داستان پهريون
1
لوڏيندي لامون، ڏاهو ڏار چڙهيو چوي؛
’آندو اَٿم پاڻ سان، نينهن ڀَريو نامو؛
’توڏي ساريو سڄڻان، ڪَيم راتيان روانو؛
’پڙهِي پروانو، مون کي جلد جواب ڏي!‘
2
ڪانگل آيم اَڄُ، پريان سَندي پارَ ڏهُن؛
ڳالهيون ڪيائين سڄڻان، سي روح ٻُڌي ڪيو رڄُ؛
پَکيءَ ڪيو نا پَڄُ، ظاهر ڪيائين زبان سان.
3
ڏاهو اَڄ ڏسو، جي ويڙهي ويڳاڻو وتي؛
پورن مَنجھئون پانهنجي، ٿو ڏئي حالَ حِصو؛
سَرتيون سُورَ سُڻِي ڪري، هِنَ خيالؤن ڪين کِسو؛
ڪو قريبَن قِصو، تنهن سيکاري موڪليو.
4
ڪيون وکاڻيون واتِ، اَڄُ ڏاهي ڏارَ چڙهي ڪَري؛
سُڻڻ سان کي سَرتيين، لڳِي چُپُ چُپاتِ؛
آتَڻ واريون اَتهين، لوٺياڻيون سان لات؛
روئن ساري راتِ، هَي هَي سو ڪانگو ڪيون.
5
گھڻا ڏينهن لڳاءِ، ڇاهون ڪانگ قريب جا؟
ڪي دم آڏو دوست جِي، ڀَلِي ڪري ڀَڳاءِ؛
هاڻي ڪِي تا تَنُ تڳاءِ، متان جھوريءَ منجھ جھڄِي مران.
6
وات ڪري وائِي، اَڄُ پُڻ ڪانگ قريبَ جو؛
ڪِي جو چيائين چُهنبَ سان، تنهن لُڇ ڏاڍي لائِي؛
اندَر کي آئِي، ڄَڻ ڄَرَ ڄيري سندڙي.
7
لَئي لامَ لَتو، ڪِي جو ڪانگ قريب جو؛
تنهن لاکِيڻي جي لاتِ جو، پَوي ڪونه پتو؛
ڪاڪِيون ڪِيئن ڪَتو، پَر اَڻَ سُوريون آهيو!
8
ڪيهي ڪَمَئون ڪانگڙو، اَڄ ٿو ويڙهي مَنجھ وتي؛
پَسِي تنهنجو حالڙو، ڪاڪيون ڪامَ ڪتي؛
تنهنجي لات لتي، ٿو جيءَ کي جياپو ٿئي.
9
اڄ لاتيون ڪانگ لَتيون، سي ڪي سڻو سرتيون؛
جو ڪَهَڻ سان ڪُهيو وجھي، ويڙهي منجھ وتِيون؛
سنديون راز رتيون، ٿو پُڻ ڪري پڌريون.
10
رويو رويو رتُ، ٿِي پکيءَ پارانڀا ڏئي؛
ته ’پيرين وجھانءَ گھِنگھرو، سي ڇمڪائيندو وتُ؛
’کيئن وٺِي خطُ، سِگھڙو ساٿيڙا ورين!‘
11
جو ٿو ڪانگ چوي، سو سُڻيجو سَرتيون!
وڏيءَ ويل صبحَ جو، ٿو چڙهيو لامَ لَوي؛
اُلڪي ۾ نه آهي، آتڻ، کَڻون اِتهون.
12
ڏاهو چڙهِي ڏار تي، ٿو ڏئي ڏوراپا؛
پڌرا ڪري نه پرينءَ جا، اهو نازڪ نياپا؛
آڻيو اوراپا، ڳالهيون ڳوريءَ کي چوي.
13
تِرُ نه هِڪ توڙي، اَڄُ لامين لاکِيڻو لَئي؛
ويٺو آهه وڳوڙجِي، کنڀن کي کوڙي؛
ڳالهه ڪرڻ کان ڪاڪيون، مُنهن گھڻو موڙي؛
پَر پنهنجا ٽوڙي، چڪيون ڏئي ٿو چهنب سان.
14
سڻيجو سوئِي، جيڪي چوي ڪانگڙو؛
هئين سان هنڊائجو، سرتيون سڀوئِي؛
ڪنڍيون ڪُندن سان وجھان، پکيءَ کي پوئِي؛
جانب ڏنهُن جو ئي، آڻي نياپا نينهن جا.
15
آءُ ڪانگل ڪائِين، تا توتي عطر اوتيان؛
اَچڻَ ٻاجھون تانهنجي، آهيان اٻاڻڪ آئِين؛
ڏاها گھڻا ڏانهڙا، متان تون لائِين؛
پير اڱڻ پائِين، ته منهنجو ساهه سڌير ٿئي.
16
ڪانگل آيم ڪالهه، وٺِي سنيها سَڄَڻان؛
محبت ريءَ مقالَ، ڪانه ڪيائين ڪڏهين.
17
ڪي جو ڪانگ ڏسي، ڪالهه اوڏاهون آئيو؛
پيُس هنياءُ ڦِسِي، ڳالهيون ڪندي سڄَڻين.
18
مالهان موتين جون وجھان، پَکيءَ کي پوئِي؛
پِيرين سونا گھِنگھُرو، تا ٿئي سوايو سوئِي؛
سينڌو سڀڪو ئِي، مَرُ تنهين جو نه ٿئي!
19
پَکيءَ سندا پَر، ڪريان مُرصع موتيين؛
جو آڻي عجيبن ڏنهُن، ڏئي خوب خَبرَ؛
ڀينر ڙي مون ڀَر، شال ويٺو ڪري وائِيون!
02
سنيها جي سڄڻان، سي ساري ڏنائين؛
اِئين اُتائين، ته ’پاڻ‘ نه آڻِج وچ ۾.‘
21
اَدا اِيندو ٿيءُ، وٺِي سُکَ سنيهڙا؛
جاءِ ئي ٿي مون جيءُ، ڏاها جڏهن ڏسانءِ ٿو.
ڪافي 1
ڪالهه جو ڪانگ اُڏاڻي،
ڀلو، ڪيئن وئين پريَن وٽ؟
گھڻي تو سان ڪا ڪَئي، اڳيون يارَ سِياڻي.
پِرينءَ ڪِي تا پُڇيو، ڏيج دلاسو هاڻي.
ساري مون کي ڏيج سَنيها، الله ڪارڻ آڻي.
پِرين سندي پارَ ڏي، عاشق ڇو نه اُماڻي.
ائين اڏامي اوڏهُون، ”سچو“ ساهَ سيباڻي.
ڪافي 2
لؤن وڃِي ڪيئَن لايَم، پِرين نه ڄاتُم پَرديسي!
پُرجھُيم ڪين سَهيلون،
تيلهان آڏو ڏک آيم.
ڏينهن گذريا غم تنهن جي ۾،
ڳالهه جنهن جِي ٿي ڳايَم.
دانهون فريادون ڪَريان،
ڇو سِڪ ”سچو“ سيبايَم!
ڪافي 3
لَؤن مون سان جا لايَوَ،
’ يارَ، ويڙهي هِن ويهِي!
دردمنديءَ جِي دِلڙي، دلبر گھُوٽَ اکين سان گھايَوَ _
ڳالهه ڪَريان ٻِي ڪيهِي.
مُشتاقَن کي محب مارين ٿو، تَڪَ اِهائي آيَوَ _
جيهِي وڻيَوَ ڪَيَوَ تيهِي.
ڳالهه اِنهيءَ جِي سُڌ نه مون کي، پاڻ پِرين پُرجھايوَ _
رمز ڳُجھِيءَ دل ريهِي.
پارؤن پنهنجي ڪيئي قاصِدَ، هِن ڏي هوتَ هلايَوَ _
ڏيهه گَڏيا ڄَڻُ ڏيهي.
دل ”سچوءَ“ جي دلبر سائين، ديدن ساڻ دتاريَوَ _
نينهَن اوهانجڙي نيهِي.
ڪافي 4
ڪيئي ڏک جا ڏينهنڙا لنگھايم،
سُڻ تون مُنهنجا سائين!
ڳالهيون ڪندي مون ڪيئي سِرَ تي ڏک جا مينهڙا وسايَم.
پرين اوهان جي پار جا، ٿي ڏهاڙِي پنڌڙا پُڇايم.
سِڪ اَوهان جي سُپرين، ميان سارا ئِي سورَ سَلايم.
”سچل“ سي ئِي آئيا، جَن لَئي فالان روز وجھايَم.
ڪافي 5
تون تا پنهنجو پاڻَ پَساءِ،
شوقُ تنهنجو مون کي يار شتابي.
اَچي اکڙين ۾، جوڙي ويهِج جاءِ.
ناميا نانوَ ڌَڻِيءَ جي، پيرَ اَسان وٽ پاءِ.
اَڳي پوءِ ڀِي آسرو، هوت اَسان کي آههِ.
اَڄُ ڀِي واٽَ نهاريان، لالن تنهنجي لاءِ.
آءُ اڱڻَ آسروند جي، ”سچوءَ“ ڪيم سِڪاءِ.
ڪافي 6
هوتَ ڏٺئِي هيڏي اِيندا،
ڪيئن ساٿِي، مون کي سَچُ چَئو!
هُتئوُن پَٽِي پَکَڙا، هِت ڪي آڻي اَڏيندا!
پنهنجي وڙؤن پاڻَ سان، هيءَ غريب گَڏيندا.
ڏگَ ڀائِي سي سُپرين، ٿورياڻيءَ سان ٿيندا.
دردمند جي دل تي، دانَهه دستَ ڌريندا.
ڏوڙا طالعَ مون ٿِين، جڏهن ”سچو“ نانۡوُ سڏيندا.
ڪافي 7
يارَ پانڌي، ڙي ميان،
مِيَر ساٿِي، ڙي ميان،
ڪيچيڙا، ٻيليڙا، ڪڏهن اسان وٽ اِيندا!
هوندا اسان وٽ يارَ هميشه، ڪِي ڏکَ ڏيئي پوءِ ويندا؟
اِهو اَٿم آسرو، ڇوري تا نه ڇڏيندا.
صاحب پنهنجي ساٿَ سان، هيءَ غَريب گڏيندا.
پَکا پنهنجا، چئو ڙي ساٿِي، ڪي هِت عَجيب اَڏيندا؟
”سچو“ توکي سُپرين، پاڻ اچي هَٿُ ڏيندا.
ڪافي 8
تون آهين صاحب صورتَ جو، هِي آهه غلام تنهنجو؛
آهي ذوقُ شوقُ سُهڻا، مون کي مُدامُ تنهنجو.
جي آهن اصل اوهان جا، سي نا وسار جو، ميان،
مون تي آهي مُقرر، سائِين سلامُ تنهنجو.
راتو ڏينهنان روئڻ ۾، هنيَڙو اُداسُ هُيَڙو،
رهبر آڻي رساڻيو، پِريَم پيامُ تنهنجو.
دلگير تون مٿان ٿئين ڪر دور درد کي، ميان،
اول آخر اسان وٽ هوندو مَقام تنهنجو.
رد ڪر فنا فِڪر کي اُميدوار ٿِي رههُ،
هِت هُت يقين ڄاڻج، آهيان اِمام تنهنجو.
تون آهين اَصل اسان جو، آهيون اسين سي تنهنجا،
آهي قبول ڪُلِي ”سچو“ ڪلامُ تنهنجو.
ڪافي 9
ڏي دلاسو دوست هن کي، اَصل تنهنجو آهه، ميان!
هِت ٿي گُذاريان ڏينهڙا، سانولَ اوهان جي ساءِ، ميان.
غصو نه ڪر غمناڪ سان، نا ته حالَ هِنَ هاءِ هاءِ، ميان.
دلبر اوهان جي در بنا، جاڻي نه مُون ٻِي جاءِ، ميان،
جنهن کي نه تنهنجي دوستي، آهي اُنهيءَ واءِ واءِ، ميان.
ڏسِي اسان جو حالڙو، تون پير اسان وٽ پاءِ، ميان،
پاڄِي وٺي هيءَ پانهنجو، لالَن پنهنجي ڳل لاءِ ميان.
مطلب اهو محبوب ڪر، طالب نه هيئن تَرساءِ. ميان،
آهي دم اسان ديدارَ جو، ڪنهن وار تون ورساءِ، ميان.
راتو ڏينهان هُو تا تنهنجِيون، ڳالهيون ويٺو هِت ڳاءِ، ميان.
نيڻ کَڻُ نالي ڌڻيءَ جي، هي سگ ”سچو“ سَرچاءِ، ميان.
داستان ٻيو
majidbhurgri@yahoo.com