سُر ڪوهياري

داستان پهريون
1
لَيۡلَ نه جاڳِينءَ لِکَ سِيئَن، ڪُلِّي نَوۡمُ ڪَياءِ!
قُمۡ ٿِي، پَهُچُ قَرِيبَ کي، اِجۡلِسۡ تو نه جُڳاءِ؛
مُٺِي! مهِمانَنِ سين، ويهِي راتِ وِهاءِ؛
جيلان نِنڊَ ڪَياءِ، تي روزُ رَهِين ٿِي راهَ ۾.
2
اِجۡلِسۡ ڪَري اُٿِيا، تَنوارِيو توڏَنِ؛
نَوۡمَ نَوازِينءَ؛ اُن جي، مَرۡحَبا موڏَنِ؛
رِڙهِي رَسُ روڏَنِ، اَلۡيَوۡم سِيۡرُوۡا، سَسُئِي.
3
غافِلِ! غَفِلَتَ ڇوڙِ! تُون ڪِيئن، اَڻاسِي! اوجِھرين؟
چُپاتا چَڙهِي ويا، وڃِي پَهُتا توڙِ؛
نيڻين نِنڊَ اُکوڙِ، جِمَ وَرَنِ ۾ واڪا ڪَرِين.
4
آلوڙو اَکينِ، آيَمِ نِنڊَ اَڀاڳَ کي!
هاڻي هِنَ ڀَنڀورَ ۾، گھارِيان ڪارَڻِ ڪِن؟
اَديُون! اوٺِـيَڙَنِ، هِنئين سان هاڃو ڪَيو.
5
سُتِينءَ پَير ڊِگھا ڪَري، وَڏِي جاڙَ ڪَياءِ؛
دَرَ ڀَرِ اُڀِئين دوسِتَ جي، ته سُرِ پُرِ هُوندَ سُياءِ؛
اَصلِ آرِيءَ ڄامَ جِي، سَڳِي تُون نه سِياءِ؛
پُنهُونءَ سين پِياءِ؛ ٿِي، نِڀاڳِي! نِنڊُون ڪَرِين!
6
اِيُ ڪَمُ ڪَمِيڻِيَنِ، جِئن سُمَهَنِ پيرَ ڊِگھا ڪَري؛
لوچِين ڇو نه، لَطِيفُ چئي، هارِي! لَءِ هوتَنِ؛
نِنڊان نِڀاڳِينِ کي، اوڀالا اَچَنِ؛
سي پُنهُون ڪوه پُڇَنَ؟ جي سَنجھي رَهَنِ سُمهِي.
7
سُتِينءَ سَنجھيئِي، مُنهُن ويڙهي مُئنِ جِئَن؛
اوجاڳو اَکِيُنِ کي، ڄاتوءِ نه ڏيئِي؛
هَٿان تو پيئِي، ٿِي ڪَچو ڪيچِيُنِ ڪَرِين!

داستان ٻيو
1
ڏُونگَـرَ! تُون ڏاڍو، ڏاڍا! ڏاڍايُون ڪَرِين؛
مُون تَنَ اَندَرِ تِيئَن وَهِين، جِئن وَڻُ وَڍي واڍو؛
اِي ڪَرَمَ جو ڪاڍو، ناتَ پَٿَرِ ڪيرَ پَنڌَ ڪَري؟
2
ڏُونگَـرَ! ڏُکَ سَنداءِ، پِرِين گَڏِجان ته چوان؛
ڀِنِيءَ ٿِئين ڀَوارَئون، ٻِيا وِنگا وَرَ سَنداءِ؛
چڱِي ڪانَ ڪَياءِ، پَيرُ وِڃايُءِ پِرِينءَ جو.
3
ڏُونگَـرَ! ڏوراپو، پَهِريون چَوندِيَسِ پِرِينءَ کي:
”پَهَڻَ پيرَ پِٿُون ڪَيا، تِريُون ڇِنيُون تو؛
رَحمُ نه پِيُءِ رُوحَ ۾، قَدُرُ مُنهِنجو ڪو؛
واڪو ڪَندِيَسِ: ’وو! مُون سان جَبَلُ ٿو جاڙُون ڪَري!‘“
4
ڏُونگَـرَ! ڏُکويُنِ کي، دِلاسا ڏِجَنِ؛
گَھڻو پُڇِجي تِن کي، جِن وَٽان هوتَ وَڃَنِ؛
تُون ڪِئن سَندا تن، پَهَڻَ پيرَ ڏُکوئِيين؟
5
ڏُونگَـرَ! ڏُکويُنِ کي، ڳَلِ نه سُڪا ڳوڙها؛
هُو جي پَهَڻَ پَٻَ جا، سي ڀَڄِي ٿِيا ڀورا؛
گُوندَرَ جا گھوڙا، وَڃَنِ جانِ جُدا ڪَيو!
6
ڪي جي ڪَڍِيا پارَ، ڏُکِيءَ ڏُونگَـرَ پاڻَ ۾؛
سُڻِي سا تَنوار، مِرُون پِيا مامري.
7
ڏُونگَـرَ ڀُونيِنِ ڪِيرَ، سَڄَڻَ ميخُون ڏُونگَرين؛
هَهڙا سيڻ سُڌِيرَ، ڪِينَ لَهَندِينءَ ڪي ٻِيا.
8
ٻَئِي ويٺا رُوَنِ، ڏُکِي ڏُونگَـرَ پاڻَ ۾؛
ڪنهنکي ڪِين چَوَنِ، مَنجِھنِ جو پِرِيتَڻو.
9
تَپِي ڪَندين ڪوهُ؟ ڏُونگَـرَ! ڏُکويُنِ کي؛
تُون جي پَهَڻَ پَٻَ جا، ته لِڱَ مُنهِنجا لوهُ؛
ڪَنهنجو ڪونهي ڏوهُ، اَمُرَ مُون سين اِئن ڪَيو.
10
ٻَـڙِيَ! ته ٻيلِي گَھڻا، ساٿِي پُڇي سُکُ؛
رَفاقَتَ رُڃُنِ ۾، ڏُونگَـرَ ڪاري ڏُکُ؛
آرِيءَ جو اَهُکُ، مُون رَهَنُما راه ٿِيو.

داستان ٽيون
1
مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، هِت، هوتاڻِي! هاڻِ؛
اوڏِي مُنڌَ اُٺَنِ کي، اَللهَ ڪارَڻِ آڻِ؛
پورهيو ڪَندِيسِ پاڻِ، اَڳِيان آرِيچَنِ جي.
2
مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، پوءِ رَهايَسِ ’پاڻِ‘؛
جي ڀُلايُون ڀاڻِ، تن کي رَسُ، رَسِيلا، راهَ ۾.
3
سُتي پَوَنِ ڇِرِڪَ، آيَلِ! ٻاروچَنِ جا؛
وَمَ وِهاٽِي، وو! ڙي! ڪوهِياري ڪِرِڪَ؛
ڌَڙُ ڌُوڻِيو تنهن ڌَڪَ، جَڏِيءَ جِئڻ نه ٿِئي!
4
سُتي پَوَنِ ڇِرِڪَ، آيَلِ! ٻارَوچَنِ جا؛
پُنهونءَ جي پَيڪانَ جُون، راسِيُون مَنجھان رُڪَ؛
هَنيَمِ هوتَ ڪِرِڪَ، لوچان، لوهُ نه نِڪري.
5
جيهِي جي تيهِي، ته به ٻانهِي ٻاروچَنِ جِي؛
حُجَتَ هوتَ پُنهونءَ سين، مُون ڪَمِيڻِي ڪيهِي؟
اَصۡلِ آرِيءَ ڄامَ جي، پَلئ آءٌ پيئِي؛
هُوءَ جا پائِينِ پيرَ ۾، تنهن جُتِي نه جيهِي؛
وِساري ويهِي، تن ڪيچِيُنِ کي ڪِيئن رَهان؟
6
هُئِي، جي نه هُئِي؛ ته به ٻانهِي ٻاروچَنِ جِي؛
اِنَ سَڱَ مُقابِلِ سَسُئِي، سَندِيَنِ ٿي سُئِي؛
هُنِ تان لَڄَ لُئِي، هِنَ جو هَلَڻَ هوتَ ڏي.

داستان چوٿون
1
ڳائِي نه وائِي؛ اَدِيُون! آرِيچَن جِي؛
ڪنهن پَرِ ڪَهِي لَنگِھيان، جَبَلَ جھاجھائِي؛
جيڪسِ واجھائِي، هاڻي مَرَندِيَسِ هوتَ لَءِ؟
2
هَلَڻُ سَهان نه هوتَ جو، وَڃَڻُ مُون نه وَسِ؛
اَللهَ! آرِيچَن جِي، گولِي ميڙِئين گَسِ؛
پِرِين، پَنهوار! تو پُڇان، ڏُونگرِيا! مُون ڏَسِ؛
اَکِينِ جِي آرَسِ، مُنڌَ جيهائِي جوڙَ ڪِي.
3
مُون کي جنِين مارِيو، آن ڪي گَڏِيا سي؟
تَنَ ۾ طاقَتَ ناهِ ڪا، اَدا! اُنِين ري؛
سُورُ سَلِتُمِ تي، جيلان ڳالھِه ڳَرِي ٿِـئِي.
4
مُون کي جنِين مارِيو، سُڃاتِمَ سيئِي؛
پُنهون پَيڪانَ پَڇَنڊِيا، ٻِلَنِ تان ٻيئِي؛
ويڄَنِئون ويئِي، ٿِي وَهِيڻِي سَڄڻَين.
5
پَرۡتَوو پُنهونءَ جو، سَهائِي، سِياهُ؛
مُنهُن ڏيئِي مُون آئِيو، رَنگارَنگِي راهُ؛
پَهرِين ڏِيندا پاهُ، پوءِ رَڱِيندا رَڱَ ۾.
6
پَرۡتَوو پُنهونءَ جو، رُڳيائِي راحَتَ؛
ڀانـئِيان ڏِينهُن ڀَوارئون، ساڄَنَ لاءِ صِحَتَ؛
مِٺِي مُصِيبَتَ، آرِي ڄامَ جِي.

داستان پنجون
1
رِءَ قَرِيبَنِ قُوتُ ڪَيو، ويٺِي وِرِهُ چَران؛
اِنَ عَذابان اَڳَهِين، مادَرِ! ڇو نه مَران؟
اَدِيُون! جو نه اَوهان، سو مان سُر سَرَتِيُون!
2
اَدِيُون! اَگِھي آهِيان، پِرِيُنِ پُڄاڻا؛
سي ڪوهِيارا ڪيڻِ وِيا، ساڄَنَ سِياڻا؟
جي سَسُئِي سيباڻ، سي وڃِي ڪيچِ قَرارِيا.
3
حَقِيقَتَ هِنَ حالَ جِي، جي ظاهِرُ ڪَرِيان ذَرِي؛
لَڳي ماٺِ مِرُوئَنِ کي، ڏُونگَـرَ پَوَنِ ڏَرِي؛
وَڃَنِ وَڻَ ٻَرِي، اوڀَرِ اُڀِري ڪِينَ ڪِي.
4
حَقِيقَتَ هِنَ حالَ جِي، جي ظاهِرُ ڪَرِيان زبانَ؛
لَڳي ماٺِ مِرُوئَنِ کي، رسي سُورُ شَبانَ؛
ٽاڪَرِ ٽِڪي ڪانَ، جَبَلُ سَڀِ جَلِي وَڃي.
5
سارِيان ٿِي سَبِيلَ، پُرِ تَقصِيرُون پاڻَ ڏي؛
مَتان مُون کي ڇَڏِئين، آرِي ڄامَ اَصِيلَ!
وَرُ وِلَهِنِ جا وَسِيلَ! رَسُ، رَهَبَرَ! راهَ ۾.
6
سرَتِيون سُوراتِنِ جي، ڪوهُ ٿِيون پَٿَرِ پَوَنِ؟
گھاءُ نه لَڳُنِ گَھٽَ جو، رِيا مان ٿِـيُون رُوَنِ؛
چيتارِيو نه چَوَنِ، پارَ مُنهِجي پِرِينءَ تان.

داستان ڇهون
1
ڪَنهِن پَر رُئان پِرِينءَ کي؟ اَندَرِ ناهِ اُساٽ؛
لوهُوڪا لَڪَنِ ۾، ويرِي مَٿي واٽَ؛
ڇَپَر ۾ ڇُونڇاٽَ، ڏِٺَمِ ڏُکويُنِ جا.
2
ڪَنهِن پَر رُئان پِرِينءَ کي؟ پَچَڻَ ناهِ پَچارَ؛
اَندَرِ ٿِي آهُون ڪَرِيان، کاڻِي مَنجِھ خُمارَ؛
گِريي جِي گُفتارَ، ٻِيءَ ڀَتِ ٻاروچَنِ ۾.
3
سُڃَ وَسَندِي تن کي، جوشَ جَلايا جي؛
طالِبَ جي تحَقَيقَ جا، نِينهُن تنِين وَٽِ ني؛
ٽيڏِي پَسي ٽي، هُو تان آهي هيڪِڙو.
4
ٻِيُون ڏيئِي ٻَنِ کي، هَلِجِ پاسي هيڪَ؛
وَرُ نه سَهي ويڪَ، تُون، ٽيڏِي! ٽِئايُون ڪَرِين.
5
اَڃا تُون اَواٽَ، واٽان پاسي ويسِرِي؛
سُونهِين ٿِي سُواٽَ، ته مَنجھان دِلِ دَڳُ لَهِين.
6
پانهِين، پسِي پَٻُ؛ مَتان ڪا، مُنڌَ! ڏِئين؛
اَڳيان ڪَؤ مَ ڪَٻُ، اِيُ قالِي آڏو ڪيچَ کي.

majidbhurgri@yahoo.com

شاه سائين جو رسالو