سُر ديسي

داستان پھريون
1
ڏاگَھنِ، ڏيرَنِ، ڏُونگَـرَنِ، ٽِنھِي ڏِنَمِ ڏُکَ؛
سي سَڀِ ڀانيَمِ سُکَ، ھيڪاندِ ڪارَڻِ ھوتَ جي.
2
ڏاگَھنِ، ڏيرَنِ، ڏُونگَـرَنِ، ڏُکَنِ آئُون ڏَڌِي؛
پُڇان پيرُ پُنھونءَ جو، وِجھان وِکَ وَڌِي؛
لِکِئي آئُون لَڌِي، ناتَ پَٽَنِ ڪيرَ پَنڌُ ڪَري.
3
اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جڏھن ڏاگھا ڏِٺَءِ ڏِينھَن؛
وَٺِي سَڙَڪَ، سَسُئِي! ويھُ وِھاڻِيءَ سِيئَن؛
چوٽي سين چانگَنِ کي، جَڙِ زَنجِيرُن جِيئن؛
ته ھوتُ تُنھنجو ھِيئن، ھوندِ پُنھون نيائُون نه پاڻَ سين.
4
اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جڏھن ڏاگھا ڏِينھَن ڏِٺاءِ؛
ڪُنجُون جي قُفِلَنِ جون، تان ڪنھن لَلِ لِڪاءِ؛
ته سُڀا ڻي سَندِياءِ، ٿِئي سارُوڻِي سَسُئِي!
5
اَڳي اُٺَ رَڙَنِ، مُون ڀيري ماٺِ ٿِئِي؛
پَلاڻِيندي، پاڻَ ۾، ڪُڇِيو ڪِينَ ڪُٺَنِ؛
ڪا جا مامَ مُٺَنِ، ھِنِ پڻ ھُئِي ھُنَ سين.
6
ڇا جي ڏِنگا ڏيرَ، مُنھنجو ڏِينھن ڏِنگو مَ ٿِئي!
اُٺَنِ ۽ اوٺِـيَڙَنِ جي، ڇا وَھِيڻو ويرُ؟
ھِيَ ڪَمِيڻِي ڪيرَ؟ جا اَمُرَ کي آڏو ڦِري.
7
ديسِي سيڻَ ڪَجَنِ، پَرَديسِي ڪَھڙا پِرِين؟
لَڏِيو لاڏؤڻا ڪَيو، پَنھنجي ديسِ وَڃَنِ؛
پُڄاڻان پِرِيَنِ، ڪَجي بَسِ ڀَنڀورَ کان.
8
اُٺَ مَ اوري آڻِ، ڏاگَھنِ ڏَڌِي آھِيان!
ھَڻِي ھَٿُ ھَيَنِ کي، پَري نيئِي پَلاڻِ؛
ھوتُ مُنھنجو ھاڻِ، پُنھون نِيائُون پاڻَ سين.
9
جَتَ ھَڏھِين ھُتِ، مُون ھِتِ ھِنئَڙي ۾ حَلُ ٿِيا؛
چَنگُلَ جنِين چوڦَرا، راحَتَ تن جِي رُتِ؛
گُنگَنِ جي گُـپُتِ، ڇيڙي وِڌِيَسِ ڇَپَرين.
10
گَہَ سِرِ ٿِئي مَ گُسَ، پَڻِي پوءِ مَ پِرينءَ تي!
جنھن سِرِ ساڄَنُ سُپِرِين، تنھن اُٺَ مَ لَڳي اُسَ!
پُنھون پاڪُ پُرِسَ! ھوتَ نه ڪَجَنِ ھيڏِيُون.
11
لَڏِيندي لِباسُ، جَتَنِ جيڏوئِي ڪَيو؛
اَچي آرِيءَ ڄامَ جو، وَڻَ وَڻَ مَنجھان واسُ؛
مِرُون کِـيَنِمِ ماسُ، ھَڏَ ھَلندا ھوتَ ڏي.
12
اُٺَ ويرِي، اوٺارَ ويرِي، ويرِي ٿِـيَڙَمِ ڏيرَ؛
چوٿون ويرِي واءُ ٿِيو، جنھن لَٽِيا پُنھونءَ جا پَيرَ؛
پَنجون ويري سِڄُ ٿِيو، جنھن اُلَهِي ڪِي اَويرَ؛
ڇَھون ويري ڇَپَرُ ٿِيو، جنھن سَنوان ڪَيا نه سيرَ؛
سَتون ويري چَنڊُ ٿِيو، کِڙِيو نه وَڏِيءَ ويرَ؛
واھيري جِي ويرَ، ڇُلُون ڪَرِيان ڇَپَرين!

داستان ٻيو
1
مِڙِي مُنڌَ ڏي آئِيُون، ساھيڙِيُون سَھَجان؛
اَلسَّفَرُ قِطۡعَةٌ مِنَّ النَّارِ، ھارِي! موٽُ ھِتان؛
سَڱَ صِراطَ الۡمُسۡتَقِيۡمَ جو، اَٿيئِي تان اڳيان؛
سي ڪيچِي نِيندَءِ ڪِيان؟ تُنھنجو نِينھُن نِفاقَ سين.
2
جَڏان ڪُنۡ فَيَڪُوۡنَ چَئِي، نِيو آرِياڻِيءَ اَرِواحُ؛
اَنگُ اَڳَھِين لِکِيو، مُنھنجو مِيثاقاءَ؛
مَنۡ طَلَبَ شَيۡئاً وَّ جَدَّ وَ جَدَ، اُتو عَلِيءَ شاہَ؛
اَڃا اِن حَدِيثَ جو، مُون آسِرو آہِ؛
پُنھونءَ جي پيغامَ تان، مُنھِنجو موتُ مُباحُ؛
سَرَتِيُون! دُعا ڪَجاہُ، ته ميڙائو مُون ٿِـئي.
3
سَبَہَ سِياھِي، آھي آرِيءَ ڄامَ ري؛
ڪڏھن پَسي ڪا نه ڪا، رِءَ لالَنَ لالائِي؛
دُودُ دِلِ تان دُورڪَري، ڪَرِ، ساجَنَ! صَفائِي؛
مَنۡ لاَ شَيۡخُ لَہٗ فَشَيۡخُہُ الشَّيۡطَانُ، اِنَ رِءَ اُونداھِي؛
ھُوءَ جا ھَلِي ھيڪِلِي، سا گِيرَبَ گَمائِي؛
بِلَا شَيۡخِ مَنۡ يّـَمۡشِيۡ فِى الَّطَرِيۡقِ، اِھڙِي اَوائِي؛
تنھن رِءَ تَوائِي، ڪوڙين ٿِيَنِ ڪيتَريُون.
4
ڀِـنِيءَ ٿا ڀَرِينِ، ساٿِيُنِ سَنڊَ ھَٿَنِ ۾؛
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئي، مُون کي مَنجُھ نه ڏِينِ؛
ھوتُ پُنھون ٿا نِينِ، اَسُونھِينءَ جو آجِڪو!
5
پڻ ٿا پَلاڻِينِ، اوٺِي اَڄُ اُٻاکَرا؛
پَہَ پاريسِيُون پاڻَ ۾، ڏيرَ ڏِھاڻِي ڏِين؛
ھوتُ پُنھون ٿا نِينِ، ٻاروچِي ٻولِي ڪَيو!
6
دوڪَ دَھِليا جِتِ، گـؤرا ھَلَنِ نه گَسَ ۾؛
چَؤسالَ ئِي نه چَلِڻا، ٿِي تَنگَ نِھاري تِتِ؛
سُوڌِي اُنِين، سَيَّدُ چئي، پوءِ پانچارِيَنِ پِرِتِ؛
اِنَ اَڙانگي پَنڌَ جِي، ڪا نيشَنِ پوءِ نِرِتِ؛
سَسُئِي وَڏي سَتِ، جا اَھڙِيءَ پَرِ پَنڌُ ڪَري.
7
”ھَيءِ ! ھَيءِ!“ ڪَيو ”ھاءِ!“، ٿِي پاڻ ھڻي سِرِ پاھِڻين؛
لَڌائِين، لَطِيفُ چَئي، جُوءِ جَتَنِ جِي جاءِ؛
شُڪۡرَ، بارِ! سَنداءِ، سُٿاڻي ساٿِ مڙِي.

داستان ٽيون
1
اَللهَ ڪارَڻِ، اوٺِيا! ليڙا نِيو مَ لُرَ؛
نِيو نِماڻِي پاڻَ سين، ٻانِھِيءَ جَھلي ٻُرَ؛
مُون کي ماري مَنجِھ ٿِي، سَندِي ھوتَنِ ھُرَ؛
ڪَچو لايان ڪُرَ، ڪيچان اوري جي وَران.
2
ڪيچان اوري ڪيتِريُون، مَعذُورِيُون مُيُون؛
واٽُون وِيہَ ٿِـيُون، ڪُہُ ڄاڻان ڪيھِي ويا؟
2
ڪيچان آيو قافِلو، جُنگُ سُونھارِيءَ جوڙَ؛
تَلِيارا توڏَنِ کي، ڳِچِيءَ سُونھَنِ موڙَ؛
دؤلَتَ چايان دوڙَ، جي مُون نِيو پاڻَ سين.
3
جھوُڙا جن جُھلُنِ ۾، ھِيري لَکَ ھَزارَ؛
لَڳا واٽَ وَڻَنِ جا، پُنھونءَ کي پالارَ؛
آن ڪي ويندا گَڏِيا، اَھِڙيءَ سِٽَ سُوارَ؟
لَنگِھي ڪالَھ قَطار، تُون، آئِي! اَڄُ نِھارِئين!
5
مِزِمانَنِ مَھرِي، آڻي جھوڪِيا جھوڪَ ۾؛
چاٽي چَنبَنِ ۾ وِيا، جِئن بازُ سَٽي بَحرِي؛
ڪوھِيارو قَھرِي، وِيو نِھوڙي نِنڊَ ۾!
6
مُون ڀانيو مُون وَٽِ، ھَميشَہَ ھُوندا پِرِين؛
ويڙھو ڏيئِي ويڪِرو، پَھري وِيا پَٽِ؛
ساہُ جنِين جي سَٽِ، وِڪِيُمِ ٿي وَڻِڪارِ ۾.
7
مُون ڀانيو مِزِمانَ، ھَميشہَ ھُوندا پِرِين؛
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَليا، ڪَھِلَ ڪَيائُون ڪانَ؛
ڏيئِي ويا ڏاہِ کي، سُورَنِ جا سامانَ؛
جورو راتِ جُوانَ، جيڏيُون! جَتَ ڪَري وِيا!
8
بِرِہَ مَڻايُسِ بَرُ، ناتَ سُکِي ڪيرَ سَڌُون ڪَري؟
گَھڻو ڏورِيائِين ڏُکَ سين، ڏيرَنِ لءِ ڏُونگَـرَ؛
ورِي آيُسِ وَرُ، سَفَرَ مُئِيءَ جا سابِ پِيا.
9
وَرَ ۾ ڪونھي وَرُ، ڏيرَنِ وَرُ وَڏو ڪَيو؛
نِھارِيندِيَسِ نِڪرِي، بوتَنِ ڪارَڻِ بَرُ؛
آڏو ٽَڪَرَ ٽَرُ، متان روہَ رَتِيُون ٿِئين!
10
وَرَ وَراڪا وِچَ ۾، لَکين آڏا لَڪَ؛
ھُو جي آڏا حَقَ، سي ڪَندا ڪوہُ ڪَندِيُنِ کي؟

داستان چوٿون
1
وارو! وَرُ وَٺِي وِيا، آرِيچا اَظۡلامَ؛
آندائُون آريءَ جا، پُنھونءَ ڏي پَيغامَ؛
پَہُ ڪَيائُون پاڻَ ۾، مُنھان مَخِفِي مامَ؛
سَنڀُورا ساٿُ کَڻِي، ويساھي وَرِيامَ؛
ڪاڪِيُون! راتِ قِيامَ، جيڏِيُون! جَتَ ڪَري وِيا!
2
وارو! وَرُ وَٺِي وِيا، ڪَري ڏيرَ ڏَمَرُ؛
ھاڻي ٿِيو حَشَرُ، پُنا قَول قِيامَ جا!
3
وارو! وَرُ وَٺِي وِيا، ڏاڙِھِيءَ ڀَنڀا ڏيرَ؛
ڏِيندِيَسِ ڏاڍين ڏُونگَرين، اُنِين لَءِ اُليرَ؛
ڪيچِ پھچي ڪيرَ؟ وڃڻَ سين وَسُ ڪَرِيان.
4
جَڏِيءَ وَٽِ جالي، مانَ اَللهِ ڪارَڻِ لِکَ سِيئن؛
آھي آريءَ ڄامَ جي، ھِتِ ھُتِ حوالي؛
عَيبَ مُون اَڳَرا، مانَ نِرۡمَلُ نِڪالي!
پَرِٽياڻِي پالي، ڪامِلُ نِيندو ڪيچَ ڏي!
5
پَرِٽَنِ جي پاڙي، جاڙَ گُذارِيَمِ، جيڏِيُون!
جنِين مُون کي مارِيو، سُورَنِ سين ساڙي؛
اِرادي آڻي، سانگِيُنِ سين سَڱُ ڪَيو.
6
اَسِين پاڻَ پَرِٽَ، پورھِيَتَ پُنھونءَ ڄامَ جا؛
ھوتُ کَٿُورِيءَ ھيرَئون، مُون ۾ صابُڻَ ڇَٽَ؛
آتَڻَ مَنجِھ اُگَھٽَ، ڪانڌُ ڪنھِين جِي مَ ڪَري!
7
آئُون تان اَھڙياءِ، جا ٻانھِيءَ کي ٻائِي چوان؛
مُون ڪَمِيڻِيءَ لاءِ، پُنھون ٿي پَرِٽُ ٿِيو.
8
گَڏِيو ڌوٻِيُنِ ڌوءِ، پُنھُونءَ پارِچو ھَٿَ ۾؛
اُتي آرِيءَ ڄامَ جو، قاصِدُ آيُسِ ڪوءِ؛
اِيُ، ڪامِلُ! ڪَمُ نه سَندوءِ، جِئَن پَھَسَ پَڇاڙِئين پوتِئين.
9
نَڪو ڪيچُ ڀَنڀورُ، نَڪو مائِٽُ مُنڌَ جو؛
ھورُ مِڙوئِي ھِنَ کي، ھوتَنِ ڪونھي ھورُ؛
زارِيءَ ڌاران زورُ، ھَلي ڪونَ حَبِيبَ سين.

داستان پنجون
1
جئن سو ھَرَڻُ ھُماءُ، سَرگَردان سَنسارَ ۾؛
ھِيُ پَڳُ نه کوڙي پَـٽِـئين، ھُو ڌَڙَ سِرِ ڌَري نه ساہُ؛
جيڪُسِ تن مُلاءُ، سَسُئِيءَ سُورَ پِرائِيا.
2
راتِ ڏِٺائِين روجَھ، ڀانءِ ڪِ اوٺِي آئِيا؛
پِرِيَتَڻي پِرِيُنِ جي، سِڪَڻَ ڪِي سَٻوجَھ؛
ھُئِي گَھڻو اَٻوجَھ، سُورَنِ سُنھائِي سَسُئِي.
3
سَمَرُ جنِين نه ساڻُ، ھوتُ حِماتِي تن جو؛
ڪَري ڇيڄَ ڇَپَرَ ۾، پُنھون اِيندو پاڻَ؛
ٿِيندِي رِيجَھ رِھاڻِ، لَحظي مَنجِھ، لَطِيفُ چئي.
4
سَسُئِيءَ لَنگِھيو سو، مَردَ جنھن ماتِ ڪَيا؛
جَبَلُ وڏو جو، نوُڻِ مِڙوئِي نِينھَن کي.
5
ڇَپَرُ ڇَمَرُ ڀانيان، ڪانڀو ۽ ڪارو؛
پَٻُ وِجَھندِيَسِ پُٺِ تي، صُبُحَ سَوارو؛
وَڃَڻَ مُون وارو، ڪينَ وِھَندِيَسِ وِچَ ۾.
6
ڇَپَرَ ۽ ڇَمَرَ، ٿا لَڳَہَ لَڳَنِ پاڻَ ۾؛
ڏاڍا ڏُونگَـرَ ڪَرڪَرا، ويڌَ، وِنگايُون وَرَ؛
آئُون پِيادِي پَـٽِـئين، نِماڻِي نِڌَرَ؛
سُورِيُون جِتِ سَڳَـرَ؛ اُتِ ٻاتاڙِيءَ ٻِيلِي ٿِئين!

داستان ڇھون
1
آڏَ تِراڇا، آھُڙا، ڏُونگَـرَ کي ڏاڪا؛
ڪَيَمِ آہَ عَجِيبَ کي، سِڪَ مَنجھان سا ڪا؛
پيئِي ھٿِيڪِي ھوَتَ کي، ڪُوڪَ وَڃِي ڪَنِ ڪا؛
مُنھنجو وَسُ واڪا، ٻُڌَڻُ ڪَمُ ٻَروچَ جو.
2
آڏَ تِراڇا، آھُڙا، ڏُونگَـرَ کي ڏاڪا؛
وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِيا، بَرِ چَڙھِي باڪا؛
ڦَٽِيا پيرَ فَقِيرِ جا، چَڙَھندي چَڙھاڪا؛
ھُيَنِ جِيءَ اَندَرِ جا ڪا، وِيا پُڄائي پانھِنجِي.
3
ڪَرِڙا ڏُونگَـرَ ڪَہَ گَھڻِي، جِتِ بَرَپَٽَ، سُڄَنِ بَيرانُ؛
ڏاھَنِ ڏاھَپَ وِسِرِي، ٿِيا حَرِيفَ ئِي حَيرانُ؛
سَسُئِيءَ لَنگِھيو، سَيَّدُ چئي، مُحَبَّتَ سين مَيدانُ؛
جنھنجو آرِياڻِي اَڳِوانُ، تَنھن ڪانھي باڪَ بَھِيرَ ۾.
4
ڪَرِڙا ڏُونگَـرَ، ڪَہَ گَھڻِي، جِتِ جَبَلَ گُوناگُونِ؛
ليڙَنِ جُون، لَطِيفُ چئي، تَنگِ تَنوارُون پُونِ؛
جنِ ڏِٺو پيرُ پُنھونءَ جو، سي نه ڪي رُون، نه چُونِ؛
ھُوندَنِ مَٿي ھُونِ، لاڳاپا ھِنَ لوڪَ جا.
5
ڪَرِڙا ڏُونگَـرَ، ڪَہَ گَھڻِي، جِتِ وِيا روڏا رِنگائي؛
ساڱاپي سيڻَنِ جي، ٿِي وِندُرِ واجھائي؛
رَھيَسِ، رَسُ، لَطِيفُ چئي، تنھن ڪَمِيڻِيءَ ڪاھي؛
آرِياڻِي آھي، مَنَھِن مَعذُورِنِ جي.
6
ڪَرِڙا ڏُونگَـرَ، ڪَہَ گَھڻِي، جِتِ مِينھَن وَسَنِ ماڪُون؛
سُڄَنِ ٿِـيُون، سَيَّدُ چئي، ھاڙھي جُون ھاڪُون؛
جِتِ اَنڌيوُن اوطاقُون، تِتِ ڪاھي رَسِجِ، ڪارَڻِي!
7
ماڻِڪُ مِٽُ سَندومِ، اونداھِيءَ ۾ سوجِھرو؛
حَشَرَ ويلَ حِسابَ ۾، ڇَڏي نه ويندومِ؛
سارِيو سَڏُ ڪَندومِ، ڪوھِيارو ڪيچَ ڌَڻِي.

داستان ستون
1
پُنھونءَ سين پِرِيتِ جو، ڪو جو پيچُ پِيومِ؛
ڀَنڀي ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، وِھَڻُ وِہُ ٿِيومِ؛
مَتِيُون موٽَڻَ سَندِيُون، ڪاڪِيُون! ڪِيمَ ڏِيومِ؛
سَرَتِيُون! ساہُ سَندومِ، ٿِيو حَوالي ھوتَ جي.
2
ڏانجَھنِ تي ڏانجھا، ڏِنائُون ڏُکِيءَ کي؛
لَڳِـيَسِ نائُڪَ نِينھَن جِي، ڪُڙِہ اَندَرِ ڪا جا؛
ٿَـرَنِ ۾ ٿاجا، ڪَري مُنڌَ مِرُنِ سين.
3
ڪو مُنھِن ڪُٺَلِ آئِيو، وَسِ نه ويچارِي؛
ھوتَ! تُنھنجي ھَٿَ ري، پَھُچي نه پارِي؛
اَچِين جي، آرِي! ته پاندَ پُڄِي، لَڪُ لَنگِھيان.
4
ڪَڏِھن تان ٻاجَھ پَـئِي، ساڄَنَ! مُنجُ سَلامُ؛
سِڪَ تُنھنجِيءَ، سُپِرِين! ڪَيو تَنُ تَمامُ؛
ھَٿين ھاجَ وِہُ ٿِي، نيڻين نِنڊَ حَرامُ؛
دوسَ! نه سَھان دامُ، تُون وِندُرِ ٿو ويلا ڪَرِين!
5
بَرُ مِڙوئِي بُوءِ، ڇَپَرَ ڇاٽُون مُڪِيُون؛
ٻَہِ ٻَہِ ٿي ڀَنڀورَ ۾، ھَنڌَ مِڙيئِي ھُوءِ؛
راڻِيُنِ وَرِي روُءِ، گُوندَرَ لَٿا گولِئين.
6
جَتَنِ سان جانۡڪُون، سَرَتِيُون! مُون سَڱُ ٿِيو؛
ڪَري ڪوھِيارو وِيو، تَنُ ڇِنِي تانڪُون؛
آئُون پڻ تَڏانڪُون، اَڌَ ڏُکوئِي آھِيان.
7
مَتان ڪا، ٻَڙِي! ٻولَ ٻاروچي وِسَھي؛
ھُوندَ نه سُتِيَسِ، سَرَتِيُون! ويـھِي رَھِيَسِ وَڙِي؛
جَتَ پَنھنجي جُوءِ ۾، گھارِينِ مانَ گَھڙِي؛
ڪيچِيُنِ آئُون نه ڪَڙِي، ڪنھن ڏُکِيءَ ڏاوَڻُ ڏائِيو.
8
اَدِيُون! آئُون نه تِيئَن، جِيئَن پِرِيَتَڻو پِرِيُنِ سين؛
ٻَڌِي سُتِيَسِ نه سوگھو، ڇَلۡوَرُ ڇاتِيءَ سِيئَن؛
ڪيچِي ڪاھي ڪَرَھا، مُونھان وَڃَنِ ڪِيئَن؟
ڏوہُ مُنھنجي ڏِينھَن، پُنھونءَ کي ڪا مَ چَئي.
9
وَرَ! مَ وِساريجِ، آھِيان تُنھنجي آسِري؛
ڏاڍو ڏُونگَـرَ جو سُڄي، سو لُطفُون لَنگھائيجِ؛
اُسِرِي اُتَھِين، وِيرَ! تُون، آرِي ڄامَ اَچيجِ؛
نِماڻِيءَ کي نُورَ سين، لالَنَ! لَڏائيجِ؛
ظُلِمَتَ جا زمين جِي، سا نِرِمَلَ! نُورُ ڪَريجِ؛
ڪامِلَ! ڪَنِ ڪَريجِ، فَرياديُون فَقِيرِ جون.

وائي
ڇورِي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، ٻاروچلَ! ٻانھِي؛
جانِبَ جَھڙو جَڳَ ۾، ناھي ڪو ثانِي؛
پُنَھَلَ! نِيو پاڻَ سان، پورِھَيتِ پَرِٽِياڻِي؛
پورِھيو ڪَندِيَسِ پِرَ جو، ڀَرِيندِيَسِ پاڻِي؛
ھوتَ! مَ ڇَڏِيو ھيڪِلِي، ھِيءَ جا وِندُرَ وِڪاڻِي؛
اَدِيُون! عَبۡدُاللَّطِيفُ چئي، اِيندُمِ آرِياڻِي.

majidbhurgri@yahoo.com

شاه سائين جو رسالو