو اکيون کوليائين. جنھن مڙس کي ساھ کان وڌيڪ ڀائيندي هئي، تنھن سان نگاهون جو اٽڪايائين تہ ڦيريائين مور ڪونہ، بس پيار ۽ بيوسي وچان ڏسندي ٻن چئن منٽن بعد اکيون آهستي آهستي کڻي ٻوٽيائين ۽ جان جان آفرين جي سپرد ڪيائين. ان مھل وٽس ماجد ۽ سندن چار ئي ٻار، عبدالمصور، عبدالباسط، عبدالباري ۽ عائشہ موجود هئا، ڪمري ۾ ٻيو ڪوئي بہ ڪونہ هو. اهي نيڻ جيڪي ماجد کي چاليھن ورهين تائين اٿاھ پيار سان ڏسندي پئي آيا سي هميشہ لاءِ ٻوٽجي ويا. انا لله و انا اليہ راجعون. ماجد چيو تہ قدرت جي ستم ظريفي تہ ڏسو: بھار جي مند ۾، سدابھار (Evergreen) نالي اسپتال ۾ منھنجي زندگي جون بھارون هميشہ لاءِ موڪلائي ويون ۽ هڪ طويل، ڪڏهن نہ کٽندڙ خزان شروع ٿي وئي.

مين چاهتا ٿا اسي روڪ رکون
ميري جان ڀي جائي تو جاني نہ دون
ڪيي لاک فريب ڪروڙ فسون
نہ رها، نہ رها، نہ رها، نہ رها

سن 2013 ۾ سائين عبدالغفور ڀرڳڙي صاحب جي آتم ڪٿا ڪتاب ”گذري جي ويا سي زمانا ياد پيا“ جي مھورت دوران ورتل تصوير

عبد الغفور ڀرڳڙي

(عبد الماجد ڀرڳڙيءَ جو والد)

عبدالغفور ڀرڳڙي ولد عبدالجليل ڀرڳڙي 1921ع ڌاري ڳوٺ غلام نبي ڀرڳڙي، تعلقي شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو . پاڻ هڪ قانوندان ، اديب ، دانشور ، سياسي، سماجي حوالي سان مشھور آهي . هن پرائمري تعليم ڳوٺ مان ؛ مئٽرڪ مدرسہ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان، بي اي چيلاسنگهہ اينڊ سيتلداس (سي اينڊ ايس) ڪاليج شڪارپور مان ايم اي فارسي ۽ ايل ايل بي 1946ع ڌاري علي ڳڙهہ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪري، جولاءِ 1947ع ۾ وڪالت جي سند حاصل ڪيائين. هن شاگرديءَ جي زماني ۾ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي پليٽ فارم تان تمام گهڻي سرگرميءَ سان حصو ورتو. شڪارپور جي سي اين ايس ڪاليج ۾ بہ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي شاخ قائم ڪري تحريڪ پاڪستان جي جدوجھد ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين .
عبدالغفور ڀرڳڙيءَ جو سياسي لحاظ کان مشهور سياستدان قاضي فضل الله سان واسطو رهيو هو. 1946ع ۾ ڏوڪري تڪ جي صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي مقابلي ۾ قاضي فضل الله جي اليڪشن جو انچارج ڀرڳڙي صاحب رهيو. ضلعي سياست ۾ هن ” ميونسپل اصلاح جماعت “ ٺاهي، پوءِ ساڳئي پليٽ فارم تان ڊسمبر 1952ع ۾ قاضي فضل الله گروپ هيٺ چونڊ کٽيائين ۽ 26 جنوري 1953ع تي کيس ميونسپالٽي لاڙڪاڻي جو صدر چونڊيو ويو، 1955ع تائين تدبر سان انتظام هلايائين، بعد ۾ خانبهادر کھڙي هن اداري کي معطل ڪيو، پر وري 1956ع کان آڪٽوبر 1957ع تائين ٻيھر چيئرمئن مقرر ٿيو. هن لاڙڪاڻي شهر جا روڊ ۽ رستا پڪا ڪرايا. ڀرڳڙي صاحب لاڙڪاڻي ۾ 9 جنوري 1958ع تي ’غلام محمد ٽائون هال ‘ جو بنياد رکيو، جنھن جو افتتاح 23 مئي 1958ع تي تڏهوڪي وزيراعظم ملڪ فيروزالدين نون ڪيو .
1954ع ۾ ون يونٽ ٺھڻ کان پوءِ ڀرڳري صاحب ون يونٽ خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ ڀرپور حصو وٺندي لاڙڪاڻي ۽ خيرپور ڊويزن ۾ ٿيندڙ جلسن ۾ شريڪ رهيو. هو 1962ع ۾ بي ڊي اليڪشن معرفت ويسٽ پاڪستان اسيمبليءَ جي چونڊ ۾ شھدادڪوٽ مان سيف الله مگسيءَ جي مقابلي ۾ اميدوار بيٺو، سرڪاري اميدوار 125، جڏهن تہ هن 90 ووٽ حاصل ڪيا. جنوري 1965ع ۾ ڀرڳڙي صاحب شھدادڪوٽ ۾ مادر ملت فاطمہ جناح جو پولنگ انچارج رهيو. جتان صدر ايوب خان 36 ۽ محترمہ فاطمه جناح 27 ووٽ حاصل ڪيا هئا .
ڀرڳڙي صاحب 1976ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي دعوت تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو. پوءِ سندس قابليت کي ڏسندي کيس ” ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻو افيئرس “ جو انچارج بڻائي وزيراعظم هائوس المرتضيٰ ۾ دفتر ٺھرائي ڏنو ويو، جتي شھرين جي مسئلن جي حل لاءِ گهڻيون ئي ڪوششون ڪيائين. 1977ع جي چونڊن ۾ کيس پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي شھدادڪوٽ مان سنڌ اسيمبليءَ جو بنا مقابلي ميمبر چونڊيو ويو. هو 1977ع ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ٿيو. جنرل ضياءُ الحق جي دور حڪومت ۾ پيپلز پارٽيءَ سان وفاداريءَ سبب پنج ڀيرا گرفتار ٿي جيل ويو. سال 1982ع ۾ پيپلز پارٽيءَ کي الوداع چئي جنرل ضياءُ الحق پاران قائم ڪيل ” مجلس شوريٰ “ جو ميمبر ٿيو. جون 1984ع ۾ کيس روينيو ۽ ثقافت جو صوبائي وزير مقرر ڪيو ويو. جون 1985ع جي غير جماعتي چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ ۾ اميدوار طور بيٺو ، پر سوڀ ماڻي نہ سگهيو. اهڙيءَ طرح 1995ع ۾ محترمہ بينظير ڀٽو جي وفاقي حڪومت ۾ اعزازي ڪنسلٽنٽ مقرر ڪيو ويو. ڀرڳڙي صاحب ” لاڙڪاڻي سٽيزن ڪلب “ جو1977ع کان 1982ع تائين لڳاتار پنج سال صدر رهيو، ان بعد 1982ع کان ڪلب جو سرپرست اعليٰ رهيو .
1960-1965ع تائين پنج سال سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر رهيو. هن لاڙڪاڻي مان هفتيوار ” انصاف “ اخبار جاري ڪئي. 22 آڪٽوبر 1949ع تي ٻن ڏينھن لاءِ منعقد ٿيندڙ ” آل سنڌ جميعت شعراءِ سنڌ ڪانفرنس “ جو جنرل سيڪريٽري بہ رهيو. هو 9 ، 10 اپريل 1955ع تي منعقد ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس جي استقباليہ ڪميٽيءَ جو چيئرمئن پڻ رهيو .
عبدالغفور ڀرڳڙي، قائد اعظم محمد علي جناح بابت هڪ تحقيقي ڪتاب ” ساٿ ڌڻي سرواڻ “ ( 1994ع ) لکيو آهي . جيڪو هندوستان جي مسلمانن جي حالت بابت تفصيل فراهم ڪري ٿو. سندس هڪ ڪتاب ” زندگيءَ جو سفر “ نالي سان شاهہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر پاران شايع ڪيو ويو، جنھن ۾ هن روميءَ، اقبال ۽ شاهہ لطيف جي ڪلام جو تقابلي جائزو ورتو آهي. هن 1983ع ۽ 1995ع ۾ اقوام متحدہ جي اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي. ڀرڳڙي صاحب انتھائي هوشيار، قانوني ماهر، قرب ۽ اخلاق جو نمونو ۽ قومي جذبي سان سرشار اڳواڻ رهيو آهي. هن لاڙڪاڻي شهر ۽ عوام جي ڀرپور نموني خدمت ڪئي. صاف سٿري سياست جو قائل رهيو ھئو. هن محترمہ بينظير ڀٽو جي خواهش تي شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي زندگيءَ تي هڪ ڪتاب “ Falcon of Pakistan ”  پڻ لکيو .

عبدالماجد ڀرڳڙيءَ تي ھي ليک سندس ڪتاب جو ھڪ باب آھي، جيڪو ھتي رکيو پيو وڃي.