سنڌي پورب
1
گَنگا کانءُ گُذرُ، آھي ڪنِين ڪاپَڙينِ جو؛
ڪڏھن لوڪ نہ لَڙيا، سدا تَن سَفرُ؛
آھي نامُ مَشَرُ، اُنهن اڌوتِين جو.
2
جوڳي آھن جي، گوش گنگا ڏي تَن جو؛
آھِن ڪوڏيا ڪاتَ جا، پُڻ ڪاپَڙي ڪي؛
سِرُ سنباھِن سي، جنين ناتو ناٿَ سان.
3
جوڳِي جال ڏٺامَ، پر ڪو ڪو لَڀي ڪاپڙي؛
ھي ويھي وستِن ۾ ويا، ھو نہ لوڪِ لَڙيامَ؛
تنين ڪاڻ ٿِيام، ھَي ھَي ھِھڙا حالَڙا.
4
جوڳِي جالَ ٻُجهَن، پر ڪونہ لھان ڪو ڪاپڙي؛
تن ڳُڻن ڀَريَن جِيون ڳالهڙيون، ٿيون سچل ساهَ سُجَهن؛
لوڪِ نہ ٻئي لُجهنِ، بِگَر نالي ناٿَ جي.
5
جوڳن اوري جُوءِ، جي لوڪان لعل لِڪي ويا؛
لاھوتِي لنگهي وڃِي، حُر پيا ۾ ھُوءِ؛
راسِخَ روبروءِ، وڃِي ٿيڙا ناٿَ جي.
6
جوڳِي آھن جالَ، پر لاھوتِي لنگهي ويا؛
ھي مِڻ مِڻ ڪَنِ مَڻِيَن سين، ھو کڙا مٿي خيالَ؛
سي لانگوٽيا لالَ، ڀينَر ڀاڳِ ملن مون.
7
لوڪين لاھوتِي، ڪنھين پَر نہ پِرڀِيا؛
سي پنھنجي رکِي پور ويا، سالِڪَ ثابوتِي؛
اُھي اڌيءَ آڌؤتِي، نانگا ويَڙم نِڪري.
8
ڪري لنگهيا لوڪَ مؤن، لاھوتِي لوڙا؛
گهوڙا ڙي گهوڙا، جو مون من مستانو ٿيو.
9
پُورب ڇَڏي پوءِ، آڌوتِي اَڳي ٿيا؛
ويا اُڪنڊيا اَڳنان، نہ ڪنھن لَڙيا لوءِ؛
رِجائي رتُ روءِ، ويٺي واٽَڙيَن تي.
10
جوڳي جالَؤن جالَ، پر لاھوتِي لنگهي ويا؛
ھو ھلي ويَڙا حالَ ۾، ھي قابو مٿي قالَ؛
ھَي ھَي مُنھنجي حالَ، جو حالُ نہ پيو ھَٿِ مُون.
11
جوڳِن ھِت جايون، جي ھُنَ لوءِ لِڪي ويا؛
تپش تيش تَن کي، وڃَن لاھوتِي لايُون؛
ووءِ ووءِ واتِ وِجهي ويا، وَيراڳي وايُون؛
آڌُوتِن آيُون، خَبران ڪاتِي ڪُسَڻ جِيون.
12
جوڳِن آھ نہ جنگِ، ھِن سُلوڪِي سڀَ سان؛
جيجان ھن جھانَ ۾، ھِن طُريلا تَنگِ؛
ڪنھن جي رتا رنگِ، ماڻِڪ مُنھن مَشعلان.
13
لاھوتِي ھِنَ لوءِ، آيلِ آھن اَڄُ ڀِي؛
ووءِ ووءِ اڃان پَوندِي، پوربيَن جِي پوءِ؛
اِنِ ڪاپَڙيَن کي ڪوءِ، سَڳَر مَنجهہ صَحِي ڪري.
14
لاھوتِي مَون لوڪَ، ٿورا ڪري لنگهيا؛
سدا سامِيَڙن تي، محبتَ وسي موڪ؛
سي زائِر منجهوُن ذوقَ، ڪَنڌُ ڏيَن ٿا ڪاتَ تي.
15
ڪاپَڙِي مون ڪالَهہ، اڃان ڏٺا ڏيھَ ۾؛
ھَي ھَي منھنجي حالَ، جو ساڻن ٿِيَسِ نہ سنگتِي.
16
ھُو جي ڏٺا ڏيھِ، ڪالهہ اَڃا مون ڪاپَڙي؛
سي اَڄُ لنگهيا لوءِ مون، دانھَ ڇَڏي ديھِ؛
ھاريُون ھُوءِ ھَڏيھِ، موٽَن ڪِين مَڪانَ تي.
17
پُورب پَنڌُ نہ آھ، ڪڏھن ڪاپڙيَن کي؛
جِت ماڻهو ميڙاڪو ٿئي، سا جُوٺي جوڳين جاءِ؛
سامِي سِرَ سواءِ، سودو ڪن نہ ڪو ٻيو.
18
پُورب آھ نہ پَنڌُ، ڪڏنھن ڪاپَڙيَن کي؛
سي ڏيندا ويراڳي وڃِي، ڪاتَنِ مٿي ڪَنڌَ؛
ھوءِ سَندنِ ھَنڌُ، جو لُڙ گڏجِي لَعل ٿِيا.
19
پُورب رکِي پيرُ، ڪَن پُڇَ پَراھين پنڌَ جِي؛
ٻيو ڪو وڃي اتھِين، ڪاپَڙين ريءَ ڪيرُ؛
جنھن کي ڦِڪَلُ نہ ڦيرُ، ڪنڌُ ڏيندو سو ڪاتَ تي.
20
پُورب پنڌ نہ ڪن، ڪنھين ويلي ڪاپَڙي؛
ڪوڏِ ڪَپائڻ ڪنڌَ جو، توڙؤن آھي تَن؛
سچل سدا سامهون، آڏي آڌوتَن؛
سي وڃِي ڪاتِ ڏينِ، گَردنون کنيو غار ۾.
21
جاڏي پُورب پنڌُ، تاڏي آءٌ نہ وڃڻو؛
ھي ھِنن جو ھنڌُ، منھنجو ھنڌُ ھِنگلاج ۾.
22
پُورب پُڇيائون، پَر پيرُ رکيائون پَرنان؛
اوريان پَريان پنڌڙا، سي لَس لنگهيائون؛
اِئين اُتيائون، تہ گُرَ اَسين نہ گَڏيا.
23
پُورب کانءُ پري، نانگَنِ نظر آھ تا؛
نِگھَ وجهن ناٿَ تي، پِرڀَون پير ڀَري؛
مَنجهؤن ذوق ذري، گُرَ گَڏيا وڃِي گودڙيا.
24
پُورب پَير ڌرن، ڪن وِڇَٽَ پارھين پنڌ؛
تي؛ قدم رکي ڪاتَ تي، ڪنڌُ قربان ڪَرن؛
ڪوڏؤن ڪاپَڙن، سچل سِر صدقي ڪيو.
25
مٿي ڪاتَ قَدمُ، ڪاڪيون ڪاپَڙيَن جو؛
سنسو ميٽي سروپ ۾، سچل ٿيا سي سَمُ؛
سدا ساميڙن جو، دَمامين سان دَمُ؛
آديسِي عَدمُ، ٿيا نالي اَندر ناٿَ جي.
26
ويا ھَتَؤن ويھِي، اَڃا ڪالهہ ڪالهوڻي ڪاپڙي؛
آيل آڌوتِن جِي، ڳالهہ ڪريان ڪيھِي؛
سچل ساري سڪ مان، گاروڙي گيھي؛
پُوربَ ۾ پيھِي، وڃِي واصِل ٿيا وصالَ کي.
27
ھَي ھَي ڪالَهہ ھِتاءُ، اَڃان لاھوتِي لنگهيا؛
ڪونَ وڃَڻ جو مون ڏنو، سامِيڙَنِ سَماءُ؛
تا ڪو پَوي پِرڀاءُ، مَن لاھوتِن جو لوءِ مَؤن.
28
ويا لاھوتِي لالَ، لورا ڪري لوءِ مَؤن؛
ڳالهہ نہ ڳَرھَڻ جَھڙي، مگر مُنھن مَشعال؛
ھَي ھَي ھِھڙي حالَ، ساريون سي سَڌَ مَران.
29
جو پَنڌُ جوڳِيڙن جو، سو آڌوتِن آجاءِ؛
گنگا ۽ گرنار ڏي، جوڳن پَنڌُ جُڳاءِ؛
پنڌُ اُنھِين کَؤن پَرنان، آڌوتِن کي آءِ؛
تان تان ٿِين نہ جاءِ، جان جان ريجَهنِ نہ رامَ سان.
30
ڪوڙين قربانِي، آءٌ تا ڪاپَڙيَن تَؤن؛
ڏيئي ويا جي ڏيل کي، ھَي ھَي حيرانِي؛
ماريون مِھمانِي، آءٌ تا سِرُ ڪَرينديس صَدقو.
31
ڪري لورا لنگهيا، ھَي آڌوتِي اَڄُ؛
مون ھَئون اَمان ڀَڄ، جو آءٌ بہ وينديَس اَن سين.
ڪافي 1
آءٌ ڪوڙين ٿيان قُربان، جوڳِيڙن جي جات تَؤن!
ڪاڪيون ڪاپَڙيَن جو، ڏاڍو آھي مون اَرمان.
آيل آڌوتِن جو، آھي گنگا ۾ گذران.
نانگن سَندي ڳالهڙي، ھِت پورب ۾ پَروان.
سچو ناٿ نِھارينٖ ڇو ٿو، ٻئي ھنڌِ ٿي تُون مِھمان.
ڪافي 2
ساڳِي مون تا سڃاتو،
اُھو جيڏيون يار منھنجو!
اَصل لاڪَؤن آھي انهيءَ سان، ھن نماڻِيءَ جو ناتو.
تہ ڪو ٿي ڪري جوڳِي اِيندم، ڄاڻُ نہ ھِيئن مُون ڄاتو.
ڏسِي صورتَ ساري سُھڻِي، عشق اُنھيءَ سان مون لاتو.
ھِيءَ نماڻِي عيبَنِ ھاڻِي، پيچ پاڻهي تَن پاتو.
سَھَو سچو ري ڏسي اَسان جي، چِتُ نہ دلبر چاتو.
ڪافي 3
جِيجان زلفن واري،
اُنهيءَ ساميءَ مَن موھيو!
باہ بِره جِي اَندر اَسان جي، ويو سو ٻَھڳَڻ ٻاري.
ھِجر فراق ڀِي وو يار اسان کي، ڪُوڪان ٿو ھِت ڪاري.
جوڳِي ڪِيَڙوُ جيءُ اسان جو، مونجهہ اُھو ٿو ماري.
اَچڻ سنديون يار اوھان جون، سچُو واٽان نِت نِھاري.
ڪافي 4
ماري ويو ڪالهہ رات،
سونھن ڀريو سو تا ساميَڙو!
راتو ڏينھان روح کي، طَلبَ تَنھن جي تات.
ڪينَ سُڃاتم سرتيون، تا ڪھڙي آھي ذات.
سور نہ جهلڻ جَھڙو، ھاريون ڙي ھيھات.
اَٺئي پھر تنھن جِي وائِي، سَچوءَ کي آھي وات.
ڪافي 5
جو ھوم ورونھن وارو،
جيجان گڏيم سو تا جوڳِيَڙو!
اَڳينءَ پوئِينءَ ڳالهہ جو، خيالُ سَليائين سارو.
سُورن جي سوغات سان، آيو اوڏانھُن وڻجارو.
پَسڻ سان پيدا ٿيو، سيني مَنجهہ ستارو.
صورتَ تنھن جِي سڦرِي، مَشعل مُنھن موچارو.
جُڙِي ويٺو جان ۾، بِرھ اُنهيءَ جو بارو.
آھي سچوءَ جو سرتيون، اِھو اکين جو اُجارو.
ڪافي 6
ڪھڙي ڳالِهيؤن يارَ، ڪِيتُئِي بيراگِي اسان کي!
درد منديءَ جي دل تي، باري چاڙھيئي بار.
اَصل کَون آرام وڃايا، جانِي تنھنجي جار.
مون کي يار جدائِيءَ ماريو، آءٌ روئان زارو زار.
ڪيئِي داناءَ ديوانا ڪِيَڙا، تنھنجي حُسن ھزار.
غمزي ساڻُ غلام ڪياسي، سچو ري سردار.
ڪافي 7
ھَي ھَي ھِن حالَ وي،
سَڳَر ٿيس نہ سامِيڙن جيٖ!
منھنجو آھي ڪم ڪاپڙين ۾، نا تہ جوڳِي آھن جال.
ويمَ ويساھي نڪري، اُھي رات لانگوٽيا لالَ.
ڳوليان ڦوليان واٽڙين تي، جي ڪُھِي ويَڙم ڪالهہ.
ڪاتَ اُتي ڪَنڌ آڻ ڪَپاوڻ، لاھي جيءَ جنجالَ.
منجهہ گوداوريءَ من گڏجن، جن جا خواب خيالَ.
راتو ڏينھان آھي ھوتن جِي، سچوءَ ساهَ سنڀالَ.
ڪافي 8
اُڏر پَکيڙا پار پرينءَ جي، خبر مون آڻي ڏئين، لا!
ڪِين ڏٺئِي سي سُپرين، واٽ تا ڪنھن ٻيءَ وئين.
پاڙي ويھي پِرين جي، وڃِي تون واقف ٿِئين.
سُڌ سڀائِي مون ڏئين، جڏھن پاڻِي اَکين جو پئين.
سوز سچوءَ جو پاڻَ سان، ادا ڙي نازڪ نِئين.
ڪافي 9
عاشِقُ ڪِيتُئِي اُداسِي، وھواه ڳالهہ خاصِي!
روز ازل کؤن لؤن لؤن منھنجي، واءَ ورہَ جي واسِي.
دِلڙي اسان جي سُھڻا سائين، پھريون ڪِيَئي پياسِي.
ھيڏي ھوڏي ڪين وياسي، باسَ اِھا اَسان باسِي.
بيخوديءَ مون باغ بھاران، خوديءَ کانءُ خلاصِي.
بِره آنجيٖ ڪيو بيراڳِي، سچو رنگ سنياسِي.