عرض حال

الحمدلله شاه سائين جي رسالي جي انٽرنيٽ ۽ ورلڊ وائِيڊ ويب تي اليڪٽرانڪ اشاعت جو ڪم، جيڪو مون چند مهينا اڳ شروع ڪيو هو، سو ڌڻي جي ٻاجھ، شاه سائين جي روحاني فيض، بزرگن، وڏڙن ۽ گھڻگھرن جي دعائن، ۽ ٻانهن ٻيلين جي همت ۽ محنت سان پايئه تڪميل کي رسيو.
مون اڄ کان سترهن سال اڳ سن 1987ع ۾ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي سلسلي ۾ ڪم شروع ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ پهريون ڀيرو سنڌي ڊيسڪ ٽاپ پبلشنگ وجود ۾ آئي ۽ اخبارون، ڪتاب، رسالا ايپل جي مئڪنٽوش ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ۽ ٽائپسيٽ ٿيڻ لڳا. سال 2001ع ۾ مون سنڌي کي ونڊوز ۾ يونيڪوڊ جي انٽرنيشنل معيار موجب آندو ۽ انهي کي پوءِ مون سنڌي جي انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر تي استعمال ۽ ترويج (واڌاري) لاءِ وِت آهر پئي ڪوشش ورتي آهي. مونکي پنهنجي هن ٻن ڏهاڪن تي محيط ڪوشش ۽ محنت جو ڪجھ اجورو شروع ۾ ان خوشي جي روپ ۾ مليو، جڏهن مون اخبارون ۽ ڪتاب ڪمپيوٽر ذريعي ڪمپوز ٿي شائع ٿيندي ڏٺا. پر مونکي مڪمل اجورو اڄ مليو آهي جڏهن شاه سائين جي رسالي جي انٽرنيٽ تي هي اليڪٽرانڪ اشاعت ممڪن ٿي آهي.
پوين چند مهينن دؤران، شاه سائينءَ جي بيتن جي اينٽري ڪندي، ۽ دوستن جي ڪيل اينٽري جي پروف ريڊنگ ڪندي، مونکي سائينءَ جي ڪلام جي مطالعي جو موقعو مليو. مان ان سعادت جو مُلهه بيان نه ٿو ڪري سگھان. سائينءَ جي ان سٽ، ”جي تو بيت ڀانيا...“، جي لفظي نه بلڪ معنوي مطلب جي هلڪي چاشني جيڪا مون کي چکڻ لاءِ ملي، اها ئي منهنجي محنت جو وڏي ۾ وڏو ثمر آهي. سندن ڪلام دانش ۽ ڏاهپ جو هڪ املھ خزانو آهي ۽ اها اسان جي وڏي بدنصيبي آهي جو ان جي هوندي به اڻهوندا آهيون.
جيئن ته هي اليڪٽرانڪ ايڊيشن ڪلياڻ آڏواڻي جي مرتب ڪيل شاه سائين جي رسالي جي آڌار تي جوڙيو ويو آهي، تنهنڪري ان ۾ سائينءَ جا سڀ بيت شامل نه آهن. انهي ايڊيشن جي استعمال جو مکيه سبب هي هو ته مون وٽ آمريڪا ۾ ٻيو ڪو غلطين کان آجو ڇاپو ڪو نه هو ۽ مون پاڻ ۾ ايتري اهليت ڪانه پئي ڀانئي جو ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب جي مستند ايڊيشن (جيڪو ٻيو واحد ڇاپو مون وٽ هو) جيڪو سنڌ ثقافتي اداري ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ڪري ڇپرايو هو، ان ۾ موجود بيشمار غلطين کي درست ڪري سگھان. ان ڪري مون اهو ئي فيصلو ڪيو ته في الحال مختصر ايڊيشن سان ئي سهي ابتدا ته ڪجي ۽ پوءِ اڳتي هلي ان ۾ واڌارو آڻي سڀ شعر شامل ڪرڻ يا ڪنهن ٻئي مستند ايڊيشن کي انٽرنيٽ تي آڻڻ جي ڪوشش ڪبي.
هن رسالي جي سموري اينٽري اهڙن دوستن ڪئي آهي، جن جو (هڪ يا ٻن کي ڇڏي) پيشو ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ نه آهي. پر انهن ايتري ته محبت ۽ محنت سان اينٽري ڪئي آهي جو غلطين جو امڪان تمام گھٽ رهيو آهي. مون پنهنجي طرفان انهن جي پروف ريڊنگ ۽ غلطين دور ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي آهي، پر ته به غلطين جو امڪان پنهنجي جاءِ ته آهي. ان جا ڪيئي سبب ٿي سگھن ٿا: آڏواڻي صاحب جي غلطي، جنهن ڇاپي کي مون استعمال ڪيو آهي ان جي ڪمپوز ڪرڻ وارڻ جي غلطي، ۽ اينٽري جون اهي غلطيون جيڪي منهنجي نگاه کان رهجي ويون، انهن سڀني جو امڪان ۽ احتمال پنهنجي جاءِ تي موجود آهي. منهنجي سڀني دوستن کي گذارش آهي ته غور سان مطالعو ڪن ۽ جيڪي به چُڪون ۽ غلطيون کين نظر اچن انهن جي نشاندهي ڪن تاڪِ انهن کي درست ڪيو وڃي.
مون هن رسالي جي طباعت لاءِ خاص ٽائپ فيس ترتيب ڏنو آهي جنهن ۾ مون اعرابن ۽ نشانين جي بيهڪ جي لحاظ کان موزونيت تي خصوصي توجه ڏني آهي. پر ان ۾ به اوڻاين جي گنجائش رهي ٿي جن مان ڪي مڪمل طرح سان ته ڪي ڪنهن حد تائين درست ڪري سگھجن ٿيون. ان لاءِ به اوهان دوستن جي راءِ ۽ مشورن جي لاءِ مون کي انتظار رهندو. توهان هن رسالي جا ڪجھ صفحا ليزر پرنٽر تي پرنٽ ڪري ۽ ٽائپ فيس جي باري ۾ پنهنجي رايي کان مطلع فرمائيندا.
هن رسالي جي انٽرنيٽ تي اشاعت هڪ خواب ئي رهي ها جيڪڏهن دوست هن ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي رسالي جي اينٽري جي اينٽري ۾ منهنجي مدد نه ڪن ها. ٽيهن مان ٽي سر مون اينٽر ڪيا، باقي ستاويهه سُر انهن دوستن جي مهرباني سان مڪمل ٿيا. سڀني کان وڌيڪ مان محترم احمد چنڊ صاحب جو ٿورائتو آهيان جنهن رسالي جو تقريباً اڌ حصو اڪيلي سر ڪمپيوٽر تي لکيو. جن ٻين دوستن بنا اجوري جي اهو محبت جو پورهيو ڪيو ۽ جيڪي اسان سڀني جي بيشمار نيڪ تمنائن ۽ بيحساب دعائن جا حقدار آهن سي آهن:
شاهنواز سومرو صاحب
محمد حبيب سنائي صاحب
عبدالرحيم نظاماڻي صاحب
فقير اسلح علي قلباڻي صاحب
عاشق حسين نظاماڻي ۽ رشيد ٻرڙو صاحب
هن رسالي جي مواد کي استعمال ڪرڻ ، ڇاپڻ، ورهائڻ وغيره جي سڀني کي اجازت عام آهي. رڳو ايترو عرض آهي ته جن محبت جو پورهيو ڪري هن رسالي کي ترتيب ڏنو آهي، انهن جا نالا يا ذڪر انهي مان حذف ڪيا يا ڪڍيا نه وڃن، ته جيئن پڙهندڙن وٽان انهن کي اجر دعائن جي صورت ۾ ته ملي.
هڪ ڀيرو وري آءٌ الله پاڪ جو ٿورو ادا ڪرڻ جي مُڏي ڪوشش ٿو ڪيان جنهن جي مرضي کان سواءِ هڪ پن به چُري نه ٿو سگھي ۽ جنهن هي قابل قدر ڪم مون هِيڻي جي نصيب ۾ لکي منهنجي هٿان ڪرايو. ڀٽ جي سائين، جنهن جو ڪلام مون هن ريت دنيا جي هر ڪنڊ ۾ پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، تنهن جي فيض جي شامل حال هجڻ جي اها نشاني آهي ته اهو ڪم ممڪن ٿيو. هن ڪم جي پايه تڪميل تي پهچڻ لاءِ مان پنهنجي والدين جو بيحد شڪرگذار آهيان ڇا لاءِ ته سندن دعائن کان بغير مان ڪجھ به نه آهيان ۽ نه ئي مان ڪجھ ڪري سگھڻ جو اهل آهيان. مان پنهنجي اهليه ۽ پنهنجي ٻارن جو به شڪرگذار آهيان جن منهنجي هر لمحي تي همت افزائي ڪئي ۽ مون کي اهڙو ماحول مهيا ڪيو جنهن ۾ هي سڀ ممڪن بڻيو. مان پنهنجي پٽن عبدالمصور، عبدالباسط ۽ عبدالباري جو ذڪر جيڪڏهن نه ڪيان ته شڪرادائي نامڪمل رهجي ويندي. مان وڏي نصيب ۽ ڀاڳ وارو آهيان جنهن کي الله تعالىٰ اهڙي اولاد عطا فرمائي آهي. منهنجن پٽن مونکي هر قسم جي مالي فڪر ۽ ڳڻتي کان نه رڳو آجوڪيو، بلڪ مون تي بار وڌائون ته ڪا نوڪري ڪرڻ جي بجائي اهو ڪم ڪيان جيڪو منهنجو من ٿو چاهي. جيڪڏهن غم روزگار، نوڪري يا ڪاروبار جا جھميلا هجن ها ته پوءِ به شايد هي ڪم مون کان نه ٿي سگھي ها. ان چوڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي ته انهن اهي سڀ وسائل به مونکي مهيا ڪري ڏنا جيڪي هن ڪم لاءِ گھربل هئا. منهنجي رونئين رونئين مان انهن لاءِ دعا ٿي نڪري.
ناچيز
عبدالماجد ڀرڳڙي
14 نومبر 2004

majidbhurgri@yahoo.com

شاه سائين جو رسالو