بيت سنڌي
روجھن بابت
1
روجھُون رڻُ يادِ ڪيون ، اُڀيون رتُ رئَن؛
ھر ڪنھن ويلَ ھُئَن ، اِھڙن اوراتَن ۾.
2
روجھُون رڻُ ڦِٽو ڪري ، لاھِ لھِي آيون؛
ٿِين تار نه تَرايون ، جو مُند نه اُٺَن مِينھڙا.
3
مُندين مِينھن اُٺانِ ، وري روجھُنِ رڻُ ڦِٽو ڪيو؛
ڏولائيءَ جا ڏينھڙا ، گھڻا گھر ڏٺانِ؛
اُنھيءَ کَؤن اَرمانِ ، لحظيٖ مَنجھ لھي ويون.
4
مُندين مينھُن پيونِ ، تَرايون تارِ ٿيون؛
وڃڻُ مٿين ماٿرين ، ٿاڪن تي ٿيونِ؛
وِسري ڪينَ ويونِ ، سورڻُ ريجاڻِن جو.
5
ھنيَڙو ڇـڏي ھُتِ ، ٿيون روانيون روجھون؛
ڏکيا اَوسَر ڏينھڙا ، ٿيون گُـذارِن ھِت؛
اَٺئي پَھر چِت ، وطن تَن نه وسري.
6
رڻُ ڇڏي روجھُون ، ڪا ڏس چِتائي ھَليون؛
جيلھان مُند اُٺا نه مِينھڙا ، تيلھان ٿيون ڪوجھون؛
لَڪَنِ جون لوجھُون ، جَرين جالِڻَ ھَليون.
7
ماٿَر مينھن پِيانِ ، روجھان موٽي آيون؛
اَوسَر سَندا ڏينھڙا ، وسري سڀ ويانِ؛
ٿاڻا ٿَر ٿيان ، ڦَٽيون ڦوڙيون گَڏيون.
8
جڏھن ٿيا اَبَر، تڏھن روجھُن ڳاٽَ مٿي ڪيا؛
موليٰ وڇڙيون ميڙيون ، جن ٿي گـذاريا اوسَر؛
پھاڙيءَ جي پاندَ ۾، گڏجي ڪَن گُـذر؛
ٿيون سڀيئي سَر، لَنگھيَن ڏکيا ڏينھڙا.
9
جي ڦَٽيون جي ڦوڙيون ، اُٺي اَچي گَڏ ٿيون؛
اوسَر ڪَيون ھُيون ، اورَنِيون اوريون؛
لَکين ڪِروڙيون ، رڻُ سڀوئي روجھيون.
10
روجھڙين اُتاءُ ، لنگھيا اَوسَر ڏينھڙا؛
موليٰ آندا مِينھڙا ، پنھنجي مھر مٿاءُ؛
جي ھيون ويچاريون وِڇـڙيون ، ھڪڙيون ٻيَن کاءُ؛
ويُن ڏولُ وِچاءُ ، اُٺي اَچي گـڏيُون.
11
آسَروند آھين ، روجھون راڻيون رڻ ۾؛
اُڀيون پيون اُڀ ڏي ، ٿيو وائِڙيون واجھَائين؛
رڙيون ڪيو رڻَ ۾، ٿيون بُوندون بَرسائين؛
تنھن ڪُنڊ ٿيون ڪاھِين ، جنھن ڪُنڊَ وَسَن مِينھڙا.
12
”سچو“ رک سَماءُ ، ٿو ماڻھو روجھن سان گڏين؛
ھاڻي صبر مَنجھِ ئِي آءُ ، ڪمائي پوري ڪري.
13
آيون وَس ڇڏي ، مُندين اُٺَن مينھڙا؛
موليٰ سندي مِھر آھ ، جي وڇڙيون گـڏ گـڏي؛
لٿيون لاھَ لڏي ، روجھون ريجاڻِن تي.
14
رڻَئُون روجھيُون آيون ، وين اوسَر ڏينھن؛
مندين اُٺن مينھن ، ڪيئون رُخ ريجان تي.
15
رڻئُون آيون روجھون ، جو سنڀاليائون ديسُ؛
مُندين اُٺَن مينھڙا ، وسري وين پرديسُ؛
جي ھيون اُٺيٖ ريءَ اُديسُ ، سيٖ پُڻ سرھيون ساہَ ۾.
16
جي اوسَر ڏسِي روجھيون ، رڻَ چـڙھي ويئيون؛
تن کي وڃي اُتھَين ، پَلڪان ڪي پيئون؛
پوءِ مُندين اُٺن مينھڙا ، سَبزيون سڀ ريئيون؛
ڍوَ واري ڍيئيون ، ڍليون گـاھَ گُـلن تي.
17
رڻِ چـڙھي روجھان ، ويون وري ڪَٺَ ڪري؛
سَبز سِيڻيون آئون ساوڙيون ، سَڀڪا چاڪُ چَري؛
پُري آئيون پِيئي تي ، پَھاڙؤن پَري؛
ويَن ڏولائي ڏينھڙا ، سَڀڪا ڀَلُ ڀَري؛
”سچو“ مون نه سَري ، ريءَ ميلائيٖ سَڄَڻين.
18
جي رڻ چَـڙھيون روجھَڙيون ، ڪيون ڏولاون ڏکِيون؛
جبلن سَندي جھولِئين ، بِـرُ ھيون بُکيون؛
ٿيون ھاڻي سڀ سُکيون ، جو مُندين اُٺَن مينھڙا.
19
ھِنيون لاھي ھَليون ، روجھان رڻُ چتاءِ؛
موٽي مِھر موليٰ جي ٿين ، جو اُٺن مينھن مَٿاءِ؛
ڏولائي جا ڏينھڙا ، لاٿا پاڻَ خداءِ؛
وري پنھنجي ديس ڏي ، وريون جاءِ بجاءِ؛
واري وسَ وساءِ ، ڪا رازقَ روجھڙيَن تي.
20
روجھون وٺي واٽَ ، ھليون تَرايَن تل تي؛
گولاڙن جي گَس تان ، چَٽن مِٺي ماٽ؛
لاھي اُڃ اُساٽَ ، راھِي ٿيون رڻَ راہَ ڏي.
21
روجھون ريجاڻن تي ، لنگھي لَس ويون؛
بوندون جِـت بارانَ جون ، پَھاڙين پيون؛
رڻَ ۾ سي رھيون ، جن پنڌُ نه ڪيو پھاڙ جو.
22
راھي ٿيون رڻ راہ ڏي ، لاھي اوسٽَ اڃ؛
پھاڙيءَ مان پُڃَ ، روجھن ڪيا رڄَ تي.
23
راھِي ٿيون رڻ راہ ڏي ، لاھي اُڃ اُساٽ؛
اَچي وُٺُن اوچتو، وڏَڦـڙو ۾ واٽَ؛
رعد جي رڙين تي ، ٽَھي ڏنائون ٽاٽَ؛
پُڳيون منجھ پھاٽَ ، لَٿَن سِڪَ ”سچو“ چَوي.
24
وٺِي وٽَ پَھاڙَ جي ، ھليون منجھان ھيجَ؛
رِسي مَٿي ريجَ ، پانڌوڙيَن پِيا ڪيا.
25
رڻَ چـڙھي روجھون ويون ، ڏسي اوسَر ۽ اولا؛
اُٺا مينھن مِھر جا ، مِھر ڪئي مَوليٰ؛
روجھيون ريجھيون ، ڏسي ڪري ريجڪ رسيلا؛
واحد وسيلا، پٽَن تي پڌرا ڪيا.
26
روجھُن زارو زار ، اُڀي رنو رڻَ ۾؛
رڙيون سُڻي رُليُن جون ، سعيو ڪيو ستارَ؛
ساري ساز سُرودَ سان ، سارنگ لَـڌين سارَ؛
روجھن ساڻ رھاڻ لئه ، کِنوڻين ڪَئي کيڪارَ؛
ٽھي ھليون ٽيلن تي ، سُڻي گوڙ گجڪارَ؛
وسي وسَ وڏي ڪَئي ، وسڻ جي وسڪارَ؛
تانگھيون تارَئون تار ٿيون ، ترايون تلھارَ؛
سَچي لَـڌڙي سارَ ، سِگھي سڪَ وارئين.
27
ڦوڙائي جون ڦَٽيون ، ڦوڳيون ٿيون ڦولھِين؛
اَبر سندي آسَري ، ٽَڪَر ٿيون ٽولھين؛
ڳوليو ٿيون ڳولھين ، ترايون تَر ڀَريون.
28
” مندائتا موٽيا “، روجُھون چَوَن روئِي؛
”قسمتَ قيدالماءِ“ کي ، ڪونَ جھَلي ڪوئِي؛
” سائين سگھوئي ، ڪَندو وسَ ولھِن تي!“
29
”مندائتا موٽيا،“ روئِي چَون روجھون؛
”ڪميڻيون ڪوجھيون ، قادرَ تنھنجيون آھيون!“.
30
پانڌوڙيون پھاڙَ جون ، رڻين ڪوہ رھن؛
لوچي سي لَھَن ، جن ”سچو“ ٻَڌو سندرو.
31
ماٿَر مٿاھان پنڌڙا ، پانڌوڙيون پُرن؛
سانگن مٿي سَرڙا ، چَريو سي چَرن؛
ورِي ٿيون ورن ، ”سچل“ سي ساڻيھ تي.
32
ڇڏي رڻ راھِي ٿِي ، روھَن مٿي روجھ؛
ٻيلي پَئي ٻوجھ ، چَرڻ جِي تنھن چِت ۾.
33
روھَن اَندر روجھڙيُون ، ڪيون ڏکيون ڏولاون؛
”سچل“ سي ساون ، سُکيون ڪيون سُکديسَ ۾.
34
پَلر پَھاڙين پَلٽيا ، واحد ڪَين وسَ؛
لنگھي ويون لَسَ ، روجھون راجاڻَن تي.
دوھا
شَي آھيان ڪاڪيون ڪھڙِي ، جا سمجھي نه ڄاڻان!
بعضي ڀايان پُتلي ، يا آھيان گُڏيءَ ڏور،
يا گوءِ آھيان ھٿ يارَ جي ، يا وانگيءَ وانگر زور.
يا تا محل آھيان ، جنھن ۾ شھنشاھ،
ٻوليون ڪري ڪيتريون ، ٿو درنئون داناھ.
يا تا گھوڙو آھيان ، جو ھَلائي ھَسوار،
يا تا موج درياھَ جِي ، جا ٻوڙي ٿي ٻاھار.
يا مِھنديءَ گل تا آھيان ، جنھن اندر لالائِي،
يا آھيان گل گلاب جو، جنھن سِر ۾ سرھائي.
يا تا چشمو آھيان ، جو اَبر ڀَريو آب،
تنھن ۾ سايو سج جو، يا پاڇوئي مَھتابُ.
يا تا پاڇوئي حق جو، آءُٗ اَصل کان آھيان،
جنھن ۾ ڳالھ ناہِ تا ، سو ڀي تا ناھيان.
ڳالھ ”سَچوءَ“ تا سَمجھِي ، کَؤن ھاديءَ اِھائِي،
تا غير خدا جو ناھيين ، آھين صاحب سدائي.
ھدايت 1
رمزان سي ھاديءَ جون، ميان،جيڪي چيائون مون کي سي سَلَڻ ناھن،
ھوءِ ھوءِ - ڌريون آھن دل تي!
ڳالھيون ڪري ڳُجھ جون ، ٿا صاحبَ سَمجھائِين،
” لااِلهٰ “ کَؤن اڳنان ٿا ھادِي ھلائِين،
سَمجھڻ ” سَمع بَصَر“ جو ٿا فائِقَ فَرمائِين.
” خوديون خاص نه ڀائنجو ھِي نِت نِت نمازان،
ڄاڻو ڀَلي ڳالھڙِي ھِي سوز و گدازان،
اَٿَـواَناالحقَ‘ جا اِھي عِبرت آوازان.“
ھَي ھَي ھِڪڙي ڏينھنڙي ،ٿا ھادي اِئين چَون،
”جَن نه سمجھِي ھِـت ڳالھڙِي ، سي سُڀان گھڻو رون،
جَن سُڃاتو ھتھين ، سي ھُـت ڀِي اِئين ھُـون.“
”جيڪي ڀَليون ڳالھڙيون ، اُنھن پُڄَڻ پَري آھ،
ڪوڙا قصا ڪُھ پئا يار، سُڃاڻ سَواءِ،
پُرجھَڻ آھي پاڻ کي ، ٻي ڀَلي بات نه ڪاءِ.“
ھاديءَ حـقيقت جي ، يار، موٽِي ھيئن چيو:
” آقا آھي ھيءَ ادا آھي ڪونه ٻيو،
جي ئِي لنگھيا سَڀَ کَؤن ، يارُ مقصد تن ٿيو،
سائين ساڳيو سو اَٿو، جو وجودؤن ويو.“
ھدايت 2
مرشِدَ ھادي رھنما ، ٿا سَمجھائِن اِئين:
”ھُو تُون ڄاڻج پاڻ کي ، متان ھيءُ ٿئين،
”وحدت جي چوگان ۾، اِھا گوءِ نِئين،
”سچو‘ ساڻ يقين جي ، ھِي حال ڏي ھِئين.“
ھدايت 3
ھادي ويڙھي آيو، ھاڻي سائينءَ ھِيئن سمجايو،والِي ويڙھي آيو!
”ڪڏھن ٿيو ڪونڪو، عاشقِن آرام، ميان،
راتو ڏينھان تن اُتي محبت جو ماتام، ميان،“
خاڪَون ھَلج خاص ٿي ڪر پاڻِيءَ کَؤن پرواز، ميان،
چـڙيءَ چَنبو ماريُئي ، ٿي شاھِين ۽ شھباز، ميان.“
”جيڪو اَصل آھي، ٿيو ھاڻي سو سلطان، ميان،
گھوڙي چڙھندِڙ گم ٿيو، پيو گھوڙو ۾ جولان، ميان.“
” گرد ڳجھو ڪيو طالبو، اھو گھوڙي جو ھسوار، ميان،
گھوڙي وارو گم ٿيو، اُڀريو گرد غبار، ميان.“
آيو بحر جوش ۾، تڏھن موج پَئي ٻاھار، ميان،
ھَي ھَي آيو نانءُ ۾، ٿيو ساوڻ جو سينگار، ميان.“
”لُـڙَ منجھَون ٿيو اَڇو ڪارو، اَصل سو درياہ، ميان،
بيحد رنگ گھڻا ٿيا ٻاھر، ھرڪو ٿيو گمراہ، ميان.“
”سانوڻ لٿو، ھڪ ٿِي تڏھن پاڻي موٽيو پوءِ، ميان،
ڪارو اڇو لُـڙ ٿيو، اھو سارو سمونڊوءِ ، ميان.“
”نانءَ لَھِي ويا ٻاھريان ، اھو باقي رھيو نام، ميان،
ڪوران، ڪَسيان، واھڙان، ھت ڪلي ٿيا گمنام، ميان.“
”ھِت سَڀيئِي درياھ ٿيو، ٻيو ڪوڙا لٿا نانءَ ، ميان،
اول آخر ھڪ ٿيو، ويا وچائون گنان ، ميان.“
”اصل جيڪي ھوس آءُٗ آھيان ھِت ڀي سو، ميان،
آخر ٿيندس وڃي اُھوئي ، ھڏ آھِيان ڪونه ٻيو، ميان.“
”اکيون اکڙين ۾ رکي ،تون پنھنجو پاڻ سُڃاڻ ، ميان،
پوي نظر جت تانھنجي ، تت پنھنجو چشم چال، ميان.“
”اکيون اکڙين ۾ رکين ، تا ھِت ھُت تون‘ ھين آءُٗ ، ميان،
جي خبر اکين جي لَھيين ، تا تون نرالو نانءُ ، ميان.“
اکين مون معلوم ٿئي ، اِھو صورت جو سينگار، ميان،
”سچو“ سارو سچ ٿيو، ٻيو ناھي تفاوت وار، ميان.“
ڪافي 1
اڄ تون اسان وٽ آءُ ، تون مينھن والَ ميھارَ، ميان!
پاڻي اُپڙڻُ نا ڏئي ، ھڪ ويريون ۽ ٻيو واءُ ، ميان.
ڪارِي، ڪُن لَھريون لسان ، دورَ وڏي درياءُ ، ميان.
ساھَـڙَ سببون تانھنجي ، سَرتيون ڏين نَه ساءُ ، ميان.
پِرين وڙئون پانھنجي، ”سچوءَ“ لَھُ سماءُ ، ميان.
ڪافي 2
لَـڙ وھي لوھاڻو، يارَ، وي!
سا ڪيئن ترسي تار ۾، جيءَ جنھين جھوراڻو.
ڪاھيو پوي ڪُنن ۾، ڏنِس عشق اوراڻو.
ساھـڙَ ٻاجھون ساہَ کي ، ڪيو ورہَ ويڳاڻو.
سانولُ سدا آھهِ مُون ، اوھِين سڀئِي ٿيون ڄاڻو.
پڇندو اَچي پاڻَھين ،”سچل“ يارُ سِياڻو.
ڪافي 3
آکوڙِي! آءُٗ ڪير آھيان ، ذات نه ڄاڻان ڪير!
سَھي ڪَري ڪين سگھان ٿو، ڀينَر پنھنجو ڀيرُ.
ڪاٿَئون ٿِي آءُٗ ڪاٿي آيس ، پرتَئون پاتم پيرُ.
ساڳيو ئي سو رانجھو آھيان ، تنھن ۾ ڦندُ نه ڦيرُ.
پاڻؤن ڄاڻي پر گھمايَم، سُرھو ڪِيُم اَنڌيرُ.
مَڪي مَنجھ مَسيت بڻايَم، جڻيو جيسلمير.
”سچو“ نانءُ ته آھي منھنجو، ھَـڏِ نه آھيان غير.
ڪافي 4
ساٿي ڙي ديسَ دلبر جا، سِگھو وڃ پار پرين جي؛
خبر ڪا خيرَ جي آڻين ، آھي خوش خاص سو مَظھر!
پانڌِي پيغامَ ھي ني تون ، سنڀاري دوست کي ڏي تون،
ڳالھيون ڪر ياد ڀي تون ، آھينم تون دل گھريو دلبر.
عاشق ايڏھن نھاري ٿو، تو لئه گوندرِ گذاري ٿو،
سَڄَڻ تو سَرس ساري ٿو، اَوھان لڳ آھِ مُنتظر.
زيادہ ٿو ڪري زاري ، ڪيائين سَؤ ڳِچيءَ ڳاري،
مَ ڪج تنھن کَون بيزاري ، ڏسي ڏوھن سندو دفتر.
دردَ ۾ دل بَجانو ٿيو، اُتي يَڪدل يَگانو ٿيو،
وٺي نياپا روانو ٿيو، رسيو تاروءِ وڃي رھبر.
اڳيون ڀِي ٻاجھَ ھُـت پيئي ، وائي تا ھجر جي ويئِي،
دلاسا دوست ڪيا ڪيئي، لِکڻ کون ھِن اُھي ٻاھر.
آھي سڀ خيال ھِي منھنجو، اوڏنھن ويو حال ھي منھنجو،
”سچُو“ ري سوالُ ھي منھنجو، حضوريءَ ۾ ٿيو حاضر.
ڪافي 5
تنھنجي چشمن چيٽَڪ لايو،
آءُٗ ھاڻي ڪئن ڪريان!
ڪَلَ نه مون کي ڪا ھئي ، عشق اَچانڪ آيو.
دل اسانجڙيءَ لعل لپيٽيو، رمزن جو رنگ لايو.
سدا گھُرجي ”سچوءَ“ کي ، محبت جو نِي مايو.
ڪافي 6
يارَ ٿئين وڃي ياڪي،
متان ھي وسارين، ميان!
ٻيو سَڀو مون وسريو، برہُ رھيو ھڪ باقي.
تنھنجي طالبَ آھيان ، محبَ مون تا ميثاقي.
ڪم منھنجو ڪيچ ۾، ھاڙھو سَڀُ ھَلاڪِي.
لاھج پنھنجي لطفَ سان ، گوليءَ کون غمناڪي.
ڪَر پاڄاڻي پنھنجي ، ”سچُو“ ھيءَ ڪساڪِي.
ڪافي 7
ھِيءَ غريب نماڻي،
ڪيئن بيراڳِڻِ ڪَيَئه!
معاف مدايون ڪَر تَنھين تَون ، الھ لڳ آرياڻي،
پيش اچي جا پَيَئه.
بِيٺي آھيان يارانھيءَ تي ، حُب منجھؤن ھوتياڻِي،
ڳالھ چُڪِيءَ جا چيئه.
ھڪ خيال نِي دل تي تنھنجو، تنھن ڪَيَس جوڳياڻِي،
خيال ٻيا سڀ کَنيَئه.
وعدن واري ڳالھ اَسان سان ، ھوتَ ڪَيَئه جا ھاڻي،
ڪيئن وسرِي سا ويَئه.
ڏک ڏوراپا ڪھڙا توسان ، پرين سا ڪيئه پُڄاڻي،
نال نماڻِي نه نِيَئه.
ڀَري نوڪَ نيھَن جِي سائين،”سچوءَ“ کي نِي سُڃاڻي،
ھوت ڀَري جا ھَنيَئه.
ڪافي 8
عِشق اسان وٽ آءُ ، اچي تو تا سانوڻ لايا!
چئنچل چيھل ٿي چوڌاري ، مينھن رات ڪئي موچاري،
عزت لـڌي آسمان ، پِرين اچِي پير گھُمايا.
بوندَ بِرہَ جي بَرسي باري ، جوشَ اکِيَن مون جَرَ ٿيا جاري،
بيحد ٿيا بارانَ ، اصل کون واھَ وھايا.
گل ڦُل گاھن ڪئِي گلزاري ، مَڃيائون سارنگ جي سرداري،
سَھسين ٿيا سامان ، اَکين اچِي آگَمَ لايا.
يار ”سَچَل“ چئي مُحب مِليا سي ، بيشڪ دل جا دردَ لٿا سي،
شاھِي رکيائون شان ، اچي تَن حُڪم ھَلايا.
ڪافي 9
عِشق پنھنجي جي خَبر جي ڪَنھن اَدا عاشِق آھي،
مُشرڪ ۽ مُرتَد آھي ، توڙي اھو تارڪ آھي.
جو ٿيو گُم يار ۾، پاڻ ئِي کون لا تعلق آھي،
پانھنجي ھُوڻَئون اُھو، ھَر فعل کون فارق آھي.
ڪُفر ۽ اسلام کون ، لاڙو انھِيءَ لاشڪ آھي،
رمز تا ھِن راز جي ، سمجھي سوئي سالِڪ آھي.
دائم دُوئيءَ وارن نظرَ، ھڪ خلق ٻيو خالق آھي،
اُپٽي جو عبرت جون اکيون ، تنھن کي مڙيوئي مالڪ آھي.
جِيئن ھاديءَ فرمائيو، سوئي سَڀو برحق آھي،
سو ”سچوءَ“ مُرشد سچو، سو پير عبدالحق آھي.
ڪافي 10
جيءُ آئين ڀَلي آئين تون،
ڪنھن منزل مون پھچائين تون،
ٿو موٽي سِرُ وڍائين تون!
سرمَدَ کي ڏيئِي لَتَ ڪھايئِي، سوريءَ تي مَنصور چڙھايئي،
شيخ عطار جو سِرُ وڍايُئي ، ھاڻي ھيڏي پنڌَ پُڇائين تون.
زڪريا ساڻُ ڪرٽَ چِيرايئي، يوسف کي مَنجھ کوھَ وجھايئي،
شمس مُلن جي ھَٿئون مارايُئي، عاشِقَ ٿو آزمائِين تون.
جڻيو ڪفر صنعان وجھايئي، بُلي شاھ کي ذبح ڪرايئي،
جعفر کي درياء ٻوڙايئي، تن کي پار لنگھائِين تون.
گھاڻي ۾ بلاول پيڙايئي ، عنايت ميدانَ مارايئي،
ڪرمَل کي ھِنَ حُڪم ھِلايئي، ڦيرُوءَ ڪَنڌُ ڪَپائين تون.
قاسِم دُرن ساڻ سَٽايئي، موسيٰ کي بيٖ سُھاڳَ وٺايئي،
اڪيداسَ تَعزير ڏِوايئي، سو اَڄُ ساڳيو آھين تون.
”سچو“ سَندءِ پنڌَ پُڇائي، گھوريو پنھنجو سِر گھُمائي،
نِيھن واري ڳالِھ ڳالھائي ، عاشق ٿي فرمائين تون.
ڪافي 11
حڪم تنھنجو ٿو ھلي، پَر ڏوھ پاڻ ئي کي ڏيان!
آھي ”فَعالءُ لمَا يُريدُ،“ نانءُ ھِيءُ ڪاڏي نِيان؟
آھي ” وَبي يَنطِـقُ وَيُبصِرُ “، تر نه توريءَ جيان.
جاڏھن اچي ظاھر ٿئين، ھَل ھيجَ! مَون تاڏي ھيان.
” يَـرجِـعُ اِليٰ اَصلِہ “ سُڻُ مامَ ھِيءَ موُن ھان مِيان.
گمنام غمزي ۾ ڪرين، ساڳيو”سچو“ سُوئِي ٿيان.
ڪافي 12
دِل چَپَن سان جي چُمين، پير مُغان جو آستان،
محبتَ سچي محبوبَ جي، بانڪا وڃي تون باس تان.
ڪي ڏينھن مون دلدار لئه، ورد ۽ وظائف ٿي پڙھيا،
جڏھن عشق آرانڀا ڏنا، ٿيون خود خدا جون خواستان.
جڏھن شوق مون شامل ٿيو، ٻيو خيال خاطر کون ويون،
ھڪ واسطو تنھنجو رھيو، وسري ويون ٻِيون واسطان.
راھون سڀئي گمراھ ٿيون، جي مون پڇين تون ڳالھڙي،
ڪر گُذري ٻئي گوڙ کان، اَٿَئي راہَ رب جي راستان.
رنگ روح کي جيڪو لڳو، دنيا ۽ عقبيٰ ڀئُه ڀَڳو،
غمزي تنھن گم ڪُل ڪيو، وھَواہ ٻيا وسواس تان.
عشق جي ڙي جيڏيون، ناھي تمامِيت ادا،
چاھون چوائي ٿو گھڻو، ھِي درد مون کي داستان.
”سچو“ سدا سِڪَ ۾ رھين، متان تون جھَلين روئڻيُون اکيون،
ھت درد وارن جي پرين، پاڻھِين ڪرن ٿا پاس تان.
ڪافي 13
ڪَنھِن سان ڪَيَم نه ڪَلَ،
جو سودو آندم پاڻ سان.
سودو ڪَنھِن نه پُڇيو، آيس ۾ مشڪل.
گران قيمت کون سَڀَئي، موٽيا تنھن مَھَل.
سودي ھھڙي جي اُتي، لاھن سڀ نقل.
ميڙون موڙن تي ڪري، عالَمَ ڪَئي اُڇَلَ.
حال ڏسي تا ھُنَ جو، جيئَـڙو منجھ جَنجَل.
ڏوھ نه مون کي ڪو ڏيو، پئَي خَلقَ منجھ خَلَلَ.
”سچوءَ“ سرفراز ڪيو، آڻي سو عشِق اَجھَل.
ڪافي 14
صحي سڃاتوسي، ھاڻي اَصل اسان جو تون آھين!
عاشقَ متان اوتيين، پِنبڻيَن مون پاڻي.
ڪڏھن اسان جي ڳالھ کون، عذر متان ڪو آڻي.
عاشق مِٺي ڳالھ جي، ميان، وَري ٿا ڏين وراڻي.
ڏينھن ئون نئين آھي سا ، ميان، ناھي سا پرت ٻُراڻي.
تن ۾ تنھنجي اصل اَسان جي، ”سچو“ ري سِڪَ سَماڻي.
ڪافي 15
آھيان اوھانجَڙو اُئين- دوست چوين ڪير آھين؟
پِرين ڏسج تون پاڻَ ڏي، آءُٗ ٻانھو تون سائين.
پنھنجي درئوُن سُپرين، پير منھنجي در پائين.
ڳچيءَ پائي ڪپڙو، ميان، پِرينءَ کي پَرچائين.
آءُٗ اَوھانجڙو آھيان، چِت نه مان تَون چائين.
ديدان کَڻُ تون مَٿي الله لَڳ، ميان، ”سچوءَ“ کي سَرچائين.
ڪافي 16
جيڏيون مون کي ڇو ٿيون جھليو،
وينديس پرينءَ جي پار!
ھُنَ ڀَرِ ڀيرا ٿي ڪريان، جو مون ھُتِ روح رَليو.
ڏانھن گھڻا ڏينھَڙا، مون ٿيٖ عِشق اَليو.
روح پريان جي پارَ ڏي، وٺي سا حُبَ ھَليو.
پريان سندي پارَ ڏھون، پاڙيچون نه پَليو.
”سچوءَ“ جوڙِي سَرتيون، محبَتَ مَن مَليو.
ڪافي 17
منھنجو ھِنئـڙو وڃي پيو، پرينءَ جي پار، وو!
سپيريان ڏي سرتيون، مون کي نِيھڙي نيو.
ڳُـڻين ڳالھيين يارَ سَڄَڻ جي، سوگھو ساھ ڪِيو.
پاڻون پائي اڱڻ اَسان جي، لالن شال لِيو.
جَـڙ لڳي ھُيوَ جيڏيون، ته ڪِيئن مون ڏوھ ڏيو؟
سُپيريان جي سِڪَ ۾، مون سان ٻيلي ڪونَه ٻيو.
سگُ سڄڻ سان سگ ”سچوءَ“ جو، جيڏيون جيءُ ٿيو.
ڪافي 18
دل جا دلبر يار، سگھو سگھو اِيندو رھين!
اسان نماڻن جي نانءَ سائينءَ جي، لھين تون سار سنڀارَ.
پار اوھان جي ڪيئي مڪاسين، قاصد سَوَ ھزار.
اوھان ٻاجھون يار پيارا، اَچن ٿا اُوٽار.
سي تون پاڙج پرين پانھنجا، ڪَيوَ جي قول قرار.
ھوءَ جا ھيِڙي مٿي منھنجي تي، ڪرين سا معاف ميار.
”سچو“ اوھان لئه يار سياڻا، روئي سو زارون.
ڪافي 19
پڇو نه منھنجي ذات، جوئي آھيان سوئي آھيان!
اچڻ اَسان جو ٿيو اُتاھين، جاتي ڏينھن نه رات.
ظاھر آھِ زبانون منھنجي،”الاقرب“ سندءِ ڪلمات.
”سچو“ سِر سھِي ڪر پنھنجو، عشق منجھون عِشقات.
ڪافي 20
مڙس ٿي منصور چئه ، نه ته ڪيم چئه منصور ھان،
منصور جي منزل اتي ، ڏاڍا تماچا تھمتان.
سگھ نه جي ساري سگھين، منھن رکين تنھن تي مٿان.
ڇو ڇوڪراڻيءَ ۾ پئِي، رانديون روين راتو ڏينھان.
احوال سڀ اسرار جو، سائين عشق کي آھي عيان.
ٺَـڙڪو ٺڳيءَ ۽ ٺاھ جو، ناحق ڪرين ٿو ناتوان.
ھِن کي چيو ھُن کي چوين،” آھيان لاھوتي لاطمع“!
منصور جي تنھن ملڪ تي، آھن سدا نوڪان نوان.
سُڻ ”سچو“ تون سمجھ رک، توکي چڱائي ٿو چوان.
ڪافي 21
وھيان وساريان ڪيئن، جيڏيون جي لنءُ لائي ويا!
گھوري ڇڏيم ھي گھر جايون، برہ بھيران پٺيءَ لايون،
پير نه پوءِ ورايان، وري سنڀاريان ڪيئن؟
شھر ڀنڀور کان ٿيم آزادي، ڪيچ ويندي ئي ڏٺم شادي،
تنھن سان نينھن نباھيان، پوءِ نھاريان ڪيئن؟
ٿي ئي منھنجي دلڙي ديواني، محبت ڪيڙيس آءُٗ مستاني،
در در ڦيريون پايان، ھت گذارايان ڪيئن؟
پور پِرينءَ جي ڪئي پڌرائي، اوڙي پاڙي وڇُٽي وائي،
ڇاکي عِشق ڇپايان، ھُڻ گھر گھاريان ڪيئن.
ڪيچيڙن جي ڪم اَچان جي، رنگ- ڀَريَن جي رنگ رچان جي،
”سچو“ ري ڳُڻ ڳايان، ھي سرُ واريان ڪيئن.
ڪافي 22
اوھين پنھنجو پاڻ آھيو، ننگَ نباھڻ وارا!
ھيءَ نماڻي عيبَن ھاڻي، ھٿ مَٿئون مون نه لاھيو،
- نيڻ وھائِن نارا.
عاشق سندوَ آھن اُداسي، چاہ منجھون سي چاھيو،
- جي ورہ ڪيا وسڪارا.
ميلائيءَ جو مشتاقن سان، ٺاھ ڪو سِگھڙو ٺاھيو،
- مَر تا ڪرن نظارا.
اصل لاڪون آھن اوھان تي، پاڻ پِرين نباھيو،
- ڪَم ”سچوءَ“ جا سارا.
ڪافي 23
ٿي تون رھبر راھي، پِريان سندي پار ڏي.
ڏيھ انھيءَ جي ساٿي تون سگھڙي، آءُ لھي آگاھي.
تِر نه ھڪڙو ترس اِتاھين، والي آھي تنھنجو واھي.
ھِن نماڻيءَ سان نانءَ سائينءَ جي، ڪرين تون ھيءَ ھمراھي.
درد اسان جي جِي اڳيان دوستن، ڏيندا ھي نيڻ گواھي.
يار مسافر سگھو ”سچوءَ“ سان، آڻي تون ميڙِ اِلاھي.
ڪافي 24
جاني جدائيءَ ماريو، ڏينھن ڏھلا سي گھوريا!
اَصل لاڪون آھيان اوھان جي، ويچاريءَ نه وساريو.
نانءَ سائينءَ جي اسان نماڻن سان، اَچي سو گـڏ گذاريو.
مشتاقن ڏي مھر پئي تا، کڻي نيڻ نھاريو.
پري نه پاڻَؤن يار ڪريجو، پنھنجيءَ وَٽِ ويھاريو.
سَگ ”سچو“ آھي در تنھنجي جو، پنھنجي سو ڪَڍ قطاريو.
ڪافي 25
ٿورا ڪيڏا مون سان لايا، يار سانگِيڙِي ميان!
جيئن چيوسي تيئن مڃيائون، موٽي نه تن موٽايا.
چُپ چپاتي ويڙھي اسانجي، اَڄ اَچانڪ آيا.
دل سان لايم ھو جي دلبر، سچا سخن فرمايا.
ڏکن سکن ڏي ڪين ڏٺائون، توڻي عاشِق ٿي آزمايا.
”سچو“ ھئاسي اُداسي جَن لَئه، سي موليٰ محب ملايا.
ڪافي 26
اڄ جو جوڳي آيو، نانءُ تَنھن جو نٿي ڄاڻان!
سر جھٽائون جوڳن واريون، لڱين تنھن بسمو لايو.
ذري جوڳي، ذري سنياسي، تنھن ساميءَ نانءُ سڏايو.
ذات اِنھيءَ جي نٿي سڃاڻان، ڇندين پاڻ ڇُپايو.
ڪڏھن نه ڏٺم ڏيھ اِنھيءَ ۾، موليٰ سو آڻي مِلايو.
ڏسڻ سان تنھن جوڳيءَ جي، مون ڏاڍو پور پرايو.
سيرين بازارين گھِڻ گھِڻ گھنگھرو، ڇَم ڇَم تنھن ڇَمڪايو.
سوئِي ساڳيو رانجھَڻُ ھُيَڙو،”سچوءَ“ سِر سُڻايو.
ڪافي 27
ھُتَئون ھَلِي ھِت آئين،
ڪَرڻ واپار ڙي وڻجارا!
وچ بازار جي چوسُولَ وچ ۾، پِڙِي پِرت جي پائين.
شاہَ پنھنجي سان وعدو جو ڪَيڙءِ، ڏينھن سمجھي چت لائين.
شاھوڪاريءَ جي ڪوٺي جا پاتَئي، سا ويھج ڪِيمَ وَسائين.
وڻج ورہ جو ٿئي موتي لعَلان، ٻي گھور سا ڪِيمَ گھُمائين.
سودو سَچَ جو آھي ”سچو“ ھِي، ڪوڙَ ڪَنگڻ ڪَچ کائين.
ڪافي 28
حُجَ ڦِٽِي ڪِيَم ھَاڻي، ماريس تنھنجي ماڻي،
الله ڄاڻي!
تنھن ڏينھن لاڪُون يار اَوھان سان، لايو نِيھُن ھِن نماڻي،
الله ڄاڻي!
ويٺي ڏسان واٽ اوھان جِي، آءُ ڀَلا ھِن ڀاڻي،
الله ڄاڻي!
جيھي تيھِي آھيان اوھان جي، سائين تون پاڻَ سڃاڻي،
الله ڄاڻي!
راتيان ڏينھان يار سَڄَڻ مِيان، تَن توئي ڏي تاڻِي،
الله ڄاڻي!
ڏوڙا طالع ٿِيَن ”سچوءَ“ جا، الله جي توکي آڻي،
الله ڄاڻي!
ڪافي 29
حال اَچي ڏس ھاڻي، وَھي ٿو پنبڻيئون پاڻي،
پاڻ ڄاڻين!
آءُٗ ڪنيزڪ مُلھ خريدڻ، سائين تون پاڻُ سُڃاڻين،
پاڻَ ڄاڻين!
سُڌ لَھجِ تون سِگھَڙِي تنھن جي، جاني ڪَيَو جوڳياڻِي،
پاڻَ ڄاڻين!
ڏيئِي ڏيکاري پاڻ ڇُپايُوَ، ڀلي اُھا توکي ڀاڻِي،
پاڻ ڄاڻين!
روز ازل کون درَ تنھنجي تي، والِيءَ سا ھِيءَ وڪاڻي،
پاڻي ڄاڻِ!
سيني اندر يارَ ”سَچوءَ“ جي، سِڪ سَندءِ ساماڻي،
پاڻَ ڄاڻين!
ڪافي 30
مُلڪَ جا مالڪ ٻيا ھِن، تون وِچَون بيٺين بَڻِي؛
ھَي ڪَنھِن ھِن حالَ ۾، توکي وڌو ھَستِيءَ ھَڻِي.
سير لِلهِ سير بااللهِ، سير مون الله گھر؛
سير في الله لاھِ تون، خود کون وڃي مَنزل کڻِي.
ھِي جِيَڻ آھ عاريت، جن جو آھ تن لي وڻي؛
ڪڍُ وچَون تون پاڻ کي، اَندر ٻاھر آھي ڌڻي.
آھين امانت ٻِيَن جي، تون آھين ڪاٿي ڪِينڪي؛
سِرُ ھِيءُ سارو سھي ڪَر،”ھڪ ٻه ٽي“ ڇو ٿو ڳڻين؟
انسان جو اولو ڪَري، سَؤ رَنگَ ڪَرين سَنسَارَ ۾؛
ساھ کي ھِيءَ ڳالھڙي، وَہ واہَ جا ”سَچُو“ وَڻِي.
ڪافي 31
ڪم نه عاشِقَ سو ڪرين، جَنھن ۾ تنھنجِي تعريف ٿئي،
کَڻُ ملامت ڪا مٿي، مَرُ ڏيہ تو طعنا ڏئي.
بِرہَ ۾ بَدنام ٿيءُ، ٻيو ڪِين ٿئي ڪَسبَن ڪِئي،
عشق جي درياہ جي، ڇولِي ڇِڪي مَرُ تو نِئي.
پوءِ تا ساري خبر دوست جي ھِنَ پَنڌَ پئي،
راہ گم ڪر پانھنجي، وَئون وکَ نه ڪنھِن ٻَھڳُڻَ ٻئي.
ڀڄ حِجابان پڌر پَئه، لوٺيو توکي ڪھڙي لِئي،
ڇا ٿيندو پوءِ تا ”سَچُو“ ،ھَي ھَي اِنھيءَ ورھ وئي.
ڪافي 32
سَل ڙي سوداگَر، تون تا آئين وَٺِي ھِتِ سودو ڪھڙو؟
ھُتَئون آڻي ھِت ڪِيئن لڪايئه، کَڻي مُشڪَ عطرَ؟
ھوڪو ھِـت ٻِيو ڪيھو گھُمايئه، ڪَري تا گُم گوھَرَ؟
ھِھڙي جوھَرَ جي ھِتي، ڪَنھِن سان نه ڪَيئَه ڪا خَبَر.
پنھنجي اڳيون ڪَيُئه مِڙيوئِي، سارو مُلڪ مَشھر.
ڇاکون تو تا شاھ ڇُپائِي، ھِيئن سا ھَٿَ مُھر.
لکِي ڏنا تو ڪيترا، مُلَن کي مَحضَر.
لعلان لکين ڪيون پڌريون، ”سچو“ وي سَروَرَ.
ڪافي 33
ڪيھي ڪَريان مھماني، يارُ اَڱڻ منھنجي آيو!
دوست گَڏيو دلجاءِ ٿي، ھينئڙي لَٿي حيراني.
ھن وَڙَ لائق ھوسِ نه آءُٗ، محبَ ڪَئي مھرباني.
مشڪل جا ھُئي ڳالھ اسان کي، اُھا ڪَيَئون آساني.
فضل ڪرم سان پاڻ بخشيائون، ”سچوءَ“ کي سُلطاني.
ڪافي 34
نه مان مريد نه مان پير، ساري فقرَ جو فقير.
نه مان حاڪم، نه مان ظالم، آھيان اَمُن جو امير.
نه مان طاعَتَ نه مان تقويٰ، آھيان ورہَ جو وزير.
نه مان گھُمڻ نه مان گھَتڻ، آھيان عِشق جو اسير.
نه مان ڪُڇَڻ نه مان پُڇَڻُ، آھيان دوست لئه دلگِير.
”سچوءَ“ ٻَڌ محڪم سِرَ تي، محبت جو مَنديرُ.
ڪافي 35
عاشق اکيون اُپٽي ڏسين، آھي مِڙيوئي يار، ميان-
ظاھر زباني ٿو ڪريان، عجب جيھو اِسرار، ميان.
اعتقاد فردا رکُ، اَڄ دوست ٿيءُ اظھار، ميان-
جنھن کي پَسَڻُ ھِت پرينءَ جو، ھُت ڀِي تنھن ديدار، ميان.
سالِڪ سَھي ڪِي ٿا ڪَرين، صورت سندو گلزار، ميان-
ٻانھون ٻَڌين ڇو ٻين کي، آھين تون سپه سالار، ميان-
بلبل اول ڪر پاڻ کي، گھُٽ گھٽ سارو گلزار، ميان-
جي تو زليخان جان ٿئين، ساجن سڀَو سنسار، ميان.
تون تان سچيءَ ھِـنَ ڳالھ کَون، عاشق نه ڪر انڪار، ميان-
جيڪي چيو مرشد توکي، آڻج اُتي اعتبار، ميان.
سروپا اُھو ساجن وسي، ٿي پاڻَ کون بيزار، ميان-
آھي وس ”سچوءَ“ سڀ يار جو، ناھ ڪو اسان اختيار، ميان.
ڪافي 36
عاشق جي اَحوال جي، تون ڪوھُ نه پُڇين ڪَلَ؟
راڻي ڪارڻ ٿِي روئي، محل چڙھي مومَل.
سُھڻِي گھِڙي سِيرَ ۾، آڻي عشق اجھلُ.
سَسئيءَ گوندر گھاريا، پُنھونءَ ريءَ ھِت پَلَ.
ڪڏھين ٻُڌي ڪانڪا، جھانگيڙن تي جھَلَ.
سِڪ ”سَچوءَ“ کي سرتيون، ڪيا ھينئڙي اندر ھُلَ.
ڪافي 37
ڙي جيڏيون، منھنجي يار سڄڻ سان زاري زاري!
ھيءَ نماڻي عيبن ھاڻي، بِرہ سَندن آھي باري باري.
حاضر ٿينديَس در دوستن جي، پائِي ڳچيءَ سان ڳاري ڳاري.
پوءِ ته ياڪي يارُ ٿيوسي، پھروين لائي ياري ياري.
ھَٿ سڄڻ جي اَديون ڙِي آھي، ڳالھ ”سچوءَ“ جي ساري ساري..
ڪافي 38
اڱڻ اسانجڙي سائين، ڪَر ڀَلا تون ڀيرو!
نانءَ ڌڻيءَ جي دلبر سائين، پاند ڳچيءَ ۾ پائين،
- ڪَج فقير ڏي ڦيرو.
سدا سؤ لڳ يار سڄڻ وي، جايون سيٖ بنائين،
- وجھِي منھنجي در ديرو.
حجت رکَڻ ساڻ اَوھان جي، ٻولُ اِھو ٻولائين،
- ناھيم اِيڏو سو جيرو.
واٽَ اَوھان جيءَ جو کَنئِيو، ”سچوءَ“ ڏينھن اُنھيءَ کان اَڄ تائين،
- پيراڍن جان پيرو.
ڪافي 39
جي اوھين ڄاڻو، ڙي جيڏيون، آھي الله لوڪ سارو!
ڪاٿي آھي چُپ چُپاتيءَ، ڪاٿي ماري نعرو.
بيڪسيءَ ۾ ڪاٿي گذاري، ڪاٿي سو حڪمن وارو.
ڪاٿي شَرَع ۾ شور مَچائي، ڪاٿي ڳچيءَ ۾ ڳارو.
جاڏي ڏسو تا تاڏي آھي، سندس نِيھَن نظارو.
حقيقت جي حال کَون، ”سَچُو“ ٿِيءُ نه ويسارو.
ڪافي 40
لک ڪريان توڙي زاري، دوست چَوي ”تون ڪھڙو!“
ھَٿين ڀي پَوان پيرين ڀي پوان، پايان ڳچيءَ ڳاري.
آءُٗ اُھائِي يار اوھان جي، تنھنجي محبت ماري.
روز اَلستان منھنجي آھي، يارَ اوھان سان ياري.
اسان يتيمن کي يارَ پيارا، ڏيج اَچي ڏيکاري.
ورِہ مَٿي تي ويٺِي وسايان، دو