سُر معذوري

داستان پھريون
1
ھَلندي ھوتَ پُنھونءَ ڏي، کُھِجَنِ ڪي کوٽِـيُون؛
پَھَڻُ تنِين پَٽُ ٿِئي، جي لءِ لالَنِ لُوٺِيُون؛
سَڀُ سَھيلِيُون سِڪَ کي، چُنجُھون ۽ چُوٺِيُون؛
ٻانڀَڻِ! ٿِيُ ٻُوٽِـيُون، ته ڪُتا کِـيَنِئِي ڪيچَ جا.
2
تن پيئِي جانارَنِ يادِ، جي پاريَلَ پُنھونءَ ڄامَ جا؛
سَندي لا لَنِ لاڌِ، مُئانِ پوءِ مَنڌُ ٿِئي.
3
جاڳايَسِ جَنبُورَ، ڪُتي قَرِيبَنِ جي؛
بَھِي ڀؤنڪِي اُٿيو، گِھڏِي مَنجھان گُھورَ؛
سَڀِ لاھِيندو سُورَ، گِري ھِنَ غَرِيب تان.
4
ڪُتو طالِبُ ڍُونڍَ جو، اسين ڪُتي ڪِيڙَ؛
چُھِٽي آھي چِيڙَ، ڪارايي جي ڪَنَ ۾.
5
سَگِبانَ سِينڍارِيا، بَڇِيا، تي بَھَنِ؛
ڦِرِيا نه فَرمانَ کان، مُلھُ نه موتِيَڙَنِ؛
ڪونھي ڏوھُ ڪُتَنِ، ڏاڪارِيا، ڏاڙِھِينِ ٿا.
6
ڏَکا، ڏُونگَرَ جا مِرُون، مَرُ ٿا مُون تي ڪَنِ؛
پُڙَندا ڪِينَ پَرِيَٽِ تي، ھِنَ جا سَڌَرَ ٿا سُڄَنِ؛
سَڳائِيءَ جي، سَيَّدُ چئي، آھي سُڌِ سَڀَنِ؛
ھُوندَ نه ھِتِ ٽَرَنِ، پر قَرابَتَ ڪَمُ ڪيو.
7
سَڌَرَ سين سَڱُ ڪري، پَرَکَنڊين پِيياسِ؛
ڪيرَ بِرھَمَڻِ؟ ڪِن جي؟ ڪيرُ ڄاڻي ڪيڻاسِ؟
ھُوندَ نه سِنڌُ سُياسِ، ھِنَ پُرِيين ڪَيَسِ پَڌِري.

وائي
خُوبِي مَنجِھ خِفَتَ، اي! دوستَ! دِقَتَ، آھي عَبۡدُاللَّطِيفُ کي.
مَدَحَ مون کان نه ٿِئي، سَندي سُورَ صِفَتَ؛
ھِجي ڪريان ھيجَ سين، مُطالِعُ مَحَبَتَ؛
حُزنُ ھوتَ پُنھونءَ جو، رُڳيا ئِي راحَتَ؛
پِرِيان جي پِستانَ جو، فاقو ئِي فَرحَتَ.

داستان ٻيو
1
اَدِيُون! وَرُ اُگھاڙَ، وِھانءُ جنھن وِساريو؛
جيڏِيون! ڇڏي جاڙَ، سَڀِ نَنگـيُون ٿي نِڪرو.
2
سَڀِ نَنگـيُون ٿي نِڪرو، لا لَچِ ڇڏي لوڀُ؛
سُپيرِيان سين سوڀَ، نِنڊُون ڪندي نه ٿِئي.
3
سَڀِ نَنگـيُون ٿي نِڪرو، پَرَھَڻَ ڇَڏي پوءِ؛
مَھَندِ مِڙَنِئان ھوءِ، ڪَھي جا ڪِينَ کڻِي.
4
ڪَھي جا ڪِينَ کڻِي، پِرينءَ پَھُتِي سا؛
وِھي ويڙھجِي جا، وَصۡلُ تنھن وِڃائِيو.
5
وَصۡلُ تنھن وِڃائِيو، سِينڌِ سُرمي سِيئَن؛
سا لُوٽِي لِيلان جِيئن، مَڻِيو جنھن مِٽُ ڪَيو.
6
ھُوندِيان ھوتُ پَري، اوڏو آہ اَڻَ ھُوندِ کي؛
ساڄَنُ تن سَري،”لا“ سين لَڏيِنِ جي.
7
لائي خَنجَرُ ”لا“ جو، ھَيءِ! خَچَرَ کي ھَڻُ؛
سَڌُنِ جُون سَيَّدُ چئي، وَٿُون سَڀِ وِڪَڻُ؛
پيرُ پَرُوڙي کَڻُ، ته ھَلَڻَ ۾ ھورِي وَھِين.
8
ھورِنِ ھاڙھو لَنگِھيو، ٿِي جَرِيدِي، جوءِ!
ھُوندِ جنِين سين ھوءِ، ھوتُ نه ھُوندو تن سين.
9
ھورِنِ ھاڙھو لَنگِھيو، مُٺِي! مُوسَٽُ ڇَڏِ؛
”لا“ سين اُٿِي لَڏِ، ”ڪِينَ“ رَساڻي ڪيچَ کي.
10
نڪا ھِتِ، نه ھُتِ، ڪا ڳَوريءَ سندِي ڳالِ؛
ڪِينَ پَھُتِي مالِ، حالِ پَھُتِي ھوتَ کي.

داستان ٽيون
1
ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڪَرَڻُ ڪوہَ پِيامِ؛
اَرڏا آريءَ ڄامَ ري، گُوندَرَ گُذرِيامِ؛
لڪِيُون، لَڪَ، لَطِيفُ چئي، اورانگَھڻَ آيامِ؛
پُرَڻُ پُنھونءَ پُٺِ ۾، اِيُ سَعادَتَ سَندِيامِ؛
مَٿسِ ڪَمَ وِڌامِ، وِھان تان نه وَسِ پِيو.
2
وَڌو ڪِيمَ وَڻاہُ! اُونچا ڏُونگَـرَ! مَ ٿِيو.
ٽِمو مَ نيڻاہُ، ته پيرُ نِھارِيان پِرينءَ جو.
3
وارو! مُون وَڻَراهِ! ڪا سُڌِ سُونھَپَ جي نه ڏِيو؟
وِجِھي وَراڪَنِ ۾، مَعذُورِ کي مَ مُنجھاءِ؛
مَنجھان پاڻَ پِيادِيُون، ھادِي ٿِي ھلاءِ؛
پِرِيان کي پَھُچاءِ، ته لَڳِي لُوٺو نه ٿِئين.
4
ڪَنڊا مون پيرَنِ ۾، توڻي لَکَ لَڳَنِ؛
آڱُرِ، آڱُوٺي نه مِڙي، ڇِپُون پيرَ ڇِنَنِ؛
ويندي ڏانھن پِرِيَنِ، جُتِي جاتِ نه پائِيان.
5
جُتيون سي پائِينديُون، جنِين پيرَ پِريِن؛
لاٿيُون سَڀِ پَريِن، سَسُئِي سُپيرِيُنِ کي.

داستان چوٿون
1
مَرِي، جِيُ؛ ته ماڻـئِين، جانِبَ جو جَمالُ؛
ٿِئين ھُوندَ حَلالُ، جي پَندِ اِھائِي پارِئين.
2
مَرُ ته موچارِي ٿِئين، اَجَلان اَڳي اَڄُ؛
جان ڪِي ھُئين جِئري، ته مُنڌَ! ڀَنڀوران ڀَڄُ؛
پُنھونءَ ساڻُ پَھَڄُ، ته مَلَڪَ اَلۡمَوتُ ماڻـئِين.
3
اَجَلان اَڳي، سَسُئِي! مُنڌَ! جِئَريائِي مَرُ؛
ٽولِيان تنھن مَ ٽَرُ، جنھن رُوحُ وِڃايو راہَ ۾.
4
مَرَڻان اَڳي جي مُئا، سي مَرِي ٿِيَنِ نه ماتُ.
ھوندا سي حَياتُ، جِئَڻان اَڳي جي جِئا.
5
اُونچو اُتاھون گَھڻو، جِئَڻَ کي جَبَلُ؛
مَرَڻَ مُون سين ھَلُ، تهَ پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان.
6
تو سَڱُ، ساہُ! گَھڻَن سين، جِئَڻَ! گوشي جاءُ؛
مَرَڻَ! مُون سين آءُ، ته پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان.
7
پَرِ ۾ پَچِي پِرينءَ کي، مَري نه ڄاتوءِ؛
”مُوۡتُوۡا“، مُنڌَ! نه سوءِ، ڪَنڌُ ڪُڄاڙِيان ڪاٽئِين؟

داستان پنجون
1
ھَٿين، پيرين، مُونَڙِئين، ھَلِجِ ساڻُ ھِنئَين؛
عِشقُ آرِيءَ ڄامَ جو، نِباھي نِئين؛
جان جان ٿِي جِئين، تان پاڙِجِ ڪومَ پُنھونءَ سين.
2
ھَٿين، پيرين، مُونَڙِئين، ڪَھِجِ ڀَرِ ڪَپارَ؛
مَتان، ڇوري! ڇَڏِ ئين، پِرِيَتَڻي پَچارَ؛
توکي سَنَدَ، سَسُئِي! سَندِي لَنؤ لَغارَ؛
جي ھُونِـئِي ھوتَ ھَزارَ، ته به پاڙِجِ ڪوم پُنھُونءَ سين.
3
ٿَڌيءَ ٿَڪِي نه وِھي، تَتِيءَ ڪَري تاڻَ؛
وِڌائِين وَڻِڪارِ ۾، سَسُئِيءَ پاڻُ سُڪاڻَ؛
پُڇي پَہَ پَکِيُنِ کي، پيئِي مُنڌَ پَرِياڻَ؛
ڏِنَسِ ڏيہَ وَڻَنِ جا، تن اَللهَ لَڳ اُھڃاڻَ؛
مانَ پَرچِي پاڻَ، اَچي آرِياڻِي وَرِي.
4
توڻي وِلاڙُون ڪَرِين، توڻي ھَلِين وِکَ؛
لِکِـئي مَنجھان لِکَ، ذَرو ضايعَ نه ٿِئي.
5
لِکِيو جو نِراڙِ، سو اَنگُ ڪِياڙيءَ نه ٿِئي؛
پاڙِيو ويٺِي پاڙِ، جيڪي لالَنَ لِکِيو لوحَ ۾.
6
ڪَيائِين ڪيچِيُنِ لءِ، جُسو جَلاوَت؛
ڇَڏَي پيٺِي ڇَپَرين، ھارِي سَڀِ حُجَتَ؛
ھُئِي نِماڻِي نِسَتَ، پَنڌُ وِڌائِين پاڻَ تي.
7
ماڙھُو ڏيئِي مِھڻا، مُون کي ڪَندا ڪوہُ؟
جنھن ڇورِيءَ ۾ ڇوہُ، سا پٿُون ٿِيندِي پيرَ تي.

داستان ڇھون
1
فَردا مُنڌَ ڦِٽِي ڪئِي، نَقدُ کنيو نارِ؛
ھِيَ جا واڳَ وِلَھيءَ جي، ويرَمَ ڏي مَ وارِ؛
جانڪِي مُٺِيءَ مار، جانڪِي ميڙِ مُٺيءَ کي.
2
مُٺِي ٿي مُدَعا گُھري، موتُ ٿيو موجودُ؛
اَچِين ته اَڄُ ڪَرِيان، صُباحَ جو سُجُودُ؛
جانڪِي ني وُجُودُ، جانڪِي ميڙِ مُٺِيءَ کي.
3
ڏُکِي ٿي ڏَڌورَ، لَھسِي لَنؤ پُنھونءَ جي؛
ڏيئِي آڳِ اَتورَ، سَڀَ نه ساڙِي سَسُئِي.
4
ڏِسَڻُ ڏِکان اَڳَڙو، سَسُئِي! آڻِ مَ شَڪُ؛
ٿِيُ ٻانِھي، ڀَرِ اوئِيُون، لُڏُ مَ پَسِي لَڪُ؛
وَرُ پُنھونءَ سين پَلَڪُ، کوءِ ٻارھَنَ ورهَ ٻِيَنِ سين!
5
ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، پَسو! پِٽُون پَوَنِ؛
مُئي پُڄاڻان مُنڌَ کي، روجَھ رُڃُنِ ۾ رُئَنِ؛
ڀُوڻا اِيَـھِين چَوَن، ته ”مُئِيءَ اَسانکي مارِيو!“
6
ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، اوڇِنگارُون اَچن؛
ھَڻِي سانگِ سَسُئِيءَ کي، ڪِلو ڪَيو ڪَيچينِ؛
جي ھَٿان ھوتَ مَرَنِ، ھوتُ تنِين جي ھَنجَ ۾.
7
ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، وَڻَ ٽِڻَ وايُون ڪَنِ؛
وَٽان ويـھِي جَنِ، وَڍيءَ سي واڍوڙِيا.
8
وَڍِيءَ سي واڍوڙِيا، رَتُ نه ڏِٺو جن؛
موتُ قَبوليو تن، ڏِٺو جن ڏُکِيءَ کي.
9
وَڍِيَلَ ٿي وايُون ڪَري، ڪُٺَلِ ڪُوڪاري؛
ھُنَ پَنَ پنھنجا سارِيا، ھِيَ ھنجُون ھَڏَنِ لءِ ھاري.

وائي
اَچِي، لالَنَ! لَٽِ، مِيان! مُئِيءَ جو لوڙہُ لَڪَنِ ۾.
ھو کانُ کَٿُورِيءَ ھِيرئُون، مُون ۾ صابُڻَ ڇَٽَ؛
آرياڻِيءَ اَچِي ڪري، ڪا گَھڙِي مُون وَٽِ جَٽِ؛
کَٿُوري کَشِبُوءِ سين، ھارِيائُون ھَٽِ ھَٽِ؛
دَردُ مُنھنجي دِلِ جو، تون، ڪامِلَ! اَچِي ڪَٽِ؛
اَدِيُون! عَبۡدُاللَّطِيفُ چئي، سِرَ تائِين آھي سَٽِ.

داستان ستون
1
آئُون نه گَڏِي پِرينءَ کي، سَھَسين سِڄَ ويا؛
ھَلَڻَ ويرَ ھِئان، ديکي شالَ دَمُ ڏِيان!
2
آئُون نه گَڏِي پِرينءَ کي، پويون ٿِيو پَساهُ؛
سِڪان ٿِي سَڪِراتَ ۾، رويو پُڇان راہُ؛
شالَ مَ وَڃيمِ ساہُ، ڌاران پَسَڻَ پِرينءَ جي.
3
آئُون نه گَڏِي پِرينءَ کي، آيو عِزۡرائِيلُ؛
جوراڻي سين جيڏِيُون! نَڪو قالُ نه قِيلُ؛
آيو موتُ دَلِيلُ، مارِيندو مُرادَ کان.
4
وِلاڙِيو وَڻين چَڙھي، رَئِي پَسِيو روءِ؛
وِچان جو وِچُ پوءِ، سو ڪَنھن پَرِ ڪَھِي لاھِيان!
5
وِلاڙِيو وَڻين چَڙھي، اُونچَنِ مَٿي اَڄُ؛
لالَنَ ڪارَڻِ لَڄُ، باسِيائِين بَردارَ جو.
6
وِلاڙِيو وَڻين چَڙھي، ڏِيو پَٽولي لانگَ؛
ٽاريءَ ٽاريءَ ڇانگَ، سَسُئِيءَ مورَ ٻَچَنِ جِئن.
7
وِلاڙِيو وَڻين چَڙھي، پَسو سَگَھ سَندِياسِ؛
آڌِيءَ وَڃيو آکُڙي، نَڪو پِيُ نه ماسِ؛
سوئِي سو سيڻاسِ، پَري پَڙاڏا ڪَري.
8
رُڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَر ڪووَلَ جي ڪُوڪَ؛
وَلَولو ۽ وُوڪَ، اِيَ تان آہِ عِشقَ جِي.
9
رُڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ ڪَرڪي ڪُونجَ؛
نَعرو منجِھ نِڪُونجَ، اِيَ تان آہَ عِشقَ جي.
10
رُڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ سارَنگِي سازُ؛
اِيُ عِشقَ جو آوازُ، ماڙھو رَکَنِ مُنڌَ تي.

majidbhurgri@yahoo.com

شاه سائين جو رسالو