عبدالماجد جي ڪھاڻي، سندس والد جي زباني
(حصو چوٿون: ماجد ڀرڳڙي ۽ سنڌي ڪمپيوٽنگ)
اهڙي ريت، انڪم ٽيڪس جي نوڪري مان مالي گهرجن جو پورائو نہ ٿيڻ ڪري پريشاني، بھتر سرڪاري نوڪرين ۾ سفارشي اميدوارن کي ترجيح ملڻ ڪري نااميدي، ڪاروباري معاملن ۾ آڏن ابتن ڪمن ڪري بيزاري ۽ ڀائيوار جي وعدہ خلافي ڪري بيوسي وغيرہ سڀني ملي اهڙا حالات پيدا ڪيس جو بِالآخر قدرت کيس ان ڪم طرف ڌِڪي آئي جيڪو هن جي مقدر ۾ لکيو هئائين، يعني سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪمپيوٽر تيار ڪرڻ. قادر مطلق، جيڪو ڏينھن جي پيٽ مان رات، رات جي پيٽ مان ڏينھن، جيئري جي پيٽ مان مُئل ۽ مُئي جي پيٽ مان جيئندو ڪڍڻ جي قدرت رکي ٿو، تنھن کي انسانن جي بگاڙيل ڪمن مان بہ سنوار جا رستا ڪڍڻ جي سگهہ آهي.
اها آڪٽوبر نومبر 1987 جي ڳالھہ آهي. عبدالماجد کي اهو بہ احساس هيو تہ جيڪو ڪم ڪمپيوٽر سائنس انجنيئر (حسام الدين جا فرزند) ڪرڻ کان قاصر رهيا آهن سو کانئس ڪيئن ٿيندو جنھن کي ڪمپيوٽر سائنس جي باري ۾ صرف بنيادي ڄاڻ هئي. پر هن الله تو آهر ڪري، پنھنجي شوق جي ڪري، ان ۾ هٿ وڌو. چوندا آهن همت مردان مدد خدا. هن معاملي ۾ بہ ايئن ئي ٿيو ۽ هفتي ٻن اندر کيس ابتدائي ڪاميابي ٿي ۽ سندس ليزر پرنٽر تي سنڌي جو پرسنل ڪمپيوٽر وسيلي ٽائپ سيٽ ٿيل پھريون صفحو پرنٽ ٿي نڪتو تہ ٻڌائيندو آهي تہ سندس خوشي جي ڪا انتھا نہ رهي ۽ هن قادر مطلق جا بي انداز ٿورا مڃيا جنھن سندس نصيب ۾ اها ڪاميابي لکي هئي.
ان ابتدائي ڪاميابي جي خبر ان وقت هلال پاڪستان ڏني. بعد ۾ هن اخبار جو هڪ مضمون بہ ٽائپسيٽ ڪري هلال پاڪستان وارن کي ڏنو جيڪو نومبر يا ڊسمبر 1987 ۾ ڇپيو. اهو انعام شيخ جو لکيل ڪک پن نالي هڪ ڪالم هو. ان کان علاوہ ڪراچي جي هڪ ڪاليج جي مخزن نقوش جو سنڌي سيڪشن بہ ٽائپسيٽ ڪري ڏنائين. اهڙي ننڍڙي ابتدا سان سنڌي ۾ ڪمپيوٽر جي استعمال يعني سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ابتدا ٿي ۽ سنڌي اشاعتي صنعت ۾ ان انقلاب جي شروعات ايندڙ ٻن ٽن سالن ۾ ان جي ڪايا پلٽ ڪري ڇڏي. عبدالماجد، ڪمپيوٽر سائنس ۾ ڪا ڊگري نہ هوندي بہ، اڪيلي سر پنھنجي محدود وسائل ذريعي مختصر عرصي ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ اهو ڪم ڪري ڏيکاريو جيڪو ادارا، يونيورسٽيون ۽ ڪمپيوٽر سائنس جا ماهر باوجود پنھنجي وسائل ۽ ڄاڻ جي سالن ۾ بہ نہ ڪري سگهيا.
عبدالماجد ٻڌائيندو آهي تہ سراج الحق ميمڻ صاحب کيس هلال پاڪستان جي دفتر وٺي ويو جيڪو تن ڏينھن ۾ بندر روڊ تي واقع هو. اتي اخبار جي ڪمپوزنگ جو ڪم وغيرہ ٿيندو هو. سراج الحق ميمڻ ڪنھن زماني ۾ ان جو ايڊيٽر رهي چڪو هو جنھن سان عبدالماجد جي ڏيٺ ويٺ انڪم ٽيڪس کاتي جي ڪري هئي جنھن ۾ ميمڻ صاحب بہ نوڪري ڪئي هئي. اخبار جي ايڊيٽر شيخ عبدالحليم جوش کين دفتر ڏيکاريو ۽ عملي سان ملايو. اخبار ۾ 40 کن ڪمپازيٽر ڪم ڪندا هئا. عبدالماجد سمجهيو ته اهي انھيءَ خبر تي خوش ڪونہ ٿيندا ڇو جو ڪمپيوٽر ذريعي اخبار جي ٽائپسيٽنگ ٿيڻ ڪري سندن نوڪريون ختم ٿي وينديون ۽ انھن جي پيشي يا فن جي گهُرج بہ ڪانہ رهندي. پر انجي برعڪس انھن انھيءَ ڪم کي بيحد ساراهيو ۽ هي چئي کيس حيراني ۾ وجهي ڇڏيائون تہ توهان جو تہ اهو اسان تي وڏو احسان آهي. هو چوڻ لڳا تہ هي ڪم دراصل اسان لاءِ پِٽ آهي، پاراتو آهي. جيئن تہ سنڌي ۾ هٿ سان ڪتابت جو ڪو رواج ڪونہ هو ۽ اخبارون، ڪتاب ۽ رسالا وغيرہ سڀ هٿن وسيلي ڪمپوز يا ٽائپسيٽ ٿيندا هئا، تنھنڪري ڪمپازيٽرن جي گهُرج هميشہ رهندي هئي ۽ پرنٽر ۽ پبلشر کين جوڳي پگهار تي ملازم رکندا هئا. جيڪي اهو ڪم ڄاڻندا هئا، سي بہ روزگار خاطر ٻئي پاسي وڃڻ بجاءِ جو اهو ڪم شروع ڪندا هئا تہ ان جي اسپيشلائيزيشن سبب سڄي ڄمار پوءِ ان مان جان آجي نہ ٿيندي هئن.
هينڊ ڪمپوزنگ جو سسٽم هيئن هوندو هو جو شيھي جي ٺھيل ٽائپ هوندي هئي ۽ هڪ هڪ اکر جو مختلف روپ خانن ۾ پيل هوندو هو. پوءِ ڪمپازيٽر هڪڙي ڪاٺ يا ميٽل جي سانچي يا فريم ۾ انھن کي هٿ سان سيٽ ڪري مضمون کي ترتيب ڏيندا هئا. پر جڏهن سالن جا سال هو ان شيھي جي ٺهيل ٽائپ کي هٿن جي آڱرين سان هينڊل ڪندا هئا ته عمومًا اڳتي هلي انھن مان هر هڪ شيھي جي زهريلي اثر يعني Lead Poisoning جو شڪار ٿي ويندو هو جنھن جي ڪري کين انيڪ جسماني عارضا لاحق ٿي ويندا هئا. اها ڳالھہ انھن ڪمپازيٽرن پاڻ عبدالماجد کي ٻڌائيندي چيو تہ سائين اسان تہ توهان جا هٿ چمنداسي جو توهان تہ اسان لاءِ نجات دهندہ آهيو جو اسان کي ۽ اسان جي ايندڙ نسلن کي هن پاراتي واري پيشي مان نجات ڏيارڻ جا سبب بڻيا آهيو جنھن کي نہ اسان ڪرڻ ٿا چاهيون ۽ نہ ئي ڇڏي ٿا سگهون.
ان ابتدائي ڪاميابي کانپوءِ سنڌي ۾ ڪمپيوٽر تي لکڻ ممڪن تہ ٿيو پر اهو طريقہ ڪار وقت طلب هو ۽ ان کي عملي طرح ڪارگر بڻائڻ لاءِ اڃا ڪم جي ضرورت هئي. عبدالماجد جو وري آمريڪا وڃڻ ٿيو جتان هو ان ڪم لاءِ ڪجهہ ڪتاب ۽ ڪمپيوٽر پروگرام وغيرہ خريد ڪري آيو. موٽي اچي وري ڪم شروع ڪيائين ۽ مارچ 1988 تائين هن عملي لحاظ کان مڪمل سرشتو جوڙي راس ڪيو جنھن وسيلي ڪمپيوٽر تي سنڌي جو استعمال بہ اوتري ئي سولائي سان ممڪن بڻيو جھڙو عربي، فارسي ۽ اردو وغيره لاءِ ان کان اڳ ۾ هو.
هن جي موڪل جي مدت بہ پوري ٿي چڪي هئي ۽ مارچ 1988 ڌاران هن وري انڪم ٽيڪس کاتو جوائن ڪيو. اها موڪل، اها ڪنھن متبادل ذريعہ معاش جي تلاش، اهي سڀ ڄڻ قدرت هن کان ان لاءِ پئي ڪرايا جو اهو سنڌي ڪمپيوٽنگ وارو ڪم سندس هٿان ڪرائي. تيستائين مرحوم علي احمد بروهي شيخ سلطان ٽرسٽ جو ايڊمنسٽريٽر ٿي چڪو هو جيڪا هلال پاڪستان هلائيندي هئي. هو عبدالماجد جي ڪم جو بيحد مداح هو. ايپل ڪمپني جا پاڪستان لاءِ ڊسٽريبيوٽر بہ هن ڪم جي ڪري هن جا ٿورائتا هئا جو انھن ڏٺو پئي تہ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ترويج ۽ ترقي ۾ سندن پراڊڪٽ يعني مئڪنٽاش ڪمپيوٽر لاءِ ڊمانڊ ۽ وڪرو وڌندا. انھن عبدالماجد کي آفر ڏني تہ هو ان سنڌي سافٽويئر سرشتي جي مارڪيٽنگ ڪندا ۽ ان جي بدلي ۾ عبدالماجد کي ايندڙ ٻن سالن دؤران هڪ طئي شدہ معاوضو هر مھيني ڏيندا. عبدالماجد سندن آڇ قبولي.
جولائي 1988 ۾، ايپل جي ڊسٽريبيوٽر، هاڻوڪي ميريٽ هوٽل ۾، جيڪو تڏهن هاليڊي ان سڏبو هو، هڪ تقريب منعقد ڪري عبدالماجد جي ان تاريخي ڪم کي عوام ۽ خواص آڏو متعارف ڪرايو. ان تقريب جي صدارت مرحوم علي احمد بروهي ڪئي جنھن ۾ قاضي اسد عابد، محب الله شاه، سراج الحق ميمڻ ۽ ٻين سنڌ جي ماڻھن شرڪت ڪئي. ڊان، جنگ، مشرق ۽ سنڌي اخبارن ۾ ان متعلق خبرون ڇپيون ۽ اهڙي طرح سان سنڌي ڪمپيوٽنگ ۽ ڪمپيوٽر وسيلي سنڌي ٽائپسيٽنگ جي باقاعدہ شروعات ٿي.
عبدالماجد مون کي ٻڌايو تہ تقريب کان پوءِ جڏهن چانھن ۽ رفريشمينٽ جو دؤر شروع ٿيو تہ مرحوم علي احمد بروهي کيس کِلندي کِلندي چيو: “ڀرڳڙي! جيڪڏهن تون اهو ڪم بنگالي ٻوليءَ لاءِ ڪرين ها تہ بنگالي تنھنجا مُجسما ٺاهي، شھرن ۾ لڳائن ها. پر تو اِهو ڪم سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيو آهي، فڪر نہ ڪر، جلد ڪو تنھنجي ٽنگ مان جهلي، هيٺ گِھلي لاهيندُءِ.”
جلد ئي هلال پاڪستان وارن اخبار جي جزوي ٽائپسيٽنگ ڪمپيوٽر وسيلي شروع ڪئي پر عوامي آواز پھرين اخبار هئي جنھن شروع کان ئي سڄي اخبار جي ڪمپوزنگ عبدالماجد جي جوڙيل سرشتي کي استعمال ڪندي ڪمپيوٽر وسيلي ڪرڻ شروع ڪئي. اهو سرشتو استعمال ۾ ايترو تہ آسان هو جو انگريزي ٽائپنگ ڄاڻندڙ ٻن ٽن ڏينھن ۾ رواني سان سنڌي ۾ ڪمپيوٽر تي ٽائپنگ ڪرڻ سکي پئي ويا. عوامي آواز وارن 4 ڪمپيوٽر ۽ هڪ ليزر پرنٽر وٺي مڪمل سنڌي اخبار جي ان سان اشاعت ڪئي ۽ تمام ڪاميابي سان ڪئي. بعد ۾ ڪاوش، آفتاب ۽ ٻين سنڌي اخبارن بہ عبدالماجد واري سرشتي کي استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. جلد ئي سڀ اخبارون، ڪتاب ۽ رسالا ڪمپيوٽر وسيلي ڇپجڻ لڳا.
1988 ۾ ئي سنڌي ادبي بورڊ وارن ممتاز مرزا جو لکيل هڪ ڪتاب عبدالماجد کي ٽائپسيٽ ڪرڻ لاءِ موڪليو، جيتوڻيڪ بورڊ ويھن لکن روپين کان بہ وڌيڪ رقم جي سيڙپ ڪري مونوٽائپ يا شايد لائنوٽائپ وارن کان سنڌي لاءِ فوٽوٽائپسيٽنگ مشين ورتي هئي. عبدالماجد بورڊ ۾ اها مشين ڏٺي هئي جنھن لاءِ خاص ايئرڪنڊيشن ڪمرو ٺھرايل هو. مشين سان گڏ ڪمپني وارن بورڊ کي هڪڙو ٽائپفيس يا فانٽ ڏنو هو ۽ واڌاري فانٽ لاءِ جيڪي پيسا گهريائون پئي اوتري ۾ ميڪنٽاش ڪمپيوٽر ۽ ليزر پرنٽر سنڌي جي هڪ ڊزن فانٽن سوڌو خريد ڪرڻ ممڪن هو. مٿان وري اسڪرين تي عبارت جيئن نظر ايندي هئي تنھن جي ڪا نسبت، صورت جي لحاظ کان، پرنٽ ٿيندڙ مواد سان ڪانہ هوندي هئي ۽ پڙهڻ ۾ بہ ڏاڍو اولو هو. سڀني کان وڌيڪ جيڪا اهم ڳالهہ، جيڪا بورڊ ان سسٽم کي خريد ڪرڻ مھل نظرانداز ڪئي هئي، سا اها هئي تہ ان مشين تي هڪ صفحي جي فوٽو پرنٽنگ جو خرچ ڳاٽي ڀڳو هو. اهڙي مشين انگريزي ڪتابن جي ٽائپسيٽنگ لاءِ تہ موزون هئي جو وڏي مارڪيٽ هئڻ سبب انگريزي ڪتاب هزارن جي تعداد ۾ ڇپبا هئا ۽ ٽائپسيٽنگ جي فڪسڊ لاڳت انھن ۾ ورهائجي ويندي هئي. پر سنڌي جي محدود مارڪيٽ، جنھن ۾ ڪتاب سون جي تعداد ۾ ڇپبا هئا، تنھن ۾ ٽائپسيٽنگ جي وڏي لاڳت ڪري اهو فوٽوٽائپسيٽنگ سرشتو، مشين جي قيمت توڙي فوٽو پرنٽنگ جي پر پيج لاڳت جي لحاظ کان ايترو ته مھانگو هو جو ان جو استعمال معاشي حساب سان فيزبل ڪنھن بہ طرح نہ پئي بيٺو. ان جي ثابتي ان مان ملي ٿي تہ ان کي نہ رڳو سنڌي ادبي بورڊ استعمال ڪونہ ڪيو بلڪِ بورڊ کان علاوہ ٻئي ڪنھن بہ اداري اهو سرشتو خريدڻ يا استعمال ڪرڻ جو سوچيو بہ ڪونہ. نتيجو اهو نڪتو جو بورڊ ۾ اها مشين ڪئي سال تہ پئي رهي پر ڪتب مڙيوئي ڪي آئي.
تڏهن نور احمد ميمڻ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري هو ۽ هو ان ڪتاب جو مسودو کڻي پاڻ عبدالماجد وٽ آيو. عبدالماجد وٽ ڪا باقاعدہ جڳهہ ڪانہ هوندي هئي، پنھنجي رهائشي فليٽ ۾، جيڪو” آغاز (Agha’s) سپر مارڪيٽ” جي ڀرسان مسواڙ تي ورتل هوس، هڪ ڪمري کي ان لاءِ ڪتب آڻيندو هو. عطيه داؤد وٽس ڪم ڪندي هئي ۽ مسودن جي ڪمپيوٽر تي ٽائپنگ ڪندي هئي. نوراحمد پاڻ سان گڏ پنھنجي هڪ ڪمپيوٽر انجنيئر دوست بدرالدين هيسباڻي کي بہ ساڻ ڪري ايندو هو ۽ ٻئي ڄڻا ان نئين ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي مان بيحد متاثر ٿيا. بعد ۾ انھن سنڌيڪا نالي هڪ ادارو بہ جوڙيو ۽ نئين حاصل ڪيل ڄاڻ جي بنياد تي ان ۾ بہ سنڌي ڪمپيوٽنگ جو سيٽ اپ ڪيائون.
1990 تائين، جيستائين عبدالماجد پاڪستان ۾ رهيو، تيستائين سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ترويج ۽ ترقي لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. ان دؤر ۾ سنڌي ڪمپيوٽنگ جو وڌ ۾ وڌ استعمال اشاعتي ادارا ۽ اخباري ادارا ڪندا رهيا. عام ماڻھن ۾ ان جي باري ۾ اڃا گهڻي ڄاڻ ڪانہ هئي. حقيقت اِها آهي تہ ڪمپيوٽر عام ماڻھو جي روزمرہ جي استعمال ۾ انٽرنيٽ ۽ ورلڊوائيڊ ويب جي عام ٿيڻ کانپوءِ اچڻ لڳو.
عبدالماجد آمريڪا ويو تہ اتي بہ شروع ۾ ڪوششون جاري رکيائين. رياست يوٽاھ جي شھر پراوو ۾ الڪاتب سافٽويئر ٺاهڻ واري ڪمپني جي مالڪن سان 1990 جي آخر ۾ مليو جن تازو ونڊوز ڪمپيوٽر لاءِ عربي ۽ فارسي جو ڊيسڪ ٽاپ پبلشنگ پروگرام ٺاهيو هو. عبدالماجد چاهيو پئي ته ونڊوز ۾ بہ سنڌي جو استعمال ممڪن بڻجي تنھنڪري انھن سان ملي کين ان پروگرام ۾ سنڌي شامل ڪرڻ لاءِ چيائين. انھن پڇيو ته ڀلا سنڌي لاءِ ڪيتريون ڪاپيون پروگرام جون وڪامبيون؟ عبدالماجد چين تہ سنڌي پاڪستان جي، اردو کانپوءِ، وڌ ۾ وڌ استعمال ٿيندڙ زبان آهي (اشاعتي ۽ ڪمپيوٽر جي استعمال جي حساب سان) تنھنڪري ان جو مارڪيٽ چڱو خاصو آهي. انھن ان لاءِ ڪم ڪرڻ جي هامي تہ ڀري پر عبدالماجد کي چيائون تہ توهان هن پروگرام جي هڪڙي ڪاپي خريد ڪيو ۽ پوءِ اسان ان ۾ سنڌي شامل ڪري توهان کي موڪلينداسي تہ ان کي ٽيسٽ ڪيو. عبدالماجد کانئن ان سافٽويئر جي ڪاپي 350 ڊالرن ۾ خريد ڪئي. مھيني کن ۾ انھن سنڌي لاءِ مناسب تبديليون ڪيل پروگرام جي ڪاپي Beta Version کيس موڪلي ڏني پر هاڻي مسئلو اهو اچي ٿيو تہ عبدالماجد وٽ سافٽويئر کي ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ ڪمپيوٽر ڪونہ هو ۽ نہ ئي وٽس ايترا فاضل وسائل هئا جو ان مقصد لاءِ ڪمپيوٽر خريد ڪري سگهي.
تن ڏينھن ۾ آمريڪا جي سنڌي ڊاڪٽرن جي آرگنائيزيشن سمنا SAMNA جي هڪ وڏي گڏجاڻي (Convention) آمريڪا جي شھر سينٽ لوئيز (Saint Louis) ۾ ٿيڻي طئي ٿي. ڊاڪٽرن جي ڪوٺ تي عبدالماجد جو ان گڏجاڻي ۾ وڃڻ ٿيو، جتي هن سنڌي ڊاڪٽرن سان اها خوش خبري ونڊيندي کين اِهو بہ ٻڌايو ته وٽس ان سافٽويئر کي ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ ڪمپيوٽر ڪونہ هو. سنڌي ڊاڪٽرن چيس تہ اهو تہ ڪو مسئلو ڪونھي ۽ کيس تسلي ڏنائون تہ هو سياٽل پھچي تہ کيس ان ڪم لاءِ هڪ اڌارو ڪمپيوٽر موڪلي ڏيندا. پر وہ وعده هي ڪيا جو وفا هو مصداق ڪمپيوٽر کيس ڪڏهن نہ مليو. ايئن سندس اها ڪوشش، وسائل جي اڻھوند ۽ پيسن جي اڻاٺ سبب اڌوري رهجي وئي ورنہ 1991 ۾ ئي ونڊوز پرسنل ڪمپيوٽر تي بہ سنڌي جو استعمال ممڪن بڻجي وڃي ها.
ان کان پوءِ غمِ روزگار ۽ ٻين مصروفيتن جي ڪري عبدالماجد 1999 تائين ٻي ڪا پيش رفت ان ڏس ۾ ڪانہ ڪئي. 1999 ۾ جڏهن پنھنجي موڪل ختم ٿيڻ تي ڪجهہ عرصو پاڪستان رهيو ته اتي سنڌي ڪمپيوٽنگ سان وابستہ ڪنھن دوست مٿس زور رکيو تہ وقت اچي ويو آهي تہ هاڻي بجاءِ عربي فارسي سافٽويئر ۽ پروگرامن ۾ تبديليون آڻي انھن کي سنڌي لاءِ قابل استعمال بڻائڻ جي سنڌي جي بين الاقوامي معيار يونيڪوڊ يا يونيورسل ڪوڊ جي آڌارتي ڪمپيوٽر تي ترويج ڪجي ۽ معياري سنڌي ڪمپيوٽنگ جو آغاز ڪجي. ان دوست کيس چيو تہ هن کانسواءِ ٻئي ڪنھن کي بہ ان ڪم جي مناسب ڄاڻ ڪانھي، ۽ سنڌي ادارن ۽ يونيورسٽين جي ان معاملي ۾ دلچسپي بِلڪُل ڪانھي، تنھنڪري کيس ئي انھيءَ ڪم ۾ هٿ وجهڻو پوندو.
در اَصل ڪمپيوٽر تي ڪنھن بہ ٻوليءَ جي استعمال لاءِ ان ٻوليءَ لاءِ هڪ ڪوڊ پيج گهربل هوندو آهي جنھن ۾ ان ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ سڀني اکرن، حرفن ۽ علامتن وغيرہ کي هڪ عددي ڪوڊ پوائنٽ ڏني ويندي آهي تہ جيئن ڪمپيوٽر، جيڪو عددي حساب جي آڌار تي ڪم ڪندو آهي، سو ان ڪوڊ پوائنٽ وسيلي ان ٻوليءَ جي اکرن، حرفن وغيرہ جي سڃاڻپ ڪري سگهي. هر ٻوليءَ جا ادارا پنھنجي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽر تي ترويج لاءِ هڪ معياري ڪوڊ پيج جوڙي ان کي ڪمپيوٽر سان وابستہ بين الاَقوامي ادارن کان منظور ڪرائي وٽن رجسٽر ڪرائيندا آهن. انھيءَ بنيادي ڪم کان پوءِ ئي ان ٻوليءَ جي ڪمپيوٽر تي استعمال جا امڪان پيدا ٿيندا آهن. بدقسمتي سان سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪنھن بہ حڪومتي اداري يا درسگاه وغيرہ ڪڏهن اهڙي ڪوشش ڪانہ ورتي. معياري سنڌي ڪوڊ پيج نہ هئڻ ڪري، سنڌي کي ڪمپيوٽر تي استعمال جو واحد طريقو اهو وڃي رهيو هو تہ عربي فارسي ڪوڊپيج کي، هڪ قسم جي جڳاڙ يعني Hack ذريعي، سنڌي لاءِ قابل استعمال بڻايو وڃي ۽ اهوئي طريقو عبدالماجد استعمال ڪيو هو. جيئن تہ ان قسم جو جڳاڙ لامحالہ ڪنھن معيار يعني Standard تي ٻڌل نہ هوندو آهي، تنھنڪري ان ذريعي ڪتاب، رسالا وغيره ٽائپسيٽ ڪرڻ تہ ممڪن هو پر اسرندڙ انٽرنيٽ ٽيڪنالاجي ذريعي ٻولي جي بين الاقوامي سطح تي ڪمپيوٽر ۽ انٽرينٽ تي ترويج، ويب پيج جوڙڻ، اي ميل ۽ چيٽنگ وسيلي هڪ ٻئي سان رابطو وغيرہ وقت جون اهڙيون اهم ۽ اڻٽر ضرورتون هيون جن جو پورائو معياري سنڌي ڪمپيوٽنگ کانسواءِ ممڪن ڪونہ هو. خوشقسمتي سان تازوئي هڪ يونيورسل ڪوڊ پيج ترتيب ڏنو ويو هو تہ جيئن دنيا جي سڀني ٻولين جو ڪمپپيوٽر تي استعمال ٿي سگهي ۽ انھن ۾ سنڌي بہ شامل هئي. پر ڪوڊپيج تہ بنيادي گهرج هئي، ٻوليءَ کي ڪمپيوٽر تي استعمال ڪرڻ لاءِ اڃا ٻيا گهڻا مرحلا طئي ڪرڻا هئا. ان لاءِ بين الاقوامي معيار مطابق فونٽ (Font) ۽ ٽائپفيس(Typeface) جوڙڻ، ڪمپيوٽر آپريٽنگ سسٽم ۾ ٻولي جي پروسيسنگ لاءِ سپورٽ هجڻ، ڪمپيوٽر تي لکڻ لاءِ ڪيبورڊ اينٽري سرشتو ۽ ان کي سسٽم ۾ نصب ڪرڻ وغيرہ اهڙا ناگزير عملي مرحلا هئا جيڪي طئي ڪئي بنان ٻوليءَ جو ڪمپيوٽر تي عملي طرح استعمال ممڪن نہ هو.
سن 2000 ۾ عبدالماجد پنھنجي سرڪاري نوڪري مان استعفىٰ ڏيڻ بعد واپس آمريڪا وريو جتي جولاءِ ۾ هن وري سنڌي ڪمپيوٽنگ جي فيلڊ ۾ پاڻ پتوڙڻ شروع ڪيو ۽ هن ڀيري عزم ڪيائين تہ باقاعدہ ۽ معياري سنڌي جي ڪمپيوٽر تي استعمال جو بنياد وجهي ٻوليءَ کي ٽيڪنالاجي جي دؤر ۾ عالمي رابطي جو ذريعو بڻائيندو. تقريبًا ڇھن مھينن جي لڳاتار محنت، ونڊوز ٺاهڻ واري ڪمپني مائڪروسافٽ جي متعلقہ شعبي جي سربراه سان روبرو ميٽنگن، ساڻن سوين اي ميلز جي ڏي وٺ بعد، هن پھريون ڀيرو ڪمپيوٽر تي يونيڪوڊ جي آڌار تي، معياري سنڌي جو بنياد وڌو ۽ ان جي استعمال کي ممڪن بڻايو.
تنھن زماني ۾ ئي پشتو ۽ اردو جو ڪمپيوٽر تي استعمال بہ تازو شروع ٿيو هو پر فرق اهو هو تہ جتي ڪمپيوٽر جي لاءِ پشتو ۽ اردو جا پيڪيج سون ڊالرن ۾ وڪامجي رهيا هئا تہ اُتي عبدالماجد سنڌي لاءِ ساڳي قسم جي سافٽويئر، پنھنجي هڪ ويبسائيٽ ٺاهي، تنھن تي مفت ورهائڻ يعني ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ رکي ڇڏي. اهڙي طرح سنڌي ڪمپيوٽنگ جي حوالي سان 21هين صدي جي ابتدا ۾ هڪ نئين دؤر جو آغاز ٿيو ۽ دنيا جي ڪھڙي بہ ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌي پنھنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي جي اهليت آساني سان شامل ڪري تقريبًا هر اهو ڪم ڪري ٿي سگهيا جيڪو ان کان اڳ ۾ صرف انگريزي ۽ ٻين ترقي يافتہ ٻولين ۾ ممڪن هو.
عبدالماجد سنڌي جي پھرين ويب سائيٽ ترتيب ڏيئي ٻين سنڌي ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙن کي بہ همٿايو ۽ کين هڪ عملي نموني ذريعي گائيڊ ڪندي سنڌي ٻوليءِ جي انٽرنيٽ ۽ ورلڊ وائيڊ ويب تي وجود ۽ ترويج لاءِ راه هموار ڪئي. هن پنھنجي ويبسائيٽ تي شروع ۾ شاه سائين جو رسالو، پوءِ سچل سائين جو سنڌي ڪلام ۽ پوءِ قُرآن ڪريم جو سنڌي ترجمو شايع ڪيو جنھن جي نتيجي ۾ دنيا جي ڪنھن بہ ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌي لاءِ ڪنھن بہ وقت انھن مان استفاذو حاصل ڪرڻ ممڪن ٿيو. پنھنجي ويب سائيٽ تي هڪ سنڌي نويس بہ جوڙيائين تہ جيئن ڪو بہ سنڌي آساني سان ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تي سنڌي لکي سگهي. مختلف ڪمپيوٽر سرشتن جهڙوڪ ونڊوز، ميڪنٽوش ۽ لِنڪس جي لاءِ انسٽالر ٺاهي پنھنجي ويبسائيٽ تي مفت ونڊيائين تہ جيئن سنڌي جو ڪمپيوٽر تي استعمال عام ٿئي ۽ ٻولي هن جديد اليڪٽرانڪ ۽ انٽرنيٽ واري دؤر ۾ ٻين ٻولين کان ڪنھن بہ لحاظ کان پوئتي نہ رهجي وڃي.
تازو هن، اوپن سورس (Open Source) آپريٽنگ سسٽم لنِڪس (LINUX) جي سنڌي ۾ ترجمي لاءِ هڪ ٽيم تشڪيل ڏيئي دنيا جي پھرئين سنڌي ڪمپيوٽر آپريٽنگ سسٽم جوڙڻ جي ابتدا ڪئي آهي جيڪو ڪم ڪافي اڳتي وڌيو آهي. ان سسٽم وسيلي اهو شخص بہ ڪمپيوٽر استعمال ڪري سگهندو جنھن کي انگريزي جي ڪا ڄاڻ ڪانھي ۽ صرف سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ ڄاڻي ٿو.
1987-88 ۾ عبدالماجد سنڌي ڪمپيوٽنگ جو بنياد وڌو ۽ 2000-01 ۾بين الاقوامي معيار موجب ڪمپيوٽر ۾ سنڌي جي استعمال کي ممڪن بڻائيندي ان ڪم کي تڪميل تي رسايائين. اڄ سندس محنتن جي نتيجي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو استعمال ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تي ممڪن بڻيو آهي. سنڌ ۽ سموري دنيا ۾ هزارين لکين سنڌي ان مان فائدو وٺن پيا. سنڌي ويب سائيٽن جو انگ اڄ هزارن ۾ آهي ۽ اڄ سنڌي هن جديد ٽيڪنالاجي واري دؤر ۾ بين الاقوامي رابطي جي زبان آهي. انٽرنيٽ جي دنيا جي مشھور سماجي نيٽ ورڪ فيس بوڪ (Facebook) تي اڄ سنڌي جو استعمال عام جام آهي ۽ دنيا جي هر حصي ۾ رهندڙ سنڌي پاڻ ۾ خيالات ۽ خبرون ونڊڻ لاءِ سنڌي جو استعمال ڪن پيا. انھن سڀني ڳالھين لاءِ سمورو ڪريڊٽ عبدالماجد لهڻو.
1989 ۾ عبدالماجد ڪنھن دوست وٽ ويٺو هو جنھن چيس تہ جيڪڏهن هو حج تي وڃڻ چاهي تہ هو کيس ان لاءِ خاص اجازت وٺرائي ڏيئي پئي سگهيو جو حج اسڪيم تحت درخواست ڏيڻ وغيرہ جو مدو عرصو ٿيو ختم ٿي چڪو هو. حج ۾ وڃي ڪي ڏينھن رهيا هئا. هن پاڻ لاءِ اها سعادت سمجهندي هڪدم هام ڀري ۽ ايئن پاڻ ۽ گهرواري ان سال حج تي ويا. سعودي عرب ۾ سندس گهرواري جي ننڍي همشيرہ بہ رهندي هئي جنھن جي مڙس عيسىٰ ذڪريا بندقجي جو تعلق اتان جي هڪ معزز سيد گهراڻي سان هو. انھن بہ، ۽ سندس گهرواري جي ٻين ٻن ڀينرن بہ پنھنجن گهروارن سميت ان سال حج ڪيو. مرحوم الله بخش مگسي ۽ سندس گهرواري بہ حج دؤران سندن رفيق هئا ۽ عبدالماجد انھن جي ذاتي اخلاق، اخلاص ۽ محبت جي بيحد تعريف ڪندو آهي.
1989 ۾ عبدالماجد جي لاءِ مون شھيد بينظير صاحبہ کي عرض ڪيو تہ کيس اهليت جي بنياد تي پي آئي اي ۾ ڊيپوٽيشن تي ڪا مناسب پوسٽنگ ڏني وڃي. ان تہ مھرباني ڪري آرڊر ڪيو پر اسان جي ملڪ ۾ تہ نوڪرشاهي اصل شاه آهي. سو بجاءِ وزير اعظم جي حڪم جي تعميل جي، کيس هيڏانھن هوڏانھن ڦيرايائون پر ڪم کان جواب. پرائم منسٽر جو سيڪريٽري سراج سليم شمس الدين عبدالماجد جو بيچميٽ هو جنھن سان 1973 کان واقفيت هئس ۽ ٻيو تہ ٻنھي جو تعلق انڪم ٽيڪس کاتي سان هو. سندن ٻيو مشترڪہ دوست هو مرحوم ظهير علي شاه جنھن جي پوسٽنگ پڻ اسلام آباد ۾ هئي. هو عبدالماجد جو گھرو دوست هو ۽ گڏ سراج سان بہ سندس ڪافي دوستي هئي. تنھن ان سلسلي ۾ ڪافي ڪوشش ورتي ۽ آخرڪار 1990 جي شروع ڌاري عبدالماجد جي ڊيپوٽيشن تي پي آئي اي ۾ مقرري ٿي. کيس جنرل مينيجر ڪري رکيائون جڏهن تہ هن کان گهٽ ڪواليفڪيشن رکندڙ، گهٽ تجربي ۽ اهليت جا حامل ماڻھو اداري ۾ ڊائريڪٽر طور تعينات هئا.
عبد الغفور ڀرڳڙي
(عبد الماجد ڀرڳڙيءَ جو والد)
عبدالغفور ڀرڳڙي ولد عبدالجليل ڀرڳڙي 1921ع ڌاري ڳوٺ غلام نبي ڀرڳڙي، تعلقي شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو . پاڻ هڪ قانوندان ، اديب ، دانشور ، سياسي، سماجي حوالي سان مشھور آهي . هن پرائمري تعليم ڳوٺ مان ؛ مئٽرڪ مدرسہ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان، بي اي چيلاسنگهہ اينڊ سيتلداس (سي اينڊ ايس) ڪاليج شڪارپور مان ايم اي فارسي ۽ ايل ايل بي 1946ع ڌاري علي ڳڙهہ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪري، جولاءِ 1947ع ۾ وڪالت جي سند حاصل ڪيائين. هن شاگرديءَ جي زماني ۾ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي پليٽ فارم تان تمام گهڻي سرگرميءَ سان حصو ورتو. شڪارپور جي سي اين ايس ڪاليج ۾ بہ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي شاخ قائم ڪري تحريڪ پاڪستان جي جدوجھد ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين .
عبدالغفور ڀرڳڙيءَ جو سياسي لحاظ کان مشهور سياستدان قاضي فضل الله سان واسطو رهيو هو. 1946ع ۾ ڏوڪري تڪ جي صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي مقابلي ۾ قاضي فضل الله جي اليڪشن جو انچارج ڀرڳڙي صاحب رهيو. ضلعي سياست ۾ هن ” ميونسپل اصلاح جماعت “ ٺاهي، پوءِ ساڳئي پليٽ فارم تان ڊسمبر 1952ع ۾ قاضي فضل الله گروپ هيٺ چونڊ کٽيائين ۽ 26 جنوري 1953ع تي کيس ميونسپالٽي لاڙڪاڻي جو صدر چونڊيو ويو، 1955ع تائين تدبر سان انتظام هلايائين، بعد ۾ خانبهادر کھڙي هن اداري کي معطل ڪيو، پر وري 1956ع کان آڪٽوبر 1957ع تائين ٻيھر چيئرمئن مقرر ٿيو. هن لاڙڪاڻي شهر جا روڊ ۽ رستا پڪا ڪرايا. ڀرڳڙي صاحب لاڙڪاڻي ۾ 9 جنوري 1958ع تي ’غلام محمد ٽائون هال ‘ جو بنياد رکيو، جنھن جو افتتاح 23 مئي 1958ع تي تڏهوڪي وزيراعظم ملڪ فيروزالدين نون ڪيو .
1954ع ۾ ون يونٽ ٺھڻ کان پوءِ ڀرڳري صاحب ون يونٽ خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ ڀرپور حصو وٺندي لاڙڪاڻي ۽ خيرپور ڊويزن ۾ ٿيندڙ جلسن ۾ شريڪ رهيو. هو 1962ع ۾ بي ڊي اليڪشن معرفت ويسٽ پاڪستان اسيمبليءَ جي چونڊ ۾ شھدادڪوٽ مان سيف الله مگسيءَ جي مقابلي ۾ اميدوار بيٺو، سرڪاري اميدوار 125، جڏهن تہ هن 90 ووٽ حاصل ڪيا. جنوري 1965ع ۾ ڀرڳڙي صاحب شھدادڪوٽ ۾ مادر ملت فاطمہ جناح جو پولنگ انچارج رهيو. جتان صدر ايوب خان 36 ۽ محترمہ فاطمه جناح 27 ووٽ حاصل ڪيا هئا .
ڀرڳڙي صاحب 1976ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي دعوت تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو. پوءِ سندس قابليت کي ڏسندي کيس ” ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻو افيئرس “ جو انچارج بڻائي وزيراعظم هائوس المرتضيٰ ۾ دفتر ٺھرائي ڏنو ويو، جتي شھرين جي مسئلن جي حل لاءِ گهڻيون ئي ڪوششون ڪيائين. 1977ع جي چونڊن ۾ کيس پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي شھدادڪوٽ مان سنڌ اسيمبليءَ جو بنا مقابلي ميمبر چونڊيو ويو. هو 1977ع ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ٿيو. جنرل ضياءُ الحق جي دور حڪومت ۾ پيپلز پارٽيءَ سان وفاداريءَ سبب پنج ڀيرا گرفتار ٿي جيل ويو. سال 1982ع ۾ پيپلز پارٽيءَ کي الوداع چئي جنرل ضياءُ الحق پاران قائم ڪيل ” مجلس شوريٰ “ جو ميمبر ٿيو. جون 1984ع ۾ کيس روينيو ۽ ثقافت جو صوبائي وزير مقرر ڪيو ويو. جون 1985ع جي غير جماعتي چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ ۾ اميدوار طور بيٺو ، پر سوڀ ماڻي نہ سگهيو. اهڙيءَ طرح 1995ع ۾ محترمہ بينظير ڀٽو جي وفاقي حڪومت ۾ اعزازي ڪنسلٽنٽ مقرر ڪيو ويو. ڀرڳڙي صاحب ” لاڙڪاڻي سٽيزن ڪلب “ جو1977ع کان 1982ع تائين لڳاتار پنج سال صدر رهيو، ان بعد 1982ع کان ڪلب جو سرپرست اعليٰ رهيو .
1960-1965ع تائين پنج سال سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر رهيو. هن لاڙڪاڻي مان هفتيوار ” انصاف “ اخبار جاري ڪئي. 22 آڪٽوبر 1949ع تي ٻن ڏينھن لاءِ منعقد ٿيندڙ ” آل سنڌ جميعت شعراءِ سنڌ ڪانفرنس “ جو جنرل سيڪريٽري بہ رهيو. هو 9 ، 10 اپريل 1955ع تي منعقد ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس جي استقباليہ ڪميٽيءَ جو چيئرمئن پڻ رهيو .
عبدالغفور ڀرڳڙي، قائد اعظم محمد علي جناح بابت هڪ تحقيقي ڪتاب ” ساٿ ڌڻي سرواڻ “ ( 1994ع ) لکيو آهي . جيڪو هندوستان جي مسلمانن جي حالت بابت تفصيل فراهم ڪري ٿو. سندس هڪ ڪتاب ” زندگيءَ جو سفر “ نالي سان شاهہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر پاران شايع ڪيو ويو، جنھن ۾ هن روميءَ، اقبال ۽ شاهہ لطيف جي ڪلام جو تقابلي جائزو ورتو آهي. هن 1983ع ۽ 1995ع ۾ اقوام متحدہ جي اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي. ڀرڳڙي صاحب انتھائي هوشيار، قانوني ماهر، قرب ۽ اخلاق جو نمونو ۽ قومي جذبي سان سرشار اڳواڻ رهيو آهي. هن لاڙڪاڻي شهر ۽ عوام جي ڀرپور نموني خدمت ڪئي. صاف سٿري سياست جو قائل رهيو ھئو. هن محترمہ بينظير ڀٽو جي خواهش تي شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي زندگيءَ تي هڪ ڪتاب “ Falcon of Pakistan ” پڻ لکيو .
عبدالماجد ڀرڳڙيءَ تي ھي ليک سندس ڪتاب جو ھڪ باب آھي، جيڪو ھتي رکيو پيو وڃي.