سُندري اُتمچنداڻي

سُندري اُتمچَنداڻي جي ڪھاڻين ۾ ھڪ معياري ڪھاڻيءَ جو سڀيئي خصوصيتون توھان کي نظر اينديون. زندگيءَ جي مسئلن کي مد نظر رکي لکيل سندس ڪھاڻين جا مرڪزي خيال، نھايت ئي سھڻي ۽ پراثر محاوريدار ٻوليءَ سان نڀايل ملندا. سندس ڪھاڻيون پڙھندڙن کي سوچڻ لاءِ مجبور ڪن ٿيون.

ھن جا ڪتاب ھند ۽ سنڌ ۾ ڪافي مقبول ٿيا آھن ۽ سنڌ ۾ به ور ور ڪري پئي ڇپيا آھن. سندس ڪيتريون ئي ڪھاڻيون ھندستان جي ٻين ٻولين ۾ به ترجمو ٿيون آھن. نھرو امن انعام، ساھت اڪادمي انعام، گورو پرسڪار ۽ ٻين ڪيترن ئي انعامن سان سندس ساھتڪ شيوائن جو اقرار ڪيو ويو آھي.

مان  آشا چاند جو شڪرگذار آهيان جنهن مونکي هنن ڪهاڻين کي انٽرنيٽ تي پبلش ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ ان ۾ منهنجي مدد ڪئي ته اهي ڪهاڻيون هنن اليڪٽرانڪ صفحن جي سونهن بڻجن. هي ڪهاڻيون سندس مجموعي ’مُرڪ تي منعُ‘ مان آهن. منهنجي ڪوشش آهي ته مجموعي جو سڀ ڪهاڻيون هتي شائع ڪجن. اميد ته اوهان به انهن کي پڙهي ايترا ئي لطف اندوز ٿيندا جيترو مان ٿيو هيس، يعني بيحد.

majidbhurgri@yahoo.com

سُندري جون ڪهاڻيون