مهربان دوست گل آغا صاحب
وٽ سندن چاچي آغا غلام نبي گل حسن خان جي ترتيب ڏنل سچل سائين جي زندگي ۽ ڪلام
متعلق لکيل ڪتاب ”سچل سر مست“ جو 1933 ۾ ڇپيل ناياب نسخو هو ۽ انهن مهرباني ڪري
انهي جي ڪاپي به منهنجي عرض تي مون ڏانهن موڪلي. ان ڇاپي ۾ اعراب ڪونه هئا، پر ٻئي
هر لحاظ کان ڇاپي جي چُڪن کان پاڪ هو. ان کان علاوه سائين جي ڪلام ۽ زندگي
بابت ڪافي قيمتي مواد به منجھس آهي. پر جيئن ته انصاري صاحب جي تدوين ڪيل
نسخي ۾ انهي ڇاپي کي به مدنظر رکيو ويو هو، تنهن ڪري مون اهو وڌيڪ مناسب ڄاتو ته
انصاري صاحب جي ايڊيشن کي استعمال ڪجي. بهرحال جڏهن ۽ جتي نئين ڇاپي جي غلطين سان
واسطو پيو اتي آغا صاحب جي نسخي منهنجي مدد ڪئي. وقت ۽ وسائل اجازت ڏني ته آغا صاحب
جي ناياب ڪتاب کي انٽرنيٽ تي آڻبو، انشاالله.
ڳالھ اها به
هئي ته رسالي جي ڪمپيوٽر ڪتابت لاءِ جن ٻن مهربانن هي ڪم پنهنجي سر کنيو، انهيءَ
ڳالهه به اهو ضروري بڻايو ته اسان ٽنهي وٽ رسالي جو ساڳو ئي نسخو هجي ۽ اهو تڏهن ئي
ممڪن هو جو اهڙو ڇاپو چونڊجي جيڪو عام دستياب هجي. مون وٽ روشني پبليڪيشن جو ڇپايل
رسالو هٿيڪو هو سو دوستن کي عرض ڪيم ته هو به اهو ڇاپو وٺي ۽ ڪتابت شروع ڪن.
پروف
ريڊنگ جو ڪجھ ڪم اڃان به رهيل آهي، جيڪو جلد از جلد پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي.