عبدالماجد جي ڪھاڻي، سندس والد جي زباني
(حصو ٽيون: آمريڪا، سڀاويڪ سفر)
ڪراچي ۾ رهائش دؤران هڪ ڀيري سندن غيرموجودگي ۾ شام جي وقت ڪجهہ هٿيار بند ماڻهن سندس رهائش تي ڌاڙو هنيو ۽ ٽي وي، وي سي آر وغيرہ کڻي ويا. مالي طرح تہ گهڻو نقصان ڪونہ ٿيو پر اهو واقعو هن لاءِ ذهني ڪوفت جو سبب بڻيو. انڪم ٽيڪس جي نوڪري ۾ بہ کيس يڪسانيت جو احساس ٿيڻ لڳو ۽ هن فيصلو ڪيو تہ ڪجهہ واڌاري پروفيشنل تعليم حاصل ڪري. هن آمريڪا وڃي ايم بي اي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان مقصد خاطر خصوصي داخلا وارا امتحان ڏيڻ شروع ڪيائين ۽ آمريڪا ۾ مختلف يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ بہ درخواستون موڪليائين. کيس يونيورسٽي آف سدرن ڪيليفورنيا (University of Southern California) لاس اينجلز ۾ داخلا جي آڇ آئي ۽ هن پنھنجي محڪمي کي ان مقصد لاءِ ٽن سالن جي موڪل لاءِ درخواست ڏني. موڪل منظور ٿيڻ تي هن مارچ 1983 ۾ پنھنجي گهرواري ۽ ٽن پٽن سميت آمريڪا ڏانھن سفر جو سانباهو ڪيو. ڪراچي مان هو سعودي عرب ويا جتي سندس گهرواري جي ننڍي ڀيڻ ۽ سندس مڙس رهندا هئا. عُمرو ڪري هي اڳتي روانا ٿيا ۽ آمريڪا جي شھر لاس اينجلز وڃي اسريا.
لاس اينجلز ۾ پھچي عبدالماجد يونيورسٽي جو واءُ سواءُ ورتو. يونيورسٽي جو ڪيمپس وچ شھر ۾ لاس اينجلز ڊائون ٽائون جي ويجهو هو. هو يونيورسٽي جي ڪيمپس مان خاص مرعوب ڪونہ ٿيو. ڪورس شروع ٿيڻ ۾ اڃا ڪجهہ مھينا هئا ۽ هن لاس اينجلز ۾ هڪ فليٽ مسواڙ تي وٺي اتي رهڻ شروع ڪيو ۽ ٻن وڏن پٽن کي اسڪول ۾ داخل ڪرايائين جن جون عُمرون ان وقت بالترتيب 11 ورهيہ ۽ 8 ورهيہ هيون.
اتفاق سانگي هڪ دوست سان گڏجي ايريزونا رياست جي شھر ٽوسان (Tucson) وڃڻ ٿيس جتي هي اتان جي مشھور درسگاه يونيورسٽي آف ايريزونا (University of Arizona) جو ڪيمپس ڏسڻ ويو. يونيورسٽي ۽ ان جو ماحول دل کي وڻيس ۽ لاس اينجلز جي ڀيٽ ۾ ٽوسان جو نسبتًا ننڍو شھر بہ پسند آيس جيڪو وڏن شھرن جي ٽريفڪ واري رش ۽ آلودگي کان بہ پاڪ هو. بيٺي بيٺي هن داخلا جي درخواست ورتي ۽ مڪمل ڪري اتي ڏيئي آيو. واپس لاس اينجلز آيو تہ ٿوري ئي عرصي ۾ يونيورسٽي آف ايريزونا مان خط آيس تہ ايم بي اي پروگرام ۾ داخلا لاءِ سندس ڏنل درخواست منظور ڪئي وئي آهي ۽ نہ رُڳو اهو بلڪِ کيس اسڪالرشپ بہ ڏني وئي آهي جيڪا، جي سندس امتحان ۾ ڪارڪردگي صحيح رهي، تہ ايندڙ سالن ۾ بہ جاري رهندي. عبدالماجد لاس اينجلز ڇڏي ٽوسان هليو آيو ۽ آگسٽ 1983 ۾ پنھنجي اعلىٰ تعليم جي ابتدا ڪيائين. يونيورسٽي آف ايريزونا پبلڪ يونيورسٽي هئي جنھن عبدالماجد کي اسڪالرشپ آڇيندي رياست جي باشندن واري رعايتي في مقرر ڪئي هئي جنھن جي نتيجي ۾ تقريبًا 10,000 ڊالرن جي ساليانہ بچت ٿيس. اها رعايت جيترو عرصو يونيورسٽي ۾ رهيو کيس ملندي رهي جيئن تہ سندس پڙهائي جي ڪارڪردگي سمورو عرصو اعلىٰ رهي ۽ هو تقريبًا سڀ امتحان ٽاپ يعني اي (A) گريڊ ۾ پاس ڪندو رهيو. اتي ئي پھريون ڀيرو سندس واسطو ڪمپيوٽر ۽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي سان پيو ۽ ان متعلق کيس بنيادي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو.
1985 ۾ عبدالماجد جي زندگي ۾ هڪ خوشي آئي پر ان کان هڪدم بعد هڪ الميي سان دوچار ٿيڻو پيس. فبروري 1985 ۾ کين آخري اولاد، سندن ڌي عائشہ، اتي ٽوسان ۾ پيدا ٿي. ٻئي زال مڙس ڏاڍا خوش هئا تہ ٽن پٽن کانپوءِ هڪ ڌيءَ جي پيدايش سان سندن ڪٽنب ڄڻڪ مڪمل ٿي ويو هجي. اهو عبدالماجد جو تقريبًا آخري سيمسٽر هو جو ان کان پوءِ صرف هڪڙو مضمون رهيل هئس جنھن لاءِ ارادو هوس تہ اونھاري واري ڪنھن سيميسٽر، جيڪي هڪ مھيني جا ٿيندا هئا، تنھن ۾ کڻي ايم بي اي جو ڪورس مڪمل ڪري وٺندو.
زندگي ۾ خوشي ۽ غم هڪ ٻئي جي پويان ڏينھن ۽ رات وانگر پيا ايندا ويندا آهن. اڃا نوزائيدہ ڌيءُ جي پيدايش جي خوشين مان ڍاپيا ئي ڪونہ هئا تہ مٿن اها خبر هڪ وڄ بڻجي ڪري تہ نرگس کي ڇاتي جي ڪينسر جو هڪ بيحد خطرناڪ قسم لاحق آهي. نرگس چيو تہ اي منھنجا الله دعائون تہ ٻڌئي ۽ ڌيءُ بہ ڏنئي پر ايترو وقت بہ تہ ڏئين ها جو ان جون خوشيون ڏسان! هڪ آپريشن ٿي، ٻي ٿي، ٽين ٿي. ڊاڪٽرن چيو تہ هي ڇاتي جي ڪينسر جو هڪ مھلڪ قسم آهي ۽ ان لاءِ ڪم از ڪم هڪ ورهيہ تائين ڪيمو ٿيريپي ڪرڻي پوندي. ميڊيڪل انشورنس هون تنھنڪري مالي لحاظ کان تہ ڪا مشڪل ڪانہ هئي، پر ذهني لحاظ کان صورتحال نسورو عذاب هئي. عبدالماجد جيئن تيئن ڪري پنھنجو سيميسٽر پورو ڪيو ۽ آخري رهيل ڪورس لاءِ استاد اجازت ڏنس تہ هو هڪ ريسرچ پيپر لکي ڏئي جنھن لاءِ يونيورسٽي اچڻ يا ڪلاس جي ڪا ضرورت ڪانھي.
ان واقعي عبدالماجد توڙي نرگس جي زندگي کي هر لحاظ کان جنجهوڙي رکيو ۽ کين پنھنجي پوري گذريل زندگي تي نظرثاني ڪندي آئيندي متعلق زندگي جا نوان رخ متعين ڪرڻ تي مجبور ڪيو. سڀ کان اول تہ ان مھلڪ بيماري سان منھن ڏيڻو هون. عبدالماجد ان مرض متعلق هر قسم جي معلومات حاصل ڪرڻ شروع ڪئي جنھن کان پوءِ ان نتيجي تي رسيو تہ ڪيموٿيريپي خاطر خواه علاج ڪونھي. هڪ تہ اها انھن سببن کي، جن جي ڪري جسم ۾ ڪينسر جو مرض پيدا ٿئي ٿو، تن کي جسم مان ڪانہ ٿي ڪڍي ۽ ٻيو تہ جيڪڏهن ڪيموٿيريپي (Chemotherapy) هڪ صحتمند انسان کي ڏني وڃي تہ اها مڃيل حقيقت آهي تہ اهڙي انسان کي خود ڪينسر لاحق ٿيڻ جا امڪان وڌي وڃن ٿا. ڪافي غور و خوض ۽ تحقيق بعد هن فيصلو ڪيو تہ نرگس کي جرمني وٺي وڃي اتان جي هڪ مشھور ڪينسر اسپيشلسٽ ڊاڪٽر جوزف ازيلس کان علاج ڪرائيس. نرگس کي پنھنجو رايو ٻڌايائين جنھن کي پنھنجي مڙس جي محبت ۽ سمجهداري تي ايمان جي حد تائين يقين هو تنھنڪري هامي ڀريندي ويرم ڪانہ ڪيائين.
مسئلا ڪيئي هئن. سڀ کان وڏي ڳالھہ تہ آمريڪي ميڊيڪل انشورنس آمريڪا ۾ مروج طريقہ علاج لاءِ تہ خرچ ڀرڻ لاءِ ٻڌل هو پر جرمني ۾ متبادل طريقه علاج لاءِ هڪ پيسو ڏيڻ لاءِ بہ تيار ڪونہ هو. معنىٰ تہ سفر، رهائش ۽ معالجي جو سمورو خرچ پاڻ کي ڀرڻو هون. عبدالماجد 1984 ۾ پنھنجن ٻن ننڍن ڀائرن عبدالصمد ۽ عبدالغفار کي بہ آمريڪا گهرايو هو تہ گهمي بہ وڃن ۽ جي ممڪن هجي تہ اتي تعليم بہ حاصل ڪن. سندن عُمر بالترتيب 20 ۽ 19 سال هئي ۽ اهي ٻئي بہ عبدالماجد وارن وٽ رهندا هئا. انھن کي، ٻارن کي ۽ خصوصًا نوزائيدہ ڌيءَ کي ڪٿي ۽ ڪنھنجي سنڀال ۾ ڇڏي وڃن؟ جرمني جي ويزا جو حصول اڃا هڪ ٻيو مسئلو هو.
ادا وڏي جو پٽ عبدالجليل عرف زاهد جيڪو آمريڪا ۾ رهندو هو سو پاڪستان آيل هو ۽ واپس آمريڪا ورڻ وارو هو. عبدالماجد فون ڪري چيو تہ سندس والدہ کي ان سان گڏ موڪلي ڏيو. مون انھن حالتن پيش نظر پنھنجي گهرواري کي آمريڪا موڪلي ڏنو. زاهد بہ ٽوسان منتقل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هو بہ عبدالماجد سان گڏ رهڻ لڳو. عبدالماجد جرمني ۾ ڊاڪٽر سان فون تي مشاورت ڪري، جرمني وڃڻ جي پروگرام کي عملي شڪل ڏيڻ لڳو ۽ ويزا لاءِ لاس اينجلز وڃي درخواست ڏنائين. پھرين تہ جرمن قونصليٽ وارا ويزا ڏيڻ ۾ ڪيٻائڻ لڳا پر ويزا آفيسر، جنھن جي پنھنجي والدہ ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا رهي هئي، تنھن سندن حالات کان متاثر ٿيندي ويزا ڏيئي ڇڏين. عبدالماجد پنھنجن ٽنھي پٽن کي ان دؤران اڳ ۾ ئي پاڪستان موڪلي ڏنو. والدہ جي آمريڪا پھچڻ بعد ٻئي زال مڙس جرمني ويا جتي علاج جي سلسلي ۾ ٻہ اڍائي مھينا رهڻو پين.
ڊاڪٽر ازيلس، جنھن کي ڪينسر جي آخري اسٽيج وارن هزارن مريضن جي علاج ڪرڻ جو تجربو هو ۽ جنھن ۾ هو بيحد ڪامياب بہ هو، تنھنجو نظريو اهو هو تہ ڪينسر هڪ مقامي مرض نہ بلڪِ جسماني عارضو آهي. جيڪڏهن ڪينسر جون ظاهري علامتون، جهڙوڪ ڳوڙهيون Tumor آپريشن ذريعي جسم مان ڪٽي ڌار ڪجن، يا ريڊيو ٿيريپي ذريعي انھن کي ساڙي ناس ڪجي يا ڪيموٿيريپي ذريعي اهڙن گهريتڙن يعني Cells کي ختم ڪجي تہ بہ اهي اسباب جن جي ڪري جسم ۾ سرطان جا گهريتڙا ٺهن ٿا سي پنھنجي جاءِ تي موجود رهن ٿا ۽ ڪجهہ عرصي بعد ٻيھر يا ٻئي هنڌ ڪينسر جي علامت نمودار ٿئي ٿي. هن جو چوڻ هو تہ سائنس جي تحقيق موجب ڪينسر جا گهريتڙا هر انسان جي جسم ۾ پيدا ٿيندا رهندا آهن ۽ اهو هڪڙو فطري عمل آهي پر جسم ۾ هڪ مدافعتي قوت هوندي آهي جيڪا باقاعدہ ۽ منظم طريقي سان اهڙن گهريتڙن جي نشاندهي ڪري انھن کي وقت سر ختم ڪري وڌڻ کان روڪيندي آهي. پر ڪن سببن ڪري هر ڪينسر جي مريض ۾ اهڙي مدافعتي قوت بيحد گهٽ هوندي آهي. ان ڪري ڪينسر جو ڪو بہ طريقه علاج تيستائين ڪامياب نہ ٿو ٿي سگهي جيستائين جسم جي مدافعتي قوت کي ان جي مناسب فطري سطح تي آڻڻ جي ڪوشش اهڙي طريقه علاج جو حصو نہ هجي. هو هڪ خداترس، هڏ ڏوکي، ٻئي جو درد محسوس ڪندڙ ۽ بيحد ذهين ڊاڪٽر هو. پر بِالآخر ڊاڪٽر، طبيب، ويڄ، دوائون، سُتيون ۽ ڦَڪيون سڀ بھانا آهن. آهي سڄي ڳالھہ آهي الاهي امر جي. بقول شاه سائين،
ڦَڪيون تڏهن فرق ڪن، جڏهن امر ٿئي ان کي.
الله سندن دعائون سڻيون ۽ نرگس کي شفا نصيب ٿي. هي جرمني مان موٽي آمريڪا آيا. ڊاڪٽر علاج جاري رکڻ لاءِ دوائون ساڻ ڏنن ڇو جو تن جو حصول آمريڪا ۾ ممڪن ڪونہ هو. ڇھن مھينن کانپوءِ وري اچڻ لاءِ چَين جنھن کان پوءِ سال ۾ هڪ ڀيرو ٻن کان چئن هفتن لاءِ فالو اپ ٽريٽمينٽ لاءِ اچڻو پوندن. 1985 جي سرءُ واري مند ۾ عبدالماجد اڳ ۾ پنھنجي والدہ، نرگس ۽ ڌي عائشہ کي پاڪستان موڪلي ڏنو. سندس ڀائرن بہ آمريڪا ۾ وڌيڪ رهڻ جي هام ڪانہ ڀري ۽ مھيني کن ۾ هي سڀ بہ پاڪستان موٽي آيا.
هاڻي عبدالماجد جي زندگي جون ترجيحات ڄڻڪ بدلجي چڪيون هيون. خبر پيس تہ اهو بزرگ جنھن جو لکيل ڪتاب تيرنھن ورهيہ اڳ اڪيڊمي ۾ پڙهيو هئائين ۽ جنھن جا ان کان پوءِ ڪيئي ٻيا ڪتاب بہ مختلف هنڌان هٿ ڪري پڙهيا هئائين سو دراصل شاذليہ طريقي سان واسطو رکندڙ هڪ صوفي بزرگ هو. خبر اها هئس تہ اهو بزرگ سئزرلينڊ ۾ رهندو آهي پر ڪٿي، ڪھڙي شھر ۾ رهندو هو، يا ڇا اتو پتو هوس تنھن جي ڪا ڄاڻ ڪانہ هئس. هن جي ذهن ۾ اهي ازلي سوال ڦري رهيا هئا جن جو جواب ڪتابن ۾ يا لفظن ۾ ڪنھن وٽ بہ ڪونہ هو، ۽ نہ ئي ٿي سگهيو پئي. ۽ نہ ئي وري انھن سوالن کان ڇوٽڪاري جي ٻي ڪا واه سندس نگاه ۾ هئي سواءِ ان جي تہ ڪنھن صاحب دِل بزرگ جو دامن وڃي جهلي ۽ ان جي صحبت مان فيض پرائي. ٻين لفظن ۾ ايئن کڻي چئجي تہ کيس هڪ مرشد هادي جي تلاش هئي جيڪو کيس زندگي جو رستو ڏيکاري. سندس خوشقسمتي اها هئي هن سموري سفر ۾، راه سلوڪ ۾، سندس رفيقہ حيات نرگس هن سان هر ويل ۽ هر گهڙي پنھنجي پوري وجود سان گڏ هئي.
اهي انٽرنيٽ ۽ ورلڊ وائيڊ ويب ۽ گوگل سرچ کان اڳ وارا ڏينھن هئا. ٻيو نہ سُجهيس تہ هڪ خط لکي برطانيہ جي ان رسالي جي معرفت موڪلي ڏنائين جنھن ۾ شيخ عيسىٰ نورالدين احمد جا ليک وقتًا فوقتًا پيا ڇپبا هئا. انھيءَ خط ذريعي بزرگن سان پنھنجي دل جو حال اوري پنھنجي خواهش جو اظهار ڪندي عرضداشت سندن خدمت ۾ پيش ڪيائين. 1986 ۾ ان خط جو جواب کيس ڊاڪٽر مارٽن لِنگز Martin Lings موڪليو جيڪو شيخ جي مکيہ مريدن ۽ خليفن مان هڪ هو ۽ انگلينڊ ۾ رهندو هو. ڊاڪٽر مارٽن لِنگز جو اسلامي نالو ابوبڪر سراج الدين هو ۽ انگريزي ۾ نبي پاڪ ﷺ جي سيرت تي لکيل مشهور زمانہ ڪتاب محمد ﷺ (Muhammad: His Life Based On Earliest Resources) جو مصنف هو. سندس موڪليل خط مان عبدالماجد کي خبر پئي تہ شيخ عيسىٰ نورالدين احمد جي هاڻي آمريڪا جي رياست انڊيانا جي هڪڙي ننڍڙي شهر بلومنگٽن ۾ مستقل سڪونت هئي. سِدي ابوبڪر کيس سلسلي سان وابستہ فقير محمد سُهيل عُمر سان رابطي ۾ اچڻ لاءِ چيو جيڪو لاهور ۾ اقبال اڪيڊمي ۾ آفيسر هو. محمد سهيل عُمر هاڻي اقبال اڪيڊمي جو ڊائريڪٽر آهي.
ايئن عبدالماجد جو روحاني سفر شروع ٿيو جيڪو اڄ بہ جاري آهي. 1986 ۾ جڏهن سھيل عُمر صاحب جو ڪراچي اچڻ ٿيو تہ سندن ملاقات ٿي. 1986 جي سياري ۾ جڏهن علاج لاءِ جرمني ويا تہ اتان پوءِ ٻئي زال مڙس لنڊن ويا جتي سندن ملاقات سِدي ابوبڪر سان ٿي. عام طرح سِدي ابوبڪرطريقي يا سلسلي ۾ بيعت ڪرڻ جو مجاز هو پر جيئن تہ عبدالماجد وارن جو ارادو آمريڪا وڃي شيخ عيسىٰ نورالدين احمد سان ملڻ جو هو، تنھنڪري سِدي ابوبڪر چَين تہ شيخ پاڻ توهانکي بيعت ڪري سلسلي ۾ شامل ڪندو. تنھن کان پوءِ هي ٻئي آمريڪا ويا. اها 1987 جي شروعات جي ڳالھہ آهي. اتي سندن ملاقات شيخ عيسىٰ سان ٿي جن ڪمال شفقت سان پيش ايندي کين سلسلي ۾ بيعت ڪري تعليم ڏني. ڪجهہ ڏينھن بلومنگٽن ۾ رهي پوءِ هي ٽوسان ويا جتي سندن يونيورسٽي وارن ڏينھن جا دوست هئا ۽ پوءِ هي پاڪستان واپس وريا.
عبدالماجد ۽ سندس گهرواريءَ جون ملاقاتون پوءِ بہ پنھنجي مُرشد سڳوري سان ٿينديون رهيون ۽ سِدي ابوبڪر سان بہ. سِدي ابو بڪر ٻہ ڀيرا سندن گهر ڪراچي بہ آيو هو. 1998 ۾ شيخ عيسىٰ نورالدينؒ جو وصال ٿيو. عبدالماجد پنھنجي شيخ جو هن دنيا ۾ آخري سلام ڀرڻ لاءِ سياٽل مان، جتي هو ان وقت رهندو هو، بلومنگٽن ويو. چيائين تہ “جيئن تہ شيخ جا مريد دنيا جي مختلف حصن مان اچڻا هئا، سندس جسد خاڪي جي تدفين ٽئين يا چوٿين ڏينھن تي ٿي. مَئي جو مهينو هو ۽ بلومنگٽن ۾ موسم معتدل هئي. هڪ ڪمري ۾ سندن جسد مبارڪ ڪفن ۾ لپٽيل پيو هو ۽ جڏهن اسان پھتاسي تہ چھرو مبارڪ کليل هو ۽ گلاب جي گل وانگر ٽڙيل هو. ايئن پئي لڳو تہ ڄڻ هاڻي هاڻي ستا آهن. جڏهن تدفين جو وقت آيو تہ اسان سڀني کي چيائون تہ هاڻي توهان ٻاهر هلو. ٻاهر نڪرڻ مھل مان ڄاڻي واڻي پوئتي ٿي ويس ۽ سڀني کان آخر ۾ ڪمري مان نڪتس. نڪرڻ مھل مون الوداع واري انداز ۾ ڪفن ۾ لپيٽيل شيخ جي جسد مبارڪ جي پيرن کي چمي ڏني ۽ جيئن چُمي ڏيڻ لاءِ پيرن ۾ هٿ وڌم تہ اهي ايئن نرم ۽ ڪُونئرا هئا جيئن هڪ جيئري جاڳندي انسان جا هوندا آهن ورنہ عام طور تي چند ڪلاڪن اندر جسم اڪڙجڻ ۽ سخت ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي جنھن کي انگريزي طب جي زبان ۾ رِگر مارٽِس Rigor Mortis چوندا آھن.”
1986 مارچ ۾، موڪل جي پوري ٿيڻ تي عبدالماجد ڪراچي ۾ وڃي نوڪري تي چڙهيو. ان دؤران سندس پروموشن 19 گريڊ ۾ بطور انسپيڪٽنگ يا ايڊيشنل ڪمشنر ٿي چڪو هو. هن هڪ سٺي آمريڪي يونيورسٽيءَ مان تمام سٺي گريڊ ۾ ايم بي اي پاس ڪئي هئي جنھن ۾ ماليات يعني فنانس ۾ اسپيشلائيزيشن ڪئي هئائين. گڏوگڏ انڪم ٽيڪس جي ڪم جو بہ ڪافي تجربو هوس. هن کي اميد هئي تہ سندس تعليم، تجربي ۽ قابليت جي آڌار تي ڪنھن سرڪاري مالياتي اداري Financial Corporation وغيرہ ۾ ڊيپوٽيشن تي نوڪري ملي ويندي. سرڪاري ملازمت ۾ تہ پگهار جو حال پورو سارو هو، سوچيائين تہ ڪارپوريشن ۾ پگهار ۽ الائونس وغيرہ بہ چڱا ملي ويندم ۽ گذارو ٿي ويندو. ٽيئي پٽ بہ هاڻي اسڪول پئي ويا ۽ خرچ بہ ڪافي هئا. ٻن هنڌن تي ڊيپوٽيشن جو امڪان بہ نڪتو، رائيس ڪارپوريشن آف پاڪستان ۾ ۽ نيشنل انويسٽمينٽ ٽرسٽ ۾ بہ جنھن جو تنھن وقت سربراه منھنجو پراڻو دوست سيد مظفر احمد اشرف هو. پر ٻنھي هنڌن، ادارن جي سفارش کي نظرانداز ڪندي، گهڻو گهٽ اهليت پر مظبوط سفارش رکندڙ آفيسرن کي هن مٿان ترجيح ڏني وئي. مسٽر اشرف، اداري جو سربراھ هوندي ۽ عبدالماجد جي صلاحيتن جو واقف ۽ معترف هوندي بہ بيوسي مان ڏسندو رهجي ويو ۽ ڪجهہ بہ ڪري نہ سگهيو.
عبدالماجد پنھنجي مالي حالت کي سھارو ڏيڻ لاءِ مختلف طريقا سوچڻ لڳو. هن هڪ سال لاءِ وري موڪل ورتي تہ ڪو پنھنجو ڪم ڌنڌو شروع ڪري. سندس هڪ دوست فدا حسين، جنھن سان هن جي ملاقات ٽوسان ۾ پڙهائي دؤران ٿي هئي، سو آمريڪا ڇڏي پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ جي خيال کان لڏي آيو. کيس آمريڪا ۾ ٻن چئن دوستن پيسا ڏنا هئس تہ وڃي پاڪستان ۾ ڪو ڪاروبار شروع ڪري. عبدالماجد بہ هن سان گڏجي ڪاروباري موقعن ۽ منصوبن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ لڳو.
مختلف ڪاروبارن جي امڪانات تي غور ڪندي آخر سندس دوست اهو فيصلو ڪيو تہ پنجاب ۾ سٽرس فِرُوٽ پيدا ڪندڙ علائقي ۾ هڪ سٽرس جوس پلانٽ لڳايو وڃي. ظاهر آهي تہ ايڏي وڏي منصوبي لاءِ قرض لازمي گهربل هوندو آهي پر قرض ڏيڻ وارو ادارو بہ ڏسندو آهي قرضدار جي پنھنجي مُوڙي ڪيتري آهي. هنن وٽ گهربل موڙي ڪانہ هئي تنھنڪري سندس دوست ان جو اهو حل سوچيو تہ جنھن ٻاهرين ڪمپني کان پلانٽ خريد ڪبو تنھن کان اووَر اِنوائسنگ (Over Invoicing) ڪرائبي. اووَر اِنوائسنگ ذريعي خريد ڪرڻ واري ڪمپني کان پلانٽ جي قيمت وڌيڪ لکرائبي آهي ۽ بينڪ کان پيسن جي ادائگي ٿي وڃڻ بعد اُها واڌاري رقم پلانٽ وڪڻڻ واري ڪمپني کان وٺي ڇڏبي آهي. هن جي دوست چيو تہ اسان ڪمپني کي چونداسي تہ هو بينڪ تي اِهو ظاهر ڪري تہ ان مان ڪجهہ رقم (اوور انوائسنگ وارو حصو) کين اڳ ۾ ئي ملي چڪي آهي ۽ هيڏانھن بينڪ ۾ اثر رُسوخ ۽ پيسن ذريعي ان بنياد تي قرض منظور ڪرائبو تہ ان رقم کي سندن سيڙپ ڪري ليکيو وڃي. عبدالماجد کي اها تجويز ڪانہ آئڙي ۽ هن ان ڪم مان هٿ ڪڍي پاڻ کي آجو ڪيو. شايد عبدالماجد جي شخصيت اسانجي مُلڪ جي ڪاروباري مصلحتن سان مُنھن ڏيڻ لاءِ موزون ڪانہ هُئي. سندس دوست بھرحال ان ڪم کي تڪميل تي رسايو ۽ پاڪستان ۾ ان قسم جو پهريون پلانٽ لڳايو جتان جوس ڪنسنٽريٽ پرڏيهي ملڪن ڏانھن ايڪسپورٽ ڪيو ويندو هو. عبدالماجد چيس تہ مون کي جيڪڏهن اهڙا آڏا ابتا ڪم ڪرڻا هجن ها تہ اهي مان انڪم ٽيڪس جي نوڪري ۾ بہ ڪري پئي سگهيس، اها ان لاءِ تہ ڪونہ ڇڏيون ويٺو آهيان تہ جيڪي ڪم اتي نہ ڪيم سي هاڻي هتي اچي ڪيان. دوست وراڻيس تہ پاڪستان ۾ تہ ڪاروبار ايئن ئي ٿيندو آهي. عبدالماجد چيو تہ پوءِ اهڙي ڪاروبار کان بس ڀلي.
اٺالو پاندان اپنا هم باز آئي محبت سي
پوءِ عبدالماجد ڪجهہ عرصي لاءِ انڪم ٽيڪس پريڪٽس ڪرڻ متعلق بہ سوچيو ۽ ٻہ ٽي مهينا هڪ انڪم ٽيڪس پريڪٽشنر، جنھن سان سندس پراڻي دوستي هئي، تنھن جي آفيس ۾ چيمبر پريڪٽس بہ ڪري ڏٺائين پر طبيعت ان ۾ بہ ڪانہ لڳس.
هڪ واقفڪار جنھن سان تازو سڃاڻپ ٿي هيس تنھن ٽيڪنالاجي جي فيلڊ سان لاڳاپيل هڪ ڪاروبار جي تجويز ڏنس جيڪو هو پاڻ لاهور ۾ ڪري رهيو. ليزر پرنٽر تن ڏينھن ۾ نوان نوان آيا هئا. ڪمپيوٽر ۽ ليزر پرنٽر جي وسيلي ڪتابن وغيرہ جي ٽائپسيٽنگ جو ڪم ممڪن بڻيو جنھن لاءِ ان کان اڳ تمام مھانگيون فوٽو ٽائپسيٽنگ مشينيون ڪتب اينديون هيون. ان کي ڊيسڪ ٽاپ پبلشنگ ڪري ڪوٺيندا هئا. اهو ڪم هڪ ڊيسڪ ٽاپ پرسنل ڪمپيوٽر ۽ ليزر پرنٽر وسيلي ٿي پيو سگهي ۽ ان لاءِ ڪا ڳاٽي ڀڳي سيڙپ بہ ڪانہ گهربل هئي. انھيءَ دوست عبدالماجد کي چيو تہ هو ڪراچي ۾ اهو ڪم ساڻس ڀائيواري ۾ ڪرڻ چاهي ٿو.
عبدالماجد کي ڪمپيوٽر جي باري ۾ جوڳي بنيادي ڄاڻ هئي سو ڪجهہ تحقيق کانپوءِ هو ان نتيجي تي پهتو تہ ان ڪم لاءِ ونڊوز پرسنل ڪمپيوٽر جي بجاءِ ايپل جا ميڪنٽاش ڪمپيوٽر گهڻو وڌيڪ موزون هئا. پنھنجي ڀائيوار سان صلاح ڪري هن ايپل ميڪنٽاش ڪمپيوٽر ۽ ليزر پرنٽر لاءِ آرڊر ڏنو. اُهي تڏهن ريڊي اسٽاڪ ۾ ڪونہ ملندا هئا ۽ ايندي ايندي ٻہ ٽي مھينا لڳي ويندا هئا. ڀائيوار ۽ هي مسواڙي دڪان ڏسڻ لڳا جتي ڪاروبار سيٽ اپ ڪجي. فيصلو اهو ٿيو تہ جڏهن ڪمپيوٽر ۽ پرنٽر اچي ويندا تيستائين سندس ڀائيوار پنھنجي لاهور وارن معاملات لاءِ ڪو مئنيجر وغيرہ مقرر ڪري پاڻ ڪراچي ايندو. دُڪان وغيرہ ۾ سيڙَپ ڀائيوار کي ڪرڻي هُئي.
جڏهن هنن اهو ڪمپيوٽر آرڊر ڪيو، تہ ان جون خوبيون بيان ڪندي ڊيلر ڪمپني جي مالڪ عبدالماجد کي ٻڌايو تہ اهڙا ڪمپيوٽر اردو جي ٽائپسيٽنگ لاءِ بہ استعمال ڪيا ٿا وڃن. هن عبدالماجد کي انھن ماڻهن سان ملايو جيڪي اهو ڪم ڪندا هئا. حسام الدين اشاعت جي ڪاروبار سان وابستہ هو ۽ سندس پٽ ڪمپيوٽر سائنس جا ماهر هئا جن ڪمپيوٽر تي اردو ۾ ٽائپسيٽنگ يا ڪمپوزنگ ممڪن بڻائي هئي. اهو سندن ٽريڊ سيڪريٽ يعني ڪاروباري راز هو، تنھنڪري ڪمپيوٽر تي اردو ۾ ڪم ٿيندي تہ نہ ڏيکاريائون، البتہ اردو جا ڇپيل نمونا عبدالماجد کي ڏيکاريائون. عبدالماجد جڏهن نسخ رسم الخط ۾ اردو لکيل ڏٺي تہ لامحالہ سندس دل ۾ خيال آيو تہ ڇا سنڌي لاءِ ايئن نہ ٿو ٿي سگهي؟ هن اها ڳالھہ حسام الدين صاحب سان ڪئي جنھن چيو تہ هو پُٽن سان مشورو ڪري ٻڌائي سگهندو تہ آيا اهو ممڪن آهي يا نہ ۽ جي ممڪن هوندو تہ هو اهو ڪم مناسب معاوضي تي ڪري ڏيندا. عبدالماجد کيس سنڌي جي صورتخطي وغيرہ جي باري ۾ سڄي معلومات مھيا ڪئي ۽ مھيني کن کان پوءِ ٻي مُلاقات لاءِ وقت طئي ٿيو. ٻيھر ملاقات تي حسام الدين صاحب مُعذرت ڪندي چيو تہ سندس پُٽن ڪوشش ڪئي پر هو سنڌي جي 52 اکرن يا حرفن کي سيٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي نہ سگهيا.
ان دؤران ڪمپيوٽر ۽ ليزر پرنٽر بہ اچي ويا. ڀائيوار پھرين تہ ڪجهہ وقت گهريو پر پوءِ اڳتي هلي مورڳو معذرت ئي ڪري ڇڏيائين تہ هن لاءِ لاهور وارو ڪاروبار ڇڏي ڪراچي منتقل ٿيڻ ممڪن ڪونھي. عبدالماجد جي لاءِ اڪيلي سر اهو ڪاروبار سيٽ اپ ڪرڻ ڏکيو هو سو سامان وٺي اچي گهر ۾ رکيائين ۽ ڀائيوار جي ڪراچي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. پوءِ سوچيائين تہ ڪمپيوٽر تہ موجود آهي ڇو نہ پاڻ ئي سنڌي جو ورڊ پروسيسنگ ۽ ڊيسڪ ٽاپ پبلشنگ سسٽم ٺاهي. هڪ ڀيرو وري وڃي حسام الدين سان مليو ۽ کانئس مدد طلب ڪيائين. حسام الدين چيس تہ هو ايترو ٻڌائي سگهي ٿو تہ ان مقصد لاءِ انھن هڪ عربي ۽ فارسي جي ورڊ پروسيسنگ جي پروگرام “الڪاتب” ۾ تبديليون آڻي ان کي اردو لاءِ قابل استعمال بڻايو آهي ۽ ڪجهہ ٻين پروگرامن وغيرہ کي استعمال ڪري ٽائپسيٽنگ ڪن ٿا. ٻيھر چيائين تہ سنڌي جي حرفن يا اکرن جو تعداد تمام گهڻو آهي تنھنڪري ان کي سيٽ ڪرڻ ناممڪن آهي. ان کان وڌيڪ معلومات يا مدد مھيا ڪرڻ کان معذرت ڪيائين.
عبد الغفور ڀرڳڙي
(عبد الماجد ڀرڳڙيءَ جو والد)
عبدالغفور ڀرڳڙي ولد عبدالجليل ڀرڳڙي 1921ع ڌاري ڳوٺ غلام نبي ڀرڳڙي، تعلقي شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو . پاڻ هڪ قانوندان ، اديب ، دانشور ، سياسي، سماجي حوالي سان مشھور آهي . هن پرائمري تعليم ڳوٺ مان ؛ مئٽرڪ مدرسہ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان، بي اي چيلاسنگهہ اينڊ سيتلداس (سي اينڊ ايس) ڪاليج شڪارپور مان ايم اي فارسي ۽ ايل ايل بي 1946ع ڌاري علي ڳڙهہ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪري، جولاءِ 1947ع ۾ وڪالت جي سند حاصل ڪيائين. هن شاگرديءَ جي زماني ۾ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي پليٽ فارم تان تمام گهڻي سرگرميءَ سان حصو ورتو. شڪارپور جي سي اين ايس ڪاليج ۾ بہ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي شاخ قائم ڪري تحريڪ پاڪستان جي جدوجھد ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين .
عبدالغفور ڀرڳڙيءَ جو سياسي لحاظ کان مشهور سياستدان قاضي فضل الله سان واسطو رهيو هو. 1946ع ۾ ڏوڪري تڪ جي صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي مقابلي ۾ قاضي فضل الله جي اليڪشن جو انچارج ڀرڳڙي صاحب رهيو. ضلعي سياست ۾ هن ” ميونسپل اصلاح جماعت “ ٺاهي، پوءِ ساڳئي پليٽ فارم تان ڊسمبر 1952ع ۾ قاضي فضل الله گروپ هيٺ چونڊ کٽيائين ۽ 26 جنوري 1953ع تي کيس ميونسپالٽي لاڙڪاڻي جو صدر چونڊيو ويو، 1955ع تائين تدبر سان انتظام هلايائين، بعد ۾ خانبهادر کھڙي هن اداري کي معطل ڪيو، پر وري 1956ع کان آڪٽوبر 1957ع تائين ٻيھر چيئرمئن مقرر ٿيو. هن لاڙڪاڻي شهر جا روڊ ۽ رستا پڪا ڪرايا. ڀرڳڙي صاحب لاڙڪاڻي ۾ 9 جنوري 1958ع تي ’غلام محمد ٽائون هال ‘ جو بنياد رکيو، جنھن جو افتتاح 23 مئي 1958ع تي تڏهوڪي وزيراعظم ملڪ فيروزالدين نون ڪيو .
1954ع ۾ ون يونٽ ٺھڻ کان پوءِ ڀرڳري صاحب ون يونٽ خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ ڀرپور حصو وٺندي لاڙڪاڻي ۽ خيرپور ڊويزن ۾ ٿيندڙ جلسن ۾ شريڪ رهيو. هو 1962ع ۾ بي ڊي اليڪشن معرفت ويسٽ پاڪستان اسيمبليءَ جي چونڊ ۾ شھدادڪوٽ مان سيف الله مگسيءَ جي مقابلي ۾ اميدوار بيٺو، سرڪاري اميدوار 125، جڏهن تہ هن 90 ووٽ حاصل ڪيا. جنوري 1965ع ۾ ڀرڳڙي صاحب شھدادڪوٽ ۾ مادر ملت فاطمہ جناح جو پولنگ انچارج رهيو. جتان صدر ايوب خان 36 ۽ محترمہ فاطمه جناح 27 ووٽ حاصل ڪيا هئا .
ڀرڳڙي صاحب 1976ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي دعوت تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو. پوءِ سندس قابليت کي ڏسندي کيس ” ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻو افيئرس “ جو انچارج بڻائي وزيراعظم هائوس المرتضيٰ ۾ دفتر ٺھرائي ڏنو ويو، جتي شھرين جي مسئلن جي حل لاءِ گهڻيون ئي ڪوششون ڪيائين. 1977ع جي چونڊن ۾ کيس پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي شھدادڪوٽ مان سنڌ اسيمبليءَ جو بنا مقابلي ميمبر چونڊيو ويو. هو 1977ع ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ٿيو. جنرل ضياءُ الحق جي دور حڪومت ۾ پيپلز پارٽيءَ سان وفاداريءَ سبب پنج ڀيرا گرفتار ٿي جيل ويو. سال 1982ع ۾ پيپلز پارٽيءَ کي الوداع چئي جنرل ضياءُ الحق پاران قائم ڪيل ” مجلس شوريٰ “ جو ميمبر ٿيو. جون 1984ع ۾ کيس روينيو ۽ ثقافت جو صوبائي وزير مقرر ڪيو ويو. جون 1985ع جي غير جماعتي چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ ۾ اميدوار طور بيٺو ، پر سوڀ ماڻي نہ سگهيو. اهڙيءَ طرح 1995ع ۾ محترمہ بينظير ڀٽو جي وفاقي حڪومت ۾ اعزازي ڪنسلٽنٽ مقرر ڪيو ويو. ڀرڳڙي صاحب ” لاڙڪاڻي سٽيزن ڪلب “ جو1977ع کان 1982ع تائين لڳاتار پنج سال صدر رهيو، ان بعد 1982ع کان ڪلب جو سرپرست اعليٰ رهيو .
1960-1965ع تائين پنج سال سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر رهيو. هن لاڙڪاڻي مان هفتيوار ” انصاف “ اخبار جاري ڪئي. 22 آڪٽوبر 1949ع تي ٻن ڏينھن لاءِ منعقد ٿيندڙ ” آل سنڌ جميعت شعراءِ سنڌ ڪانفرنس “ جو جنرل سيڪريٽري بہ رهيو. هو 9 ، 10 اپريل 1955ع تي منعقد ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس جي استقباليہ ڪميٽيءَ جو چيئرمئن پڻ رهيو .
عبدالغفور ڀرڳڙي، قائد اعظم محمد علي جناح بابت هڪ تحقيقي ڪتاب ” ساٿ ڌڻي سرواڻ “ ( 1994ع ) لکيو آهي . جيڪو هندوستان جي مسلمانن جي حالت بابت تفصيل فراهم ڪري ٿو. سندس هڪ ڪتاب ” زندگيءَ جو سفر “ نالي سان شاهہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر پاران شايع ڪيو ويو، جنھن ۾ هن روميءَ، اقبال ۽ شاهہ لطيف جي ڪلام جو تقابلي جائزو ورتو آهي. هن 1983ع ۽ 1995ع ۾ اقوام متحدہ جي اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي. ڀرڳڙي صاحب انتھائي هوشيار، قانوني ماهر، قرب ۽ اخلاق جو نمونو ۽ قومي جذبي سان سرشار اڳواڻ رهيو آهي. هن لاڙڪاڻي شهر ۽ عوام جي ڀرپور نموني خدمت ڪئي. صاف سٿري سياست جو قائل رهيو ھئو. هن محترمہ بينظير ڀٽو جي خواهش تي شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي زندگيءَ تي هڪ ڪتاب “ Falcon of Pakistan ” پڻ لکيو .
عبدالماجد ڀرڳڙيءَ تي ھي ليک سندس ڪتاب جو ھڪ باب آھي، جيڪو ھتي رکيو پيو وڃي.