سُر سريراڳ

داستان پهريون
1
مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتان لاهِ مَ چَرُ؛
اُنِين جا اَمُرَ، کَڻُ ته خالي نه ٿئين.
2
مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتَ ۾ رکِج چيتُ؛
سِڙهُ ڌُئاري صافُ ڪر، صابُڻَ ساڻ سُپيتُ؛
سامُونڊِي! سُچيتُ، ٿِيُ ته پَهچِين پارَ کي.
3
مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتان لاهِ مَ چورُ؛
ڪَڍِي ڇَڏِ قَلبَ مان، ماري ڪُوڙو ڪورُ؛
هُنَ ڀَرِ سَندو هورُ، مٿان تو معافُ ٿئي.
4
مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چيتاريج چِتُ؛
دائِما دُوربِيءَ ۾، پَسِين وِلاتُن وِتُ؛
نيہُ نيکاري نِتُ، مَلاحَ! گَڏ مُعۡلِمَ سين.
5
ڪايو ڪَمايومِ، موتِي مون نه وَڻجِيا!
سِيهي جو سَيَّدُ چئي، وَکَـرُ وِهايومِ؛
هَهڙو حالُ سندومِ، توهَ تُنهنجي اُبَهان!
6
ڪَچُ ڪَمايومِ ڪوڙُ، ڀَڳَمِ عَهدَ اَللهَ جا!
پِڃِرو جو پاپَنِ جو، سو چوٽِيءَ تائين چُورُ!
مَعلومُ اَٿيئِي مُورُ، ڳُوڙها! اِنهيءَ ڳالھ جو.
7
ڪُوڙُ ڪَمايُءِ ڪَچُ، اُٿي اورِ اَللهَ سين؛
ڪَڍُ تُون دَغا دِل مان، صاحِبَ وڻي سَچُ؛
مُحبتَ سندو مَنَ ۾، ماڻِڪَ! ٻارجِ مَچُ؛
اِنَ پَرِ اُٿِي اَچُ، ته سَودو ٿِـئيئِي سَفَرو.
8
لُڙَ، لَهِريون، لَسَ، ليٽَ، جِتي اَنتُ نه آبَ جو؛
الله! اُتِ مَ اولِئَين، ٻيڙا مَٿي ٻيٽَ؛
جوکو ٿِئي مَ جَهازَ کي، ڦَرَهي اَچي مَ ڦيٽَ؛
لڳي ڪا مَ لَپيٽَ، هِنَ غارِيـبي غُرابَ کي!
9
سِڙهَ سَنوان، لاڄُو نَوان، مُهاڻا سندن مِيرَ؛
ساٿِي سَفَرِ هَليا، ٿِيا سَڻاوا سِيرَ؛
جي اَچَنِ ساڻُ اُڪِيرَ، سي ٻيڙا رَکِين ٻاجَھ سين.
10
منجھان پيئي مَڪُڙِيءَ، ڪا جا پاڻِيءَ بُوند؛
سيئِي ڏِٺم رُوند، وَکَـرُ جِن وِڃائِيو.

وائي
سَهسين شُڪرانا، ڪوڙِيـين ڀالَ ڪَرِيمَ جا.
حَمد چئج حڪيم کي، جورِ هڻِي جانا؛
تو ڏيکاري تو ڌڻِي، باطِنَ جا بانا؛
مَتان، مردَ! وسارئين، صاحبَ جو ثَنا؛
دوستُ رکِي دل ۾، پَڙهَ لالَنُ لِسانا؛
جَفا ڏيئِي جِيَ کي، ٿِيُ فِڪرَ منجھ فَنا؛
تُسِي تو سين توهُ ڪري، مَنَ آگو اَحِسانا؛
ڪَڍُ تُون دَغا دِل مان، ٻانَهپَ سين، ٻانا!
صاحبَ وڻي سَچَ سين، ٿِيُ دانہُ، دِيوانا!
جي تَسلِيمَ سين تَحقِيقُ هئا، سي ڪِئن اَمانا؟
جاڳيا جي جَبارَ لَءِ، سيئِي سَمانا؛
فَاذۡکُـرُونِيۡ، اَذۡکُـرۡکُمۡ، ڪَهِيو قُرآنا؛
وَاشۡکُـرُوۡالِيۡ وَلَا تَکۡفُرُوۡنِ، ڪَڍُ تون ڪُفرانا؛
سَڀِ سَنوريا سُپِرينءَ، ڪُوَلَ تو ڪَنا؛
چَڱِي چئج چاهَ سين، مَدحَ اِيَ مَنا؛
تائِبَ ٿيو تَڪڙا، جوشا، جُوانا!
نه لَهِين تُون لَطِيفُ کان، اَمَنُ اِيمانا.

داستان ٻيو
1
جيڪِي منجِھ جَهانَ، سو تارِيءَ تَڳي تُنهِنجي؛
لُطفَ جِي، لَطِيفُ چَئي، تو وٽ ڪَمِي ڪانَ؛
عَدُلَ ڇُٽان آئُون نه، ڪو ڦيرو ڪَج فَضُلَ جو!
2
سارِي راتِ سُبحانُ، جاڳِي جن ياد ڪيو؛
اُنِ جِيَ، عَبۡدُاللَطِيفُ چئي، مِٽِيءَ لڌو مانُ؛
ڪوڙين ڪَن سَلامُ، آڳَہِ اَچيو اُنِ جي.
3
سيوا ڪَر سمنڊَ جِي، جِت جَرُ وهي ٿو جالَ؛
سَئين وَهَن سِيرَ ۾، ماڻِڪَ، موتِي، لالَ؛
جي ماسو جُڙيئِي مالَ، ته پُوڄارا! پُرِ ٿِئين.
4
سي پُوڄارا پُرِ ٿِيا، سمنڊ سيويو جِنِ؛
آندائُون عَمِيقَ مان، جُوتِي جُواهرنِ؛
لَڌائُون لَطِيفُ چئي، لائُون مان لَهرنِ؛
ڪانهي قِيمتَ تِنِ، مُلھ مَهانگو اُنِ جو.
5
سيوِيو جن سُبحانُ، وِيرِ نه وِڙهي تن سين؛
توبَہَ جي تاثِيرَ سين، تَرِي ويا طوفانُ؛
ڏيئِي تَوَڪَّلَ تَڪِيو، آرُ لَنگِھيا آسانُ؛
ڪامِلُ ڪِشتِيبانُ، وِچَ ۾ گَڏِيُن واهَرُو.
6
سارِي رات سُجانَ، سَودو ڪَن صاحبَ سين؛
ٻانهپَ ڀَري ٻيـڙِيُون، هليا جوپَ جُوانَ؛
پاڻِي پَهلوانَ، لَحظي مَنجِھ لَنگِھي ويا.
7
اِيَ گَتِ غَوّاصَنِ، جِئن سَمنڊُ سوجِھيائُون؛
پيهِي مَنجِھ پاتارَ جي، ماڻِڪَ ميڙيائُون؛
آڻي ڏنائُون، هيرو لال هَٿنِ سين.
8
آڇاڙا عَمِيقَ جا، گَڏيا غَوّاصَنِ؛
جَهرِيُون جھاڳي آئِيا، ڪارُونڀارَ ڪُنَنِ؛
سمنڊُ سوجھي جَنِ، آڻي اَمُلَ اولِيا.
9
ويا جي عَمِيقَ ڏي، مُنهن ڪائو ڏيئِي؛
تِن سِپُون سوجھي ڪَڍيُون، پاتاران پيهِي؛
پَسَندا سيئِي، اَمُلَ اَکَڙِيُنِ سين.
10
آڏو چِڪَڻُ چاڙُ، مُنهنجِي موجَ نه سهي مَڪُڙِي؛
ميڙي مَٺاينِ جو، بيحَدِ چاڙهيمَ بارُ؛
چَوَڻَ چارو ناهِ ڪو، بَديُون بي شُمارُ؛
ڪَپرُ ڪارُونڀارُ، اُڪارِئين اِحسانَ سين.
11
ويرَ مَ لاهي ويہُ، مٿي آرَ اوڙاهَ جي؛
پَسِي پاڙي واريُون، ڪج اَنديشو ايہُ؛
ويندو نه پَسِين ڏيہُ، پَتَڻِ هُن پارِ مَڻي؟
12
هِڪِي ٻانهي چِتَ ۾، ٻِي سِٽِي صاحِبُ؛
ڪَڍي اُونهي ڪُنَ مان، اِي آگي جو عَجَبُ؛
اِيُ سائينءَ جو سَبَبُ، جِئن ٻُڏا اُڪاري ٻارِ مان.
13
هِڪِي ٻانهي چِتَ ۾، ٻِي جا ڪري اَللهُ؛
پاڻَهِين وجھي ڪُنَ ۾، پاڻَهِين اُڪاري اوڙاهُ؛
تنهن واحدَ کي واهُ، جو سُتَڙِ سڀيئي ڪري.

وائي
ڪَنڌِي سارِيان ڪانَ، يا اَمَنُ! اَمانَ!
يا اِلاهِي! ٻاجَھ ٻِلاٽِي ڀانئِيان.
ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناه ڪو، اَپَرِ ٿيا عِصيانَ؛
خَبرَ ناه قَبرَ جِي، نِسورا نِسيانَ؛
والِي! رَسج وَهِلو، اَرَکِ ٿيا اَنسانَ؛
سُڻُ سَٻاجھا سُپرِين، نَعرو نِگهبانَ!
مَدِيُون پَسِي منهنجون، شَرِمايا شَيطانَ!
هِنَ منهنجي حالَ تي، هَيء هَيء ڪَن حَيوانَ!
سائِين! سُکاڻِي آهِئَين، سامُونڊِي، سُبحانَ!
تُرَهو ڇِنُم تارِ ۾، رَسِج تون رَحمانَ!
ٻيلِي جو ٻُڏنِ جو، مون تي موٽي مانَ؛
ويٺو پِني پِنَڻو، ڪَر ڀيرو مٿي ڀانَ؛
خالِقَ تان خوبُ ڪيا، گولَنِ جا گُذِرانَ؛
آئُون پڻ اَنڌو اُنِ ۾، ويٺو پِنان پانَ؛
سَڀِ سُوالِي سَمِگيا، داتا ڏيئِي دانَ؛
وِلها سڀِ وَنهِيا ڪيا، تنهنجي جُودَ، جُوانَ؛
مَتان مُونکي ڇَڏِئين، ٻيـلِي سندا ٻانَ!
وِيرَ! وَسِيلو آهِئين، داڙوُ ۾ دِيوانَ؛
لاءِ ڏُهارِينِ ڏِينهَن کي، خِيمو اَڏِيو خانَ؛
اُتي عَبۡدُاللَطِيفُ چئي، سُڻِجِ ڪا سُلطانَ!

داستان ٽيون
1
کُوها ڪالھ کـڻِي، اُنِ وِڌا اُتَرَ آسَري؛
اَلا جُھري مَ اُنِ جي، اولي جي اَڻِي؛
وَڻجارَنِ وَڻِي، وَکَـرُ وِڌو ٻيڙِيين.
2
وَکَـرُ سو وِهاءِ، جو پَئي پُراڻو نه ٿِـئي؛
ويچِيندي وِلاتَ ۾، ذَرو ٿِـئي نه ضاءِ؛
سا ڪا هَڙَ هَلاءِ، آڳَہِ جَنهنجي اُبَهِين.
3
اورِيائين آڻِينِ، ميڙيو مُعۡلِمَ خَبرُون؛
سا تان سُڌِ نه ڏِينِ، جتي وَهُ ويڌَ ڪري.
4
ٻيڙِي پُراڻِي، وَکُـرَ پاءِ مَ وِتَرو؛
تَري ۾ تُنَ پيا، پاسَنِئُون پاڻِي؛
هِيءِ هَڏِ وِهاڻِي، ڪَڙھُ ڪالهوڻي ڏِينهَن کي.
5
تَري تُنَ پِياسِ، پاسَنِئُون پاڻِي وَهي؛
کُوهو جُھرُ جهنو ٿيو، لاڄُو سَڀ لَڙياسِ؛
جيلان سَڌَرُ سکاڻياسِ، وَهي تي وَهَ سامهون.
6
ويٺو تُنَ تُنِينسِ، مَکِ ڏيهاڻِي مَڪُڙِي؛
سَنباهي، سَيَّدُ چئي، مٿي نينڊوُءِ نِينسِ؛
وَٽائي وَڏاندَرا، لاڄُو لَڳائِينسِ؛
آخرِ اُهِرائِينسِ، ته جوکو ٿِئي نه جهازَ کي.
7
اَچِي سو ڏٺوءِ، جو ڪَپَرُ سوءِ ڪَنَنِ سين؛
سُتي لوڪ لَطِيفُ چئي، يادِ نه ذرو ڪيوءِ؛
غافِلُ ٿِي غُرابَ کي، اوڙاهَ تي آندوءِ؛
سو ڇِتَرُ ڇُوهي کان رَکِين! جو پِيو پُراڻو پوءِ؛
جهازُ ضَعيفَنِ جو، پاڻِيءَ ۾ پَرِتوءِ!
سَيَّدُ! ساٿُ سندوءِ، پُرِ بَندَرِ پَهچائِين!
8
جُتو وانءُ جَهازَ! گَڏيو غُرابَنِ سين؛
پُورِيندي هُنَ پارَ ڏي، سَڌَرَ کَـڻـجِ سازَ؛
اَچنِ ٿا آوازَ، سَٽاڻي سَمُنڊَ جا.
9
دَنگِي وِچ درياهَ، ڪِي ٻُڏي ڪِي اُپِڙي؛
هُو جي واڍي واڻيا، سي سُونهَڻَ سڀ سَڙيا؛
مُعۡلِمَ ماڳِ نه اَڳِئين، فِرَنگِي مَنجھ ڦِرِيا؛
مَلاحَ! تُنهنجِي مَڪُڙِيءَ، اچِي چورَ چڙهيا؛
جِتي ڍِينگَ ڍَرِيا، تِتي تارِي تُنهنجِي!
10
ٻيڙِياتا! ٻيئِي، تو نه ڦَٻَنديُون ڳالَهڙِيُون؛
سَڄِيُون راتِيُون سُمهِين، ڀَـرُ سُکاڻَ ڏيئِي؛
صُباحَ سَڀيئِي، پارِ پُڇَندَءِ خَبرُون.
11
وَهَ تِکَ وَهَڪَرا، جِت لَنگَر نه ٺَهِرَنِ؛
وڏاندَريُون وَهَ سامُهِيُون، جَھجھي زورِ جُنبَنِ؛
نيڍوُءَ ۾ ناتارِيُون، وَڻِجارا وِجَھنِ؛
مُلان مُعۡلِمَنِ، مُون ڳَرِي سُئِي ڳالهڙِي.
12
وَڻِجارا! ويٺي، تو نه سَرَندِي شاهَ ري؛
مَکِ پَنهنجِي مَڪُڙِي، چَڱِي ڪَر چيٺي؛
پاسا پاکَڙِينِ جا، سَمُنڊُ ٿو سيڪي؛
جي لُنڊا ۾ ليکي، وِيرِ وڙهندِي تِن سين.
13
ناکُـئو نِگَــهَبانُ، مُعۡلِمَ مُنجي خَبرُون؛
جِن ساري کَنيو سَمنڊَ تي، سَفَرَ جو سامانُ؛
لُطفَ ساڻ لَطِيفُ چَئي، تِن لَنگھيو طُوفانُ؛
سَنڀاري سُبۡحانُ، وڃِي عادَنِئُون اُکَتَا.
14
بَندَرِ جان ڀَــئِي، ته سُکاڻِيا مَ سُمهو؛
ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪري، جِئن ماٽي منجھ مَهِي؛
ايڏو سُورُ سَهِي، ننڊ نه ڪجي، ناکُـئا!
15
سُتا سَڀِ پَـئِي، سَندي مُعۡلِمَ آسري؛
اَئِين پڻ سُمهو، ناکُـئا! بَندَرِ ناه ڀَــئِي؛
جن جِي سَيدَ لَڄَ کَنئِي، سي سڀ لَنگھيندا لَڪيُون.

وائي
ساٿِينِ نَنڌا بارَ، وو! تن پانڌِينِ نَنڌا بارَ؛
توکي آرِسُ اَکَڙِيُنِ ۾!
پاتا پاڙيوارِيـين، پَڳہَ منجِھ پاتارَ؛
پَتڻُ ٿو پُورَ ڪري، آئِي تُنهنجڙِي وارَ؛
سَڄِيُون راتيُون سُمهِين، کِيو منجھ خُمارَ؛
ڪِ تو ڪَنين نه سُئِي، هَلڻَ جِي هاڪارَ؟
تائِبَ ٿِيو تَڪِڙا، سَچِي اِيَ سَنڀارَ؛
نِنڊَ نه ڪجي ايترِي، سُڻجِ اَدا يارَ!
سائينءَ مُڪين سَچَ کي، تون ڪُوڙو منجھ قَطارَ؛
ڪِ تو ڪَنين نه سُئِي، ڪَپَرَ جي ڪُوڪارَ؟
گِھڙان ٿِي رِءَ گَھڙي، اِلاهِي تُهارَ!
هو جو شَڪُ شارِڪَ جو، تِئان رَکُ سَتارَ!
ڪُلُّ نَفۡسٌ ذَائِقَةُ الۡـمَوۡتِ، پَڙهو اِيَ پَچارَ؛
شِڪارُ تون شَهبازَ جو، تون تان مَنجِھ شِڪارَ!
يَوۡمَ يَفِرُّ الۡـمَرۡءُ مِنۡ اَخِيۡہِ، جِت ڀَڄَندا ڀارَ؛
تُرَهو ڇِنو تارِ ۾، اَچجِ تُون اوسارَ!
لَکَ مِڙيئِي لُٽِيا، هُنئَهِين ويا هَزارَ؛
ڏِنـئه جي اَللهَ کي، هُوندَ ٿِئين پَرِيـين پارَ؛
جوٽَنِ مَٿان جُٽِڪي، دُنِـي تُنهنجي دارَ؛
جِيفو آهِ حَديثَ ۾، اَنڌِيءَ اِي آچارَ؛
وَٽِيءَ ڪين وِلَهنِ سين، ڪَنبِي ڀَرِ قَهارَ؛
سا ڪِئَن هَلي تو سين، جا ڀَڳِي کان ڀَتارَ؟
جِيَڻُ جالَ نه نِبَهي، سُڻـجِ اِيَ سَنڀارَ؛
جِمَ وِسارِئين ويسِرا! ڀِتِيُن جِي ڀُلڪارَ.

داستان چوٿون
1
سَڀيئِي سُبحانَ جي، ڪَرِ حوالي ڪَمَ؛
ٿِيُ تَحقِيقُ تَسلِيمَ ۾، لاهي غَمَ وَهَمَ؛
قادِرُ ساڻُ ڪَرَمَ، حاصَل ڪري حاجَ تو.
2
چَڱا ڪَنِ چَڱايُون، مَٺايُون مَٺَنِ؛
جو وَڙُ جُڙي جِن سين، سو وَڙُ سيئِي ڪَنِ.
3
مَيَنِ مَٿي سَمَرا، کُهِيَنِ سَڏَ ڪَرِينِ؛
ساٿُ نِباهِيو نِينِ، اِيَ پَرِ سَندِي سَڄَڻين.
4
وِتُ وِيمي جو جي لَهِين، ته ٻِي ڪارِ نه ڪَرِئين ڪا؛
سا پَرُوڙِج ڳالھڙِي، وَڻجارَنِ وٽان؛
موتِي مِن هَٿان، آندَءِ گھڻي اَدَبَ سين.
5
اَمُلَ آڇِ مَ اُنِ کي، جي نه پَرُوڙِينِ مَٽِ؛
جِتِ گَڏِجيئِي جوهَرِي، ماڻِڪُ تِتَهِين مَٽِ؛
جنِين سونَ سين سَٽِ، تِن هَڻِي رِيُّ رَدِ ڪيو.
6
سونا! وانءُ صَرافَ سِيئَن، لَڏو لاهِ مَ لَڏِ؛
سودو سوئِي ڇَڏِ، جَنهن ۾ جَواهِرُ ناهِ ڪِي.
7
جُه صَرافَنِ لَڏِيو، ته تُون پڻ لَڏِجِ، سونَ!
قَدُرُ لَـهَندُءِ ڪونَ، نيئِي گَڏِيندَءِ گَڏُونءَ سين.
8
اَگِھيو ڪائو ڪَچُ، ماڻِڪَنِ موٽَ ٿِي!
پَلَيءِ پايو سَچُ، آڇِيندي لَڄَ مَران!
9
ويا سي وِينجھارَ! هِيرو لال وِنڌِينِ جي؛
تِـنِين سَندا پويان، سِيهي لَـهَنِ نه سارَ؛
ڪُٽِينِ ڪُٽِ لُهارَ، هاڻي اُنِين ڀيڻِيين.
10
وڃن مَ وِينجھارَ! پاڻِـيَٺَ جي پَرَکَڻا؛
ڪَنۡيَرُ پايو اَکـِئين، لَـهَنِ سَڀَڪَنهِن سارَ؛
موتِيءَ جي مِزاجَ جو، قَدرُ مَنجِھ ڪِنارَ؛
صَرافَنِئُون ڌارَ، ماڻِڪَ مُلاحِظو ٿِئي!
11
ماڻِڪُ، مُنڌَ هَٿان، پيـتِيءَ ۾ پُرزا ٿيو!
سَڄو تان، سَيَّدُ چئي، لَهي لَکُ سَوا؛
ڀَڳي پُڄاڻا، پَدَمان پَري ٿيو.
12
جِتي ماڻِڪَ ماڳُ، تِتي چوران تَڪِيو؛
سَنئون تِن سُڀاڳُ، اَمُلُ جن اوباهِيو.
13
چورُ اُڀو اِئن چوءِ، ته آئُون اُهوئِي آهيان؛
جي اَسِي اَکِيُنِ هوءِ، نه لِڪي کي ڪونه لَهي.

وائي
جاڳو، يارا! جيڏِيُون! پاڻُ پَرَنِجي؛
جاڳو جوشان، جيڏِيُون! پاڻُ پَرَنِجي.
هَلَندي حَبِيبَن ڏي، ويلو وِچِ نه ڪجي؛
مَٿان اُهِسَ اُسِرِي، پَتنگَ جِئَن پَئِجي؛
عَرضُ اَحوالُ اُنِ کي، چَڱِيءَ ڀَتِ چَئجي؛
ڪري نِيازُ نِڪَڻو، واحِدَ ڏي وَرجي؛
آهي مَوتُ مِڙَن تي، گوڙِيُون ڪيو گَجي؛
اَجَلُ ايندُءِ اوچتو، جو سَدا ٿو سڄي؛
اَڳيان اُونداهيءَ جو، سَمَرُ ساڻُ ڪجي؛
کَڻُ تون قُوتُ قَـبَرَ جو، گھڻو ٿو گُھرجي؛
آگو عيبَ اوهانجا، ڍَڪيا ڳُجَھ ٻُجھي؛
جيڪِي وَهي وُجُودَ ۾، صاحبُ سو سَمجھي؛
ڊِڄِي ڊاءِ ڌَڻِيءَ جي، جيڪو ڀَيءِ ڀَڄي؛
اَمَنُ آهي اُن کي، جو مَنجھ اَلله اَجھي.

داستان پنجون
1
لَهرِيُن ليکو ناهِ ڪو، جِتِ ڪَپَرَ ڪُنَ ڪارا؛
آڇاڙا عَمِيقَ جا، اَچَنِ اوڀارا؛
اُٿِي اَسارا! وِيرِ وِڙَهنديءِ ويسِرا!
2
ڪالھ وِڌائِين ڪُنَ ۾، جاڏا جُنگَ جَهازَ؛
تُنهنجِي اَڄُ تَرازَ، آهي آرَ اَکِيُنِ ۾.
3
مُلاحِظو مَهراڻَ جو، مُورِ مَ لاهِ مَناءُ؛
سامُونڊِي! سَنڀالِ ڪِي! سُمَهڻَ آيُءِ ساءُ؛
جاڳِي جَرَ مَٿاءُ، تاري وانءُ تَرازَ کي.
4
تاري وانءُ تَرازَ کي، مَنجھان مَوجَ، مَلاحَ!
دانهُون ڪَنِ درياهَ جون، اُونهي جا آگاهَ؛
سُونهَنِ جي صَلاحَ، وَٺُ ته وِيرِ لَنگھي وَڃِين.
5
سُونهان سَڌِيون ڏِينِ، هِنَ ديواني درياهَ جون؛
ڪُوڙَ اوڏائِي ڪِينَ ڪِي، رُڳو سَچُ سودِينِ؛
عِجِزَ جي اَڌَ راتِ کي، وَکـَرُ وِهائِين؛
ساٿُ نِباهِيو نِينِ، ثابِتُ اِنهِيءَ سِيرَ مان.
6
قَرڦُلَ ڦوٽا، پارچا، پاڻِيَٺَ پاتائُون؛
ڪوٺـيُون قِيمَتَ سَندِيُون، تَرَ ۾ تاڪِيائُون؛
لاڄُنِ مَنجھ، لَطِيفُ چئي، ٻِيڙا ٻَڌائُون؛
نَذرُ نَبِيءَ ڄامَ جو، چَڙَهندي چَيائُون؛
جي ڇُوهي ڇوڙيائُون، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجَھ سين!
7
وِچينءَ جان ويهِي، جَرَ پَلؤ پائِيان؛
”تَڙِ ٻيڙا! گَھرِ سُپِرِين!“ اُوسَہِ اِيَ پيئِي؛
جِئن وَڻِجارو سين وَکَرين، سَرَها سَڀيئِي؛
حُرمَتَ ساڻُ حَبِيبَ جي، سُونگِيا نه سيئِي؛
پاڻَهِين اُوُءِ پيهِي، کَنڊَ کيڙائُو آئِيا.

داستان ڇهون
1
تانگھي ۾ تاڻي، ٻَڌُ پَنهنجو تُـرَهو؛
اُونهي ۾ آڻي، ڪو نَه ڏيندُءِ ڪو ٻيو!
2
ڏوري لَھُ ڏاتارُ، جِمَ وِهِين ويسِرو!
هَڪِيو هوئجِ هوشيارُ، کِنوڻِ کِنوندَيءِ اوچتي.
3
کِنوڻِ کِنوايو، آيَءِ نِنڊَ اَڀاڳَ کي!
جِنِين نه ڀَؤ ڀانيو، ڪَري تَوائِي تِن کي.
4
سامُونڊِي! ٿو سَنبَهِين، ساڄو جَھلِ سُکاڻُ؛
لَڳي واءُ وَڏاندَرو، مُنجھائي مَهراڻُ؛
جِنِين ڀانيو پاڻُ، ڪَري تَوائِي تِنِ کي.
5
نَڪو سُک نَکَـٽين، نه ويساندِ نَـئين؛
جيڪا اَچيئِي سامُهِين، ڀانئَيِن سا سَنئين!
مُوڙِي ڪوه مَئين؟ جِئن سَڄيُون راتِيُون سمهين!
6
اَهُکِي راهَ اَللهَ جِي، اَهُکِي، اَهُکِيءَ ڀَتِ؛
هُوءِ جي ڏيهائِي ڏيہَ جا، تن پڻ مُوڙهي مَتِ؛
آڇاڙانِ اُبَتِ، گِھڙِجِ گھاٽي نِينهَن سين.
7
تَنَ ۾ تَرازَ توهَ جِي، گَھڻو لَہُ گھوري؛
اَدَبَ ۽ اِخِلاص جا، سِڙهَ ٻَڌجِ سوري؛
وَکـَرَ وينَتِيُن جو، تنهن ۾ پائج توري؛
ته عادَنِئُون اوري، تُنهنجو تَوائِي نه ٿِـئي.
8
سمنڊُ جي سيوِين، تِنِين ماڻڪَ ميڙيا؛
ڇِلرَ جي چوئِين، تِن سانکوٽا ۽ سُتيون.

majidbhurgri@yahoo.com

شاه سائين جو رسالو