انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سنڌي ٻوليءَ جي پھرين ويبسائٽ تي ڀليڪار

مون پھرين سنڌي ويب سائيٽ 2001 ۾ ٺاهي هئي، جيڪا دنيا جي پھرين سنڌي ويب سائيٽ هئي. اڳتي هلي، ان کي بھتر روپ ڏيئي، ڀرڳڙي ڊاٽ ڪام جي روپ ۾ 2004 دنيا جي نظرن سامهون آندي هيم. ان ڏينھن کان 2020 تائين جو سفر هن ويب سائيٽ تي موجود آهي.

منھنجو هر ڏينھن اڄوڪو ئي ڏينھن هوندو آهي ۽ هر ڏينھن مونکي ائين لڳندو آهي تہ ڄڻ اجهو هِن ئي پل مون کان اها هستي جدا ٿي وئي آهي، جنھن جي ڪري زندگي زندگي هئي. هاڻي منھنجي زندگي هڪ طويل انتظار آهي، هن فراق واري دؤر جي ختم ٿيڻ‌ جو، وصل جو! مان ان جي پيار جي ڪري ئي اهو سڀ ڪجهہ ٿي سگهيس جيڪو آهيان، اهو سڀ ڪجهہ ڪري سگهيس جيڪو ڪيم. هي جيڪو اڄ پيش ڪيان پيو ۽ جيڪو بہ آئيندي پيش ڪندس، سو سڀ ارپيم ان محبوب جي اڻمٽ ياد کي.

ڊسمبر 2001 کان جون 2021 تائين سنڌي انسٽالرن، فونٽن، فائيلن ۽ ڪتابن جي ڊائون لوڊنگ جو انگ

سنڌي انسٽال

ايم بي سنڌي انسٽالر جي مدد سان، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مڙني ڪمپيوٽرن / ڪمپيوٽنگ ڊوائسز جي سڀني ”او ايس“ ۾ سنڌي لکڻ ممڪن آھي.

سنڌي فونٽ

ڌڻيءَ جي مھربانيءَ سان ڪمپيوٽر تي سنڌي فونٽ ججهي مقدار ۾ موجود آهن. جيڪي هتي ڊائونلوڊنگ لاءِ موجود ڪيا ويا آھن. پنھنجي پسند موجب فونٽ چونڊيو.

ايم بي سنڌي ايس ڪي 2.0

(نئون ورزين)

جيئن تہ اوھان سڀني مھربان دوستن کي خبر آھي تہ: يونيڪوڊ ڪنسورشيم پاران اکرن جي ڪوڊنگ جي تازي جاري ڪيل ورزين (12.0 مارچ 2019) ۾ سنڌي ٻوليءَ جا سڀ اکر، علامتون وغيرہ ھاڻي مڪمل طور تي شامل ٿي چڪا آھن. تنھنڪري انتھائي اھم ضرورت محسوس ٿي تہ اھڙي جديد ڪوڊنگ جي بنياد تحت سنڌي لکڻ پڙھڻ لاءِ ڪم ايندڙ ڪيبورڊ ۽ فونٽن کي بہ تازو توانو ڪجي، تہ جيئن سنڌي ٻوليءَ جي لکت بلڪل تُز ٿئي. انڪري ھاڻي حاضر آھي، ايم بي سنڌيءَ جو تازو ڪيبورڊ ”ايم بي سنڌي ايس ڪي 2.0“ جنھن ۾ ڪتب ايندڙ فونٽن توڙي ڪيبورڊ کي نئوبنو ڪري رکيو ويو آھي. اوھان پنھنجي ڪمپيوٽر مشين تي لڳل آپريٽنگ سسٽم جي حساب سان انسٽالر ڊائونلوڊ ڪري ان کي ڪتب آڻي سگهو ٿا.

ھاڻي هر هنڌ سنڌيءَ ۾ لکو

اوهان جي سھولت لاءِ انٽرنيٽ ۽ ويب تي ورچوئل ويب ڪيبورڊ ترتيب ڏنو ويو آهي، جنھن جي مدد سان ڪنھن بہ سسٽم ۾ سنڌي انسٽال ڪرڻ کان سواءِ بہ توهان انٽرنيٽ جي‌ ويب برائوزر ۾ سنڌي لکي سگهو ٿا. ھي ڪيبورڊ، انٽرنيٽ وسيلي سنڌي لکت لاءِ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو.
ھن ورچوئل ڪيبورڊ جي مدد سان اوھان، ڪنھن بہ پليٽ فارم تان، ڪنھن بہ ڊوائيس تي، ويندي جھاز جي سيٽ اسڪرين تي ئي ھيءَ سائيٽ کولي سنڌي ٻوليءَ ۾ مواد لکي سگهو ٿا. پوءِ اھو ٽيڪسٽ اتان اتاري (ڪاپي ڪري) ڪنھن بہ اي ميل يا ان پٽ وغيرہ ۾ ڪم آڻي سگهو ٿا. گوگل وسيلي سنڌيءَ ۾ ڳولا ڪري سگهو ٿا، فيس بوڪ ۽ ٻين فورمز يا ويب بلاگز تي پنھنجي مٺڙي مادري ٻوليءَ ۾ پنھنجا سنيھا، پنھنجن پيارن کي موڪلي سگهو ٿا.

ڇھڻ واري اسڪرين تي بس هيٺ ڇُھو، ڪمپيوٽر تي هيٺ ڪلڪ ڪري لکڻ شروع ڪريو.