ڪلياڻ آڏواڻي صاحب جي ترتيب ڏنل شاھ جي رسالي جا انگ اکر
شاھ جو رسالو، سنڌي ٻوليءَ جي انجڻڪاريءَ ۾ لفظي ڇيد جي اک سان
تحقيق: امر فياض ٻرڙو ۽ شبير ڪنڀار
پس منظر:
اھا ڳالهہ ڪيترن ڏينھن کان اسان جي اندر ۾ ھُرندي ھئي تہ شاه جي رسالي جو مڪمل طور سائنسي لحاظ کان اکري ۽ لفظي ڇيد ڪجي، تہ جيئن اھا خبر پئجي سگهجي تہ رسالي ۾ ڪيترا اکر ۽ لفظ آھن. يا وري انھن اکرن ۽ لفظن جو ورجاءُ ڪيترا ڀيرا ٿيل آھي. مقصد اهو تہ جيئن انهيءَ ڳاڻيٽي تي سنڌي ٻوليءَ سان گڏ انگريزيءَ ۾ بہ ھڪ جامع لغت تيار ڪري سگهجي، جنھن ۾ انھن لفظن جي استعمال ۽ انھن جي تُز معنا آسانيءَ سان نڪري سگهي. ان وچ ۾ اينڊرائيڊ فونن جي ڪيبورڊ ٺاھيندڙ جڳ مشھور ڪمپني سويفٽ ڪي (SwiftKey) وارن سان پڻ ڳالهہ ٻولهہ ٿيندي رھي تہ جيئن اھي دنيا جي ٻين ٻولين جي قطار ۾ سنڌي ٻولي کي بہ آڻين، ان لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي تاڃي پيٽي بابت اسان پنھنجون ٽيڪنيڪل خذمتون آڇيون تہ ھنن ان ڳالهہ کي قبول ڪيو، ان کان پوءِ اسان سنڌي ٻوليءَ جي ڪارپس تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ساڳئي وقت پروگرامنگ ۾ سنڌي ٻوليءَ جا عام جملا، چوڻيون ۽ پھاڪن سان گڏ اسان کي سنڌي ٻوليءَ جي ڊڪشنري بہ داخل ڪرڻي ھئي جو اچانڪ ذھن ۾ خيال اڀريو تہ ڇونہ شاھ جو رسالو ڪيبورڊ ۾ داخل ڪجي، سو ائين شاھ جي رسالي جي اکري ۽ لفظي ترتيب تي پروگرامنگ ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيوسين. نيٺ گهڻي محنت کان پوءِ ”شاھ جي رسالي “ کي مڪمل طور تي جاوا پروگرامنگ ۾ اھڙو ڪرڻ جي قابل بڻائي وياسين جو بيت جي ھڪ لفظ لکڻ سان مٿيان لفظ پاڻمرادو اچڻ لڳا.
ھڪ اھم مقصد ٻيو بہ رھيو تہ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪمپيوٽر تي موجود فقط ھڪ ڪيبورڊ آھي، جيڪو ھڪ عام رواجي ٽائيپ ڪندڙ جون گهرجون تہ پوريون ڪري سگهي ٿو، پر جڏھن ان تي ھڪ ڊولپر يا آرڪيٽيڪچر ويھن تہ ھوند ان لاءِ ان کي وڏي محنت ڪرڻي پوندي، ان سان گڏ سڀاڻي جيڪڏھن ”شاھ جو گنج“ ڪمپوز ٿئي تہ ان لاءَ بہ ھي مروج ڪيبورڊ ڏکيو ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ ھي ڪيبورڊ انگريزيءَ جي (QWERTY) اکرن لاءِ تہ صحيح آھي پر شاھ جو رسالو سنڌيءَ ۾ ٽائيپ ڪرڻ لاءِ بلڪل موزون نہ ٿو لڳي، انڪري محنت ڪري تحقيقي حساب سان اھو معلوم ڪرڻ ضروري هو، تہ شاھ جي رسالي ۾ گهڻي کان گهڻا استعمال ڪيل ڪھڙا اکر آھن، تہ جيئن ان جي روشني ۾ انهن اکرن جي حساب سان ھڪ جدا ڪيبورڊ تيار ڪيو وڃي.
ياد رھي تہ ھن قسم جو ڪم جڳ مشھور شاعر ۽ ڊرامانويس وليم شيڪسپيئر تي اڳ ۾ ئي ٿيل آھي، جنھن ۾ انگريزي نقادن ۽ محققن شيڪسپيئر لاءِ انگ اکر ڪڍي ٻڌايو ھئو تہ ھن صاحب پنھنجي ڪُل ادبي پورھيي ۾ 31534 انگريزيءَ جا لفظ استعمال ڪيا آھن، جن ۾ مفرد لفظن جو تعداد 14376 آھي. (حوالو: ڪوٽڪي آرگ)
ان ڳالهہ کي سامهون رکي جيڪو رسالو ڪمپيوٽيشنل وچور ھيٺ رکڻ لاءِ چونڊيو ويو،اهو محترم ڪلياڻ بولچند آڏواڻيءَ صاحب جو هو، جيڪو ھن ويب سائيٽ تي رکيل آھي. هتي ھيءَ ڳالهہ ذھن ۾ ھجي تہ ھيءَ تحقيق فقط ھڪ رسالي تي مشتمل آھي، جيڪا تجربي طور ڪئي پئي وڃي. ٻين رسالن ۾ شامل بيت جيڪڏھن شامل ڪيا وڃن تہ بہ انھن جي ڪارپس ۾ ڪُل لفظن ۽ اکرن جو تعداد تہ وڌندو پر انھن جي نسبت ذري گهٽ ساڳي ئي رھندي.
ڪارپس ترتيب ڏيڻ جو طريقو:
شاھ سائينءَ جي رسالي جو ڪارپس مڪمل ڪرڻ لاءِ جيڪو طريقو استعمال ڪيو ويو، ان جو تفصيل ھن طرح آھي:
سڀ کان پھريان سڄي رسالي مان سُرن جا نالا، فصلن جا نمبر ۽ وائيءَ يا بيتن جا نمبر جدا ڪيا ويا، ڇاڪاڻ تہ اھي سرڪار ڀٽائيءَ طئي نہ ڪيا ھئا.
رسالي جو لفظي ڊيٽابيس ٺاھي سڄي رسالي جي لفظن کي لسٽ جي شڪل ۾ آندو ويو، تنھن بعد مفرد لفظ جدا ڪري انھن جي ورجاءَ جو ڳاڻيٽو ڪڍيو ويو تہ جيئن خبر پئجي سگهي تہ ڪھڙو لفظ رسالي ۾ ڪيترا ڀيرا استعمال ٿيو آھي. ان لسٽ واري ڊيٽابيس کي جدا ڪري وري اکرن جو ڇيد بلڪل ساڳي صورت ۾ ڪيو ويو، جيئن لفظن جيان اکرن جو بہ ڇيد نڪري سگهي.
اکرن جي بنياد تي جدا لسٽ ٺاھي وئي تہ ڪھڙو اکر ڪيترا ڀيرا استعمال ٿيو آھي.
سڄي رسالي جي لفظن ۽ اکرن کي فلٽر واري پروگرام ۾ ھلائڻ لاءِ جدا پروگرامنگ ڪئي وئي، جيڪا ڪنھن خاص لفظ يا اکر جي ترتيب ۽ ڳاڻيٽو ٻڌائڻ لاءِ مددگاري ٽول طور ڪم ڏيڻ لڳي.
ان حساب سان ڪمپيوٽر جي پروگرامنگ، اسان کي جيڪا بہ معلومات گهربل ھئي، اها هڪ پل ۾ ڪڍي ڏيئي اچي، اسان جي سامهون بيھي رھي. مثال اسان کي اھو معلوم ڪرڻو هجي تہ رسالي ۾ ”ث“ اکر ڪيترا ڀيرا استعمال ٿيل آھي، يا اکر ”ث“ سان شروع ٿيندڙ ڪھڙا بيت ۽ ڪيترا ڀيرا آيا آھن، يا اکر ”ث“ آخر ۾ استعمال ٿيندڙ ڪھڙا لفظ ۽ ڪيترا ڀيرا آيا آھن، يا وري سموري رسالي ۾ ”ث“ ڪيترا ڀيرا استعمال ٿيل آھي، تہ اھو سڀ ڪجهہ ھڪ پل ۾ معلوم ڪري سگهجي ٿو. ساڳئي لفظن جي ڳاڻيٽي ۽ ورجاءَ جو انگ بہ ڪڍيو ويو، جنھن جي ڪري اسان کي شاھ جي رسالي جو سڄو ڪارپس ڪمپيوٽيشنل سرشتي جي ڪري ترت نہ فقط آڏو اچي، ويو پر ان جي ترتيب ۽ بيھڪن جي بہ خبر پئجي وئي.
ٿلهي ليکي جيڪا ابتدائي ڄاڻ ملي ان حساب سان سڄي رسالي ۾ لفظن ۽ اکرن جي ھن طرح سان ڳاڻيٽو ظاهر ٿيو:
سُرن جو ڳاڻيٽو
لفظن جو ڳاڻيٽو
بيتن جو ڳاڻيٽو
مفرد لفظن جو ڳاڻيٽو
واين جو ڳاڻيٽو
اکرن جو ڳاڻيٽو
سڀ کان وڌيڪ ڪتب ايندڙ لفظ
نہ
736 ڀيرا
سڀ کان وڌيڪ اکر سان شروع ٿيندڙ لفظ
س
1183 ڀيرا
ھاڻي وري لفظي ڳاڻاٽي ۽ ورجاءَ کي جاچيو ويو تہ جيئن اھا خبر پئي تہ ڀٽائي صاحب ڪھڙا لفظ سڀ کان گهڻا استعمال ڪيا آھن، ان سان گڏ اھو بہ معلوم ٿيو سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ جي حساب سان ڪھڙا اکر سڀ کان وڌيڪ ۽ سڀ کان گهٽ استعمال ڪيا آھن.
لفظي عدد کي حاصل ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو احتياط ڪيو ويو، تہ جيئن اعرابن سميت نہ رڳو لفظن جي صحيح انگ تائين پھچي سگهجي، بلڪ انھن سڀني لفظن جي ھڪ ٻي جامع لغت انگريزيءَ ۽ سوليءَ سنڌيءَ ۾ ٺاھي سگهجي، مقصد اهو تہ جيئن رسالي جي پڙھندڙن کي هڪ ئي وقت معنا ۽ تشريح بہ ملي سگهي. ھيءَ مفرد لفظن جي لسٽ جيڪا 11996 لفظن تي مشتمل آھي، اھا سموري تہ ھتي نٿي ڏيئي سگهجي، ھا پر سڀ کان پھريان انھن ھڪ سئو لفظن جي لسٽ رکون ٿا جيڪي نمبر وار سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيا آھن ۽ ان سان گڏ سڄي رسالي ۾ سيڪڙي جي حساب سان بہ ٻُڌايو ويو آھي. ڪمپيوٽيشن جي مدد سان اهو بہ معلوم ٿيو آهي، ته پھريان سئو لفظ جيڪي گهڻا استعمال ٿيا آھن، انھن جي لسٽ ھن طرح آھي:
نمبر | مفرد لفظ | ورجاءُ | سيڪڙو | نمبر | مفرد لفظ | ورجاءُ | سيڪڙو |
---|---|---|---|---|---|---|---|
1 | نہ | 736 | 2.162 | 51 | پوءِ | 50 | 0.1469 |
2 | ۾ | 617 | 1.8125 | 52 | مون | 49 | 0.1439 |
3 | جي | 581 | 1.7067 | 53 | سُپِرِين | 49 | 0.1439 |
4 | کي | 447 | 1.3131 | 54 | ھوتَ | 46 | 0.1351 |
5 | جو | 393 | 1.1545 | 55 | پَرِ | 46 | 0.1351 |
6 | سين | 320 | 0.94 | 56 | جُون | 45 | 0.1322 |
7 | جا | 244 | 0.7168 | 57 | مُنھن | 45 | 0.1322 |
8 | تہ | 240 | 0.705 | 58 | راتِ | 44 | 0.1293 |
9 | مَ | 235 | 0.6903 | 59 | رِءَ | 44 | 0.1293 |
10 | مُون | 206 | 0.6051 | 60 | پِرِين | 44 | 0.1293 |
11 | جِي | 173 | 0.5082 | 61 | آئُون | 43 | 0.1263 |
12 | سي | 139 | 0.4083 | 62 | اَڄُ | 43 | 0.1263 |
13 | تان | 137 | 0.4024 | 63 | سَڀِ | 43 | 0.1263 |
14 | چئي | 124 | 0.3643 | 64 | جنھن | 42 | 0.1234 |
15 | تو | 116 | 0.3408 | 65 | پِرِينءَ | 41 | 0.1204 |
16 | تُون | 102 | 0.2996 | 66 | ٿي | 40 | 0.1175 |
17 | تي | 101 | 0.2967 | 67 | پُنهونءَ | 40 | 0.1175 |
18 | ڪَري | 94 | 0.2761 | 68 | مَنجهان | 40 | 0.1175 |
19 | لَطِيفُ | 91 | 0.2673 | 69 | جِتِ | 39 | 0.1146 |
20 | ڪِي | 89 | 0.2614 | 70 | ڪيو | 38 | 0.1116 |
21 | سو | 88 | 0.2585 | 71 | مان | 37 | 0.1087 |
22 | ٿِيا | 83 | 0.2438 | 72 | مَنجِهہ | 37 | 0.1087 |
23 | ڏي | 77 | 0.2262 | 73 | سَسُئِي | 37 | 0.1087 |
24 | ڀري | 75 | 0.2203 | 74 | ناھ | 36 | 0.1058 |
25 | ٿِيو | 72 | 0.2115 | 75 | ٿو | 36 | 0.1058 |
26 | سا | 72 | 0.2115 | 76 | ڄامَ | 35 | 0.1028 |
27 | جِئَن | 72 | 0.2115 | 77 | پاسي | 35 | 0.1028 |
28 | ڪري | 71 | 0.2086 | 78 | پاڻُ | 35 | 0.1028 |
29 | ڪا | 70 | 0.2056 | 79 | وَرُ | 33 | 0.0969 |
30 | پاڻَ | 67 | 0.1968 | 80 | ڪَنھن | 32 | 0.094 |
31 | ڪِينَ | 67 | 0.1968 | 81 | ھو | 32 | 0.094 |
32 | تن | 66 | 0.1939 | 82 | مَتان | 31 | 0.0911 |
33 | ئِي | 65 | 0.1909 | 83 | پڻ | 31 | 0.0911 |
34 | تون | 65 | 0.1909 | 84 | مُنڌَ | 31 | 0.0911 |
35 | ۽ | 63 | 0.1851 | 85 | ڏيئِي | 31 | 0.0911 |
36 | جن | 63 | 0.1851 | 86 | کان | 31 | 0.0911 |
37 | ڪو | 63 | 0.1851 | 87 | آءُ | 31 | 0.0911 |
38 | اُنِ | 62 | 0.1821 | 88 | ڏُونگَـرَ | 30 | 0.0881 |
39 | ڪَيو | 62 | 0.1821 | 89 | تِنِ | 30 | 0.0881 |
40 | آھي | 61 | 0.1792 | 90 | آيو | 30 | 0.0881 |
41 | ٿِئي | 58 | 0.1704 | 91 | پَسِي | 29 | 0.0852 |
42 | ساڻُ | 58 | 0.1704 | 92 | ھڏِ | 29 | 0.0852 |
43 | ڪي | 56 | 0.1645 | 93 | سُورَ | 29 | 0.0852 |
44 | وِيا | 56 | 0.1645 | 94 | تَنھن | 29 | 0.0852 |
45 | ري | 55 | 0.1616 | 95 | ڏِينھن | 29 | 0.0852 |
46 | مَٿي | 54 | 0.1586 | 96 | وَٽِ | 29 | 0.0852 |
47 | ڪَنِ | 54 | 0.1586 | 97 | مانَ | 29 | 0.0852 |
48 | آءٌ | 53 | 0.1557 | 98 | مَنَ | 28 | 0.0823 |
49 | جنِين | 53 | 0.1557 | 99 | اِيُ | 28 | 0.0823 |
50 | جان | 52 | 0.1528 | 100 | جِئن | 28 | 0.0823 |
مٿين ٽيبل ۾ ٻڌايل لفظن جو ڪُل ڳاڻيٽو ھڪ سئو آھي، جيڪي سموري رسالي جو ڇويھ سيڪڙو ٿين ٿا. ھن ٽيبل ۾ لطيف سائين جي شاعريءَ واريءَ ٻوليءَ جو اھو بہ معيار ملي ٿو تہ لطيف سائين جو ڪوبہ بيت جيڪڏھن کڻجي تہ ان ۾ مٿين لفظن مان ضرور ڪجهہ لفظ موجود ھوندا. ڇاڪاڻ تہ مجموعي طور تي سنڌي ٻوليءَ جا مٿيان لفظ اڪثر استعمال ٿين ٿا، جيڪي گهڻو ڪري ضمير، صفت، فعل ۽ حرف جر آھن.
ھاڻي وري جيڪڏھن اکري ڳاڻيٽي تي اچجي ٿو تہ سڄي رسالي ۾ ڀٽائي صاحب پنھنجي شاعريءَ ۾ 165954 اکر استعمال ڪيا آھن ۽ الف ب ت وار جيڪا ترتيب ملي ٿي تہ رسالي ۾ ڪھڙا اکر وڌ کان وڌ ۽ گهٽ کان گهٽ استعمال ٿيا آھن انھن اکرن جي ترتيب وار لسٽ ھن طرح آھي.الف ب ت وار ھن لسٽ ۾ اسان پاڻ اھڙا اکر ڪڍيا آھن، جيڪي سنڌي الفابيٽ ۾ شامل نہ آھن، مثال طور واوَ مٿان حمزو، اڀي زبر وار واري ي، ۽ ” ہٗ “ جيڪي الفابيٽ ۾ نہ ھجڻ ڪري پرگرامنگ کي ٽوڙين پيا. بھرحال ان ھوندي بہ انھن جو انگ ھيٺينءَ ريت آھي:
نمبر | اکر | ورجاءُ | سيڪڙو |
1 | ؤ | 64 | 0.05 |
2 | ى | 12 | 1.01 |
3 | ہٗ | 11 | 0.01 |
مٿين درج ڪيل لسٽن ۾ اسان کي جيڪي نتيجا ملي رھيا آھن، انھن ۾ اھا پروڙ سولائيءَ سان پئجي سگهي ٿي ته ڪلياڻ آڏواڻيءَ واري ترتيب ڏنل رسالي ۾ ان وقت استعمال ٿيندڙ سادا سنڌي آواز ۽ لفظ وڌ کان وڌ استعمال ٿيا آھن، جڏھن تہ عربيءَ ۽ فارسي ٻوليءَ جي آوازن کي تمام گهٽ اھميت آھي. مثال اوھان اکرن واري ورجاءَ جي لسٽ ۾ ڏسندا تہ سڀ کان گهٽ جيڪي اکر ڪلياڻ آڏواڻيءَ واري رسالي ۾ آيا آھن انھن جو نوي سيڪڙو کان بہ وڌيڪ اھڙن اکرن جو انگ آھي جيڪي سنڌيءَ ۾ عربيءَ ٻوليءَ جا داخل ڪيل آھن، جن ۾ ظ، ث، ض، غ، ذ، خ ۽ ص وغيرہ اچي وڃن ٿا. ان جو مطلب اھو ئي نڪري ٿو تہ ھن رسالي ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻاھريان ايندڙ آوازن کي ايڏي توجھ ڏني ئي ڪونهي. وري جيڪڏھن اسان لطيف سائين جي سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ اکرن تي غور ڪريون ٿا تہ اھي اکر جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي بنيادي آوازن ۾ شامل آھن انھن تي لطيف سائين ڪجهہ وڌيڪ ئي زور ڏئي رھيو آھي، جيئن: ي، ن، ا، و، ر، ھ، س، ج، م، ڪ، ت، ل، پ، ڻ، د وغيرہ.
ڪمپيوٽنگ جي مدد سان وري شاھ جي رسالي ۾ استعمال ٿيندڙ سڀني لفظن جي بيھڪن جيئن پھريون، آخري ۽ وچ ۾ ڪھڙا اکر وڌيڪ ۽ گهٽ استعمال ٿيل آھن، تہ جيئن خبر پئجي سگهجي ته شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي لھجي ۽ رديفن ۾ ڪھڙا اکر وڌيڪ آھن تہ سچ ۾ اھو انگ محققن لاءِ وڌيڪ تعجب وارو ملندو.
مثال طور ڀٽائي صاحب جنھن اکر جي ابتدا وارا لفظ سڀ کان وڌيڪ ورجاءَ ڪيا آھن، اھو اکر ”س“ (سِينُ) آھي. ھاڻي ھتي پروفيسر سترامداس سوڀاسنگھ جڙيا سنگهاڻي عرف ”سائل“ جو حوالو ڏيان ٿو، جنھن پنھنجي ھڪ جلدي لغت ۾ سنڌي اکر ”س“ لاءِ لکيو آھي تہ: ”س ھڪ سدورو ۽ سڀاڳو اکر آھي. ھن سان جيڪو بہ لفظ شروع ٿيندو آھي، تنھن جي معنا گهڻو ڪري اڻوڻندڙ ڪانہ آھي. ھن سان انيڪ سٺيءَ معنا وارا لفظ شروع ٿيندا آھن.“ ھاڻي اچون ٿا پاڻ پنھنجي ڪمپيوٽيشنل تحقيق تي جنھن ۾ ”شاھ جي رسالي“ ۾، سرڪار ڀٽائيءَ ”س“ اکر سان شروع ٿيندڙ 1183 لفظن جو ڳاڻيٽو آھي. جنھن مان صاف ظاھر آھي تہ شاھ عبداللطيف ڀٽائي، سونھن، سچ، سِڪ، سُکن، سينگارن جو امين شاعر آھي. ھو جڏھن سُور کي بہ ڳائي ٿو ته سُور کي پيامبر جيان سمجهي ٿو جنھن کان سواءِ سک ملڻ بيڪار آھي.
مٿين نتيجن کي سامهون رکي ھاڻي بيحد ٿڪائيندڙ تحقيق جو وارو آيو، جنھن ۾ شاھ جي رسالي ۾ سڀني اکرن جي بيھڪن جو جدا جدا ڇيد ڪرڻو ھئو تہ جيئن خبر پئجي سگهي تہ شاھ سائينءَ سنڌي ٻوليءَ جي آوازن جا ڪھڙا اکر پھريان، وچ ۾ ۽ آخر ۾ ۽ ڪيترا ڀيرا استعمال ڪيا آھن. ھن ٽيبل جي مدد سان اسان کي اھو نتيجو ملندو ته ڀٽائي صاحب سنڌي آواز (اکر) ۽ ٻاھريان آيل آوازن کي ڪيترو ڀيرو استعمال ڪري ٿو.
نمبر | اکر | اڳيان | پڇاڙي | ڪل استعمال | نمبر | اکر | اڳيان | پڇاڙي | ڪل استعمال |
1 | س | 1183 | 239 | 1788 | 27 | ٿ | 99 | 29 | 249 |
2 | ا | 1136 | 966 | 5430 | 28 | جهہ | 97 | 26 | 257 |
3 | م | 932 | 294 | 1555 | 29 | خ | 86 | 6 | 126 |
4 | پ | 929 | 24 | 1079 | 30 | ش | 80 | 12 | 168 |
5 | ڪ | 876 | 135 | 1428 | 31 | ڌ | 77 | 43 | 283 |
6 | و | 866 | 1064 | 3894 | 32 | ڍ | 63 | 8 | 141 |
7 | ج | 524 | 174 | 1138 | 33 | ف | 57 | 29 | 162 |
8 | ل | 450 | 261 | 1480 | 34 | ص | 54 | 7 | 114 |
9 | ر | 390 | 822 | 3154 | 35 | ٽ | 49 | 111 | 337 |
10 | ت | 377 | 268 | 1032 | 36 | ڄ | 49 | 34 | 199 |
11 | ڏ | 374 | 45 | 678 | 37 | ڦ | 46 | 1 | 51 |
12 | ن | 339 | 2638 | 4520 | 38 | ط | 44 | 5 | 83 |
13 | چ | 330 | 40 | 572 | 39 | ز | 29 | 38 | 133 |
14 | گ | 291 | 63 | 557 | 40 | ي | 24 | 2106 | 5680 |
15 | ٻ | 244 | 7 | 286 | 41 | غ | 22 | 4 | 37 |
16 | ک | 195 | 44 | 524 | 42 | ڊ | 21 | 30 | 95 |
17 | ڀ | 190 | 13 | 330 | 43 | ٺ | 14 | 26 | 179 |
18 | د | 184 | 172 | 942 | 44 | ذ | 8 | 2 | 43 |
19 | ب | 173 | 135 | 596 | 45 | ض | 6 | 6 | 35 |
20 | ھ | 145 | 87 | 941 | 46 | ث | 6 | 5 | 22 |
21 | ڇ | 138 | 11 | 242 | 47 | ظ | 5 | 0 | 15 |
22 | ڳ | 126 | 57 | 386 | 48 | ڙ | 2 | 143 | 930 |
23 | ح | 120 | 28 | 264 | 49 | ڻ | 1 | 343 | 793 |
24 | گهہ | 117 | 12 | 193 | 50 | ء | 0 | 582 | 586 |
25 | ق | 116 | 67 | 261 | 51 | ڃ | 0 | 15 | 114 |
26 | ع | 109 | 13 | 196 | 52 | ڱ | 0 | 9 | 74 |
ڪولمبيا يونيورسٽيءَ ۾ نفسيات جي پروفيسر رابرٽ ڪراس پنھنجي تحقيق ۾ لکيو آھي تہ سادي ٻوليءَ جي ھيٺين ڌارا جي آوازن سان ڳالهائيندڙ ماڻهو، پنھنجي مقصد کي عام ماڻهن وٽ چٽو ۽ صاف ٻڌائڻ ۾ ڪامياب ويندا آھن جڏھن تہ ڌارين آوازن ۽ ڳرن لفظن جي ڪري ھو عارضي طور تي تہ رعب ويھاري سگهن ٿا پر اھي جٽادار مقصد کي ماڻڻ ۾ ناڪام ويندا آھن. (حوالو: ڪولمبيا يونيورسٽي)
ھاڻي جيڪڏھن پروفيسر رابرٽ ڪراس جي نظريي جي اک سان اسان لطيف سائينءَ جي رسالي ۾ ٻوليءَ تي تحقيق ڪريون ٿا ڀٽائي صاحب نفسيات جي ان اصول جو مڪمل طور تي نہ صرف ڄاڻو ھئو پر کيس ڀليءَ ريت خبر بہ ھئي تہ سندس پيغام ڪيئن ۽ ڪھڙي نموني سان گهڻن ماڻهن جي شخصي زندگيءَ کي لاڀائتو ڪرڻ لاءِ ڪم ايندو، انڪري ئي شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ پنھنجي پيغام يعني رسالي ۾ عام فھم ۽ مقامي آوازن ۾ شاعري ڪئي آھي.
اسان آڏواڻي صاحب واري شاھ جي رسالي جو مڪمل اکري ڇيد ڪري پوءِ اھا ڳالهہ سمجهون ٿا تہ شاھ جي ٻولي راھ ڏسڻيءَ جيان لڳي ٿي. تحقيقي مان ثابت ٿيو آھي تہ شاھ صاحب پنھنجي شاعريءَ ۾ ان وقت ڳالهائي ويندڙ سادي سنڌي آوازن وارا اکر سڀ کان وڌيڪ استعمال ڪيا آھن، تہ جيئن سندس پيغام کي نہ رڳو پڙھيل لکيل ماڻهو ئي نہ پر جهنگ جهر ۾ رھندڙ مارو ماڻهو بہ آرام سان سمجهي سگهن.
تت:
اسان سمجهون ٿا تہ شاھ جي رسالي تي اکري ۽ لفظي جيڪڏھن ڪا تحقيق مستقبل ۾ ٿئي جيڪا ضرور ٿيڻي آھي، ان سائنسي بنيادن جي تحقيق ۾ ھي ڪارپس بنيادي طور تي ھڪ نموني طور جيڪڏھن مددگار ٿئي تہ اھا اسان جي لاءِ وڏي سعادت ڀري ڳالهہ ٿيندي.
انڪري ئي اسان پنھنجي تحقيق ۾ شامل ٿيل سڀ انگ اکر، ان سان گڏ شاھ جي رسالي جون ڪمپيوٽنگ ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ جدا جدا شڪليون ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ ھتي رکي رھيا آھيون تہ جيئن ھن ميدان ۾ ڪم ڪندڙ دوستن کي ڪچو مواد ملي سگهي.
(نوٽ: اسان اھو سمجهون ٿا تہ اھو مناسب ضرور لڳندو جو رسالي جي ٽائيپنگ کان ويندي ان جي اکري ۽ لفظي درستگي جن جن بہ ڪئي آھي ۽ پنھنجو نور نچوئي ھي جيڪو پيار جو پورھيو ڪيو آھي انھن جا نالا جيڪڏھن پنھنجي ايندڙ پروگرامن ۾ ورجايو تہ ھوند انھن کي دعائون ملي وينديون.)